• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    سنڌ سلامت جي انتظامي اي ميل تي روزانو پاسورڊ ري سيٽ ڪرڻ جون ڪافي درخواستون وصول ٿي رھيون آھن. جن تي خودڪار طريقي ذريعي اي ميل موڪلي رڪنن جا پاسورڊ ري سيٽ ڪيا پيا وڃن. ان باوجود ڪافي رڪنن کي پاسورڊ ري سيٽ ڪرڻ ۾ ڏکيائون اچي رھيون آھن. جيڪڏھن توھان سان پڻ ساڳيو مسئلو آھي تہ ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

تعارف

ادا توهان کي سنڌ سلامت جو رڪن ٿيڻ تي دل سان ڀليڪار ڪجي ٿو

تواهان جي شخصيت ته ڪافي مشهور آهي مهرباني ڪري هتي مڪمل تعارف پيش ڪريو

اميد ته سنڌ سلامت تي ساٿ سلامت رهندو
 
محترم حفيظ ڪنڀر کي سنڌ سلامت جي اڱڻ تي ڀليڪار ڪجي ٿي.

حفيظ ڪنڀر جهڙي ليکڪ، ڪالم نگار ۽ ڊراما نگار کي ڪير نه سُڃاڻي .... اها خوش نصيبي آهي جو ساڻس ڪجهه ڪچهريون ٿيون آهن. انهن ڪچهرين ۾ اسان جهڙن گهٽ علم رکندڙ دوستن ڪوشش ڪري حفيظ کي ئي ڳالهائڻ جو موقعو ڏنو ڇو ته هن وٽان گهڻو ڪجهه معلوماتي خزانو ملي ويندو آهي. سندس ڄاڻ ڪنهن هڪ موضوع تائين محدود ناهي هوندي.
حفيظ ڪنڀر جي فيسبوڪ وال يا سندس فيسبوڪ ٽائم لائين گهڻو متحرڪ رهندي آهي. هو ڪراچي ۾ هجي يا بدين ۾ يا وري ٿر ۾، دبئي ۾ هجي يا حيدرآباد ۾ گهڻو ڪجهه فيسبوڪ تي لکندو رهندو آهي. هو ڪجهه اهڙن فيسبوڪ فرينڊس مان آهي جن جي ٽائيم لائين تي روزانو ڀيرو ڀرڻ ضروري سمجهندو آهيان.

اميد ته پاڻ سنڌ سلامت تي به متحرڪ رهندا ۽ سندن اهي لکڻيون گوگل جي سنڌي سرچ ذريعي سڀني سنڌين کي آسانيءَ سان ملي وينديون.

سنڌ سلامت ساٿ سلامت
 
سنڌ جي ڀلوڙ ليکڪ حفيظ ڪُنڀر کي سنڌسلامت تي دل جي گهراين سان ڀليڪار...
 
Back
Top