لارڊ ميڪالي

'مختلف موضوع' فورم ۾ حفيظ ڪنڀر طرفان آندل موضوعَ ‏3 آڪٽوبر 2015۔

  1. حفيظ ڪنڀر

    حفيظ ڪنڀر
    فعال رڪن

    شموليت:
    ‏3 آڪٽوبر 2015
    تحريرون:
    8
    ورتل پسنديدگيون:
    22
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    53
    ڌنڌو:
    اسسٽنٽ پروفيسر
    ماڳ:
    حيدرآباد
    لارڊ ميڪالي جيڪو ھندستان ۾ جديد تعليم سميت ماڊرن قانون سازي جو بنياد رکندڙ ھو ان ھندستان جي روايتي تعليمي نطام تي تنقيد ڪۂي. عربي ـ فارسي ـ سنسڪرتي ۾ ترتيب ڏنل نصاب تي حيرت جو اظھار ڪيو.
    انگريزن کي حڪومتي ڪارواھنوار ھلائڻ لاءِ مقامي ماڻھن جي ضرورت ھئي ـ ان ڪري انگريزي جديد تعليم اڻ ٽر ٿي پئي ھئي. ٻي طرف ھندستان جي تعليم جو حال اھو ھو جو لارڊ ميڪالي جي تعليمي ريفارمس کان اڳ ۾ يورپ جي سائنسي ترقي کان ڪير بہ واقف نہ ھو. ڇا جو گليلو؟. ڪھڙو نيوٽن؟ ..ٻيو تہ ٺھيو پر مسلمان جن کي تعليم بابت مذھبي حڪم آھن انھن لاء بہ ابن سينا ـ ابن ھشيم. رازي. ابن رشد جھڙا عالم سائنسدان اجنبي ھئا عربي ـ فارسي ـ سنسڪرتي ۾ پڙھايو ويندڙ لٽريچر مسلم ـ غير مسلم ابادي کي جيئن پوء تيئن انھي ئي سياسي ـ سماجي ـ ثقافتي جمود جو شڪار بنايو بيٺو ھو جيڪو جمود اٺ سؤ سال مسلم حڪمرانن سماج تي مسلط ڪري رکيو ھو. مشرقي روايتن ثقافت جي وڪالت ڪندڙ لارڊ ميڪالي جي جديد تعليمي پروگرام تي تنقيد ڪري پنھنجي مشرقي شناخت کسجي وڃڻ تي روئندڙ ھندو توا جا اسڪالر يا مسلمانن ۾ اڪبر الھ ابادي کان وٺي علامہ اقبال جا چاھيندڙ اھو ڀلجي ٿا وڃن تہ ھندستان تي علمي تعليمي سماجي ثقافتي جمود جي انتھا اھا ھئي جو جڏھن گليلو يورپ ۾ سائنسي دريافتن جي ڏوھ ۾ سزا ڪٽي رھيو ھو تہ اسان وٽ اڪبر بادشاھ جي درٻار ۾ تانسين ويٺي راڳ سان راءِ ريجھايا. جڏھن نيوٽن ڪشش ثقل ۽ حرڪت جا قانون دريافت ڪري رھيو تہ اورنگزيب جي تلوار شيعن ـ پنھنجي ڀائرن ۽ صوفين جي رت سان رنگجي رھي ھئي . لارڊ ميڪالي ان دور م چيو تہ "ھتي جي مقامي ٻولين م جيڪو ٽوٽل علمي مواد آھي اھو يورپ جي ڪنھن لئبريري جي ھڪ ڪٻٽ جيترو بہ ناھي " ھن وڌيڪ چيو تہ " ھندستان ۾ اسان ٻارن کي اھڙو مواد ڪيئن پڙھايون جنھن موجب ھڪ ھڪ راجہ ـ مھاراجہ ٽيھ ھزار سالن تائين حڪومت ڪۂي آھي "ھن ھندستان ۾ رائج تعليم کي فضول قرار ڏنو ھو. ميڪالي اھو بہ چيو تہ " جنھن تعليم تي ھندستان جي ماڻھن کي فخر آھي اھا وقت جو ذيان آھي ...لارڊ ميڪالي انگلش جي مقابلي ۾ عربي توڙي سنسڪرت لاء اھو چيو ھو تہ...ھي ٻئي زبانون قصہ گوئي ۽ شاعري کان سواء ٻيو ڪوبہ معلومات جو زخيرو نٿيون رکن ...." شايد اھا ڳالھ ڪندي ميڪالي کان فارسي وسري وئي ھئي. ان وقت ۾ سنڌي زبان م شاعري ۽ ملفوظاتي مواد کانسواء ڪھڙا علمي ـ معلوماتي خزانا ھئا ....اھا ڳالھ آھي سوچڻ جي ...لارڊ ميڪالي جو دور پري ناھي ..ـ1835 ـ1857 وارو وقت ئي ياد رکو. ھندستان ۾ اھو دور مومن ـ استاد ذوق ـ غالب ء حالي جو دور آھي ..

    [​IMG]
     
    3 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  2. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,941
    ورتل پسنديدگيون:
    27,308
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    تمام سٺو لکيو اٿو ... سوچڻ ۽ سمجهڻ جو مقام آهي؟

    ڀلا اسان اڄ ڪٿي بيٺا آهيون؟ اسان جي سرڪاري يا نيم سرڪاري ادارن سائنسي حوالي سان ڪهڙي کوجنا يا جاکوڙ ڪئي آهي ... ؟؟؟ گهڻو ڪري سائنسي علم هاڻ انگريزي زبان ذريعي ئي پيو ملي.

    پر هاڻ اهي حڪم سي به ڪورٽن کان پيا ملن ته اردو ۾ لک پڙهه ڪيو ... ؟؟؟ ڇا اهي حڪم انگريزي زبان سکڻ ۾ نفسياتي طور رنڊڪون ناهن ؟؟
     
  3. منصور سرور

    منصور سرور
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏22 مارچ 2014
    تحريرون:
    1,412
    ورتل پسنديدگيون:
    3,245
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    323
    ڌنڌو:
    مارڪيٽنگ مينيجر ليدر گارمنٽس
    ماڳ:
    ڪراچي، سنڌ
  4. عرس پريو

    عرس پريو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏9 سيپٽمبر 2009
    تحريرون:
    2,765
    ورتل پسنديدگيون:
    2,737
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ماڳ:
    ڪراچي ( داد و )

هن صفحي کي مشهور ڪريو