محمد خان سيال
سينيئر رڪن
اچو ته سڀ گڏجي پهرين آڪٽوبر 1988 جي ڪراچيءَ جي انهن اٽڪل 150 شهيدن کي ياد ڪريون جن کي سنڌي ٻولي ڳالهائڻ ۽ سنڌي هئڻ جي ڏوهه ۾، ڳولي ڳولي شهيد ڪيو ويو هو ـ تن ڏينهن ۾ سنڌ جو نگران وڏو وزير اختر جي قاضي مرحوم هو ـ
هڪ ڏينهن اڳ، 30 سيپٽمبر جو واقعو، جيڪو منهنجي خيال ۾ حيدرآباد ۾ انهيءَ ڪري ڪرايو ويو هو ته جيئن ملڪ ۾ رٿيل عام چونڊن ۾ اجائي دير وجھي سگھجي ڇاڪاڻ ته پنجابي اسٽيبلشمنٽ نه ٿي چاهيو ته عام چونڊون ٿين ۽ شهيد بينظير ڀٽو پهريون ڀيرو اقتدار ۾ اچي ـ
ڪراچيءَ ۾ مون پاڻ ڏٺو ته اٽڪل ٻن هفتن تائين، اهڙي حالت هئي جو ڪير به کليو کلايو سنڌي ٻوليءَ ۾ ڪونه ڳالهائيندو هو ـ مون کي ياد آهي شهيد ٿيندڙن ۾ هڪ اهڙو به ڪٽنب هو جيڪو پهرين آڪٽوبر تي صبوح جو سويرڪراچيءَ ۾ مين نيشنل هاءِ وي تي بس ۾ سفر ڪري رهيو هو جنهن ۾ عورتون ۽ ٻار به شامل هئا ـ
ڪراچيءَ ۾ سنڌين جي قتلام ۾ هڪ ڀيرو وري اردو اخبار جنگ جي باني ۽ ايڊيٽر مير خليل الرحمان جي ظاهري طور شرارت هئي جنهن 30 سيپٽبر تي ٿيل واقعي جي ٻئي ڏينهن ڪنهن به انڪوائريءَ کانسواءِ تڙتڪڙ ۾ پنهنجي حيدرآباد جي نمائندي زمان جي اها خبر هلائي ته حيدرآباد جي قتل ۾ قادر منگسيءَ جو هٿ آهي ـ
انهيءَ خبر، ڪراچيءَ جي سنڌين جي ٿيندڙ قتل تي، باهه تي پيٽرول هارڻ جو ڪم ڪيو ـ مون کي ياد آهي ته مون ۽ منهنجي پي آءِ اي جي پراڻي ۽ پياري ساٿي عزيز بلوچ مرحوم ڪيترا ڀيرا لي مارڪيٽ کان اسٽار گيٽ، پي آءِ اي وڃڻ لاءِ سفر ڪيو ته بس جنهن ۾ سارا مسافر سنڌي هوندا هئا تنهن تي موت جھڙو سناٽو ڇانئيل هوندو هو۽ ڪير به سنڌي ڪونه ڳالهائيندو هوـ
مان گذريل ڪيترن ورهين کان آڪٽوبر جي سنڌي شهيدن جي ياد ڏياريندو اچان پيوـ اچو ته انهن جي روح کي ثواب پهچائڻ لاءِ هڪ ڀيرو وري دعا گھرون ـ