ﻋﻤﻞ ﺻﺎﻟﺢ . ﻗﺮﺁﻥ ﻣﺠﻴﺪ ۾ ﺍﻧﻬﻦ ﻣﺎﮢﻬﻦ ﮐﻲ ڪﺎﻣﻴﺎﺑﻲ ﺟﻲ ﺑﺸﺎﺭﺕ ﻣﻠﻴﻞ ﺁﻫﻲ ﺟﻦ ﺍﻳﻤﺎﻥ ﺁﻧﺪﻭ ۽ ﻋﻤﻞ ﺻﺎﻟﺢ ڪﻴﺎ . ﺍﻳﻤﺎﻥ ﮀﺎ ﺁﻫﻲ؟ ﻋﻘﻠﻲ ﺗﻨﺎﻇﺮ ﺳﺎﻥ ﺍﻳﻤﺎﻥ ﺟﻮ ﻣﻄﻠﺐ ﺁﻫﻲ ﺍﻋﺘﺒﺎﺭ ڪﺮﮠ، ﺍﻋﺘﺒﺎﺭ ﻳﻌﻨﻲ ﺍﻟﻠﻪ ﺟﻲ ﺫﺍﺕ ﺗﻲ ﺍﻋﺘﺒﺎﺭ ڪﺮﻱ ﺍﻥ ﺟﻲ ﻭﺣﺪﺍﻧﻴﺖ، ﺣﻘﺎﻧﻴﺖ، ﻃﺎﻗﺖ ﮐﻲ ﺗﺴﻠﻴﻢ ڪﺮﻱ . ﺍﻥ ﮐﺎﻥ ﭘﻮﺀ ﻋﻤﻞ ﺻﺎﻟﺢ ڪﺮﻱ، ﻋﻤﻞ ﻣﻄﻠﺐ ڪﻢ، ڪﺎﺭڪﺮﺩﮔﻲ . ﺻﺎﻟﺢ ﺻﻠﺢ ﻣﺎﻥ ﻭﺭﺗﻞ ﺁﻫﻲ ﺟﻨﻬﻦ ﺟﻮ ﻣﻔﻬﻮﻡ ﺁﻫﻲ ﺑﻼ ﺍﺧﺘﻼﻑ ﻳﺎ ﻣﺘﻔﻘﻪ ﻳﺎ ﺭﺍﺿﭙﻲ ﻭﺍﺭﺍ. ﻋﻤﻞ ﺻﺎﻟﺢ ﻣﺎﻥ ﻣﺮﺍﺩ ﺍﻫڙﺍ ﻋﻤﻞ (ڪﻢ \ ڪﺎﺭڪﺮﺩﮔﻲ) ﺟﻴڪﻲ ﭘﻮﺭﻱ ﺍﻧﺴﺎﻧﻴﺖ ﻻﺀ ﻣﻌﺎﺷﺮﻱ ﻻﺀ ﻓﺎﺋﺪﻱ ﻣﻨﺪ ﻫﺠﻦ، ﺟﻦ ﮐﺎﻥ ڪﻨﻬﻦ ﮐﻲ ڪﻮ ﺑﻪ ﺍﻳﺬﺍﺀ ﻧﻪ ﺍﭼﻲ ﺟﻦ ۾ ڪﻮ ﺑﻪ ﺑﺮﺍﺋﻲ ﻧﻪ ﻫﺠﻲ ﺍﻫﻲ ڪﻢ ڪﻨﺪڙ ﺍﻧﺴﺎﻥ ﺋﻲ ﻣﻨﺰﻝ ﻣﺮﺍﺩ ﻣﺎﮢﻴﻨﺪﺍ. ﻣﻨﻬﻨﺠﻲ ﻧﻈﺮ ۾ ﺟﻴڪﻲ ڪﻢ ﺁﻫﻦ ﺍﻫﻲ ﻋﺎﻡ ﭜﻼﺋﻲ ﻭﺍﺭﺍ ڪﺠﻪ ﻫﻴﭟ ڏﺟﻦ ﭤﺎ. .1 ﮐﻮﻩ ﮐﻮٽﺎﺋﮡ \ﻧﻠڪﺎ ﭘﻤﭗ ﻫﮣﺎﺋﮡ ﺭﺳﺘﻦ ﺗﻲ 2 ﮔﺬﺭﮔﺎﻫﻦ ﻭٽ ﻭﮠ ﭘﻮﮐﺎﺋﻲ ﭘﺎﮢﻲ ﺭﮐﮡ .3 ﻣﺮﻳﺾ ﺟﻮ ﻋﻴﺎﺩﺕ ڪﺮﻱ ﻣﺎﻟﻲ ﻣﻌﺎﻭﻧﺖ ڪﺮﮠ .4 ﻏﺮﻳﺒﻦ ﺟﻮ ﻣﺪﺩ ڪﺮﻱ ﻣﺎﻟﻲ ﺳﻬﺎﺋﺘﺎ ڪﺮﮠ۽ ﺗڪﻠﻴﻒ ﻭﻗﺖ ڪﻢ ﺍﭼﮡ .5 ﺻﺤﺖ، ﺗﻌﻠﻴﻢ ﻻﺀ ﺳﻬﻮﻟﻴﺎﺕ ﻋﺎﻡ ڪﺮﮠ .6ﻳﺘﻴﻤﻦ ﻣﺴڪﻴﻨﻦ ﮐﻲ ﻣﺎﻧﻲ ﮐﺎﺭﺍﺋﮡ ۽ ﭔﻴﺎ ڪﺠﻪ ﺍﻫڙﺍ ڪﻢ ﺁﻫﻦ ﺟﻦ ﮐﺎﻥ ڪﻨﻬﻦ ﮐﻲ ﺑﻪ ﻧﻈﺮﻳﺎﺗﻲ ﻳﺎ ﺟﺎﺋﺰ ﺍﺧﺘﻼﻑ ﻧﻪ ﻫﺠﻲ ﺍﻫﻲ ﻋﻤﻞ ﺋﻲ ﺻﺎﻟﺢ ﺁﻫﻦ. ﭘﺮ ﺍﻫﻲ ڪﻢ ﻋﺼﺒﻴﺖ، ﺗﺒﻘﺎﺗﻲ ، ﻧﻈﺮﻳﺎﺗﻲ ﻣﻔﺎﺩﻥ ﮐﺎﻥ ﭘﺎڪ ﻫﺠﻦ