لائبريري

'مختلف موضوع' فورم ۾ حفيظ ڪنڀر طرفان آندل موضوعَ ‏4 آڪٽوبر 2015۔

  1. حفيظ ڪنڀر

    حفيظ ڪنڀر
    فعال رڪن

    شموليت:
    ‏3 آڪٽوبر 2015
    تحريرون:
    8
    ورتل پسنديدگيون:
    22
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    53
    ڌنڌو:
    اسسٽنٽ پروفيسر
    ماڳ:
    حيدرآباد
    جنھن گھر ۾ لائبريري آھي ان گھر تي رحمتون ۽ برڪتون آھن علم خود مذھبي ٻولي ۾ رحمت ھجڻ گھرجي. جيڪو انساني سمجھ،فھم ۽دانش ۾ برڪتون وجھي ٿو .. ھڪ لحاظ کان اسانجي علم دشمن سماج ۾ ڌن دولت جي ريل پيل نمائشبہ آھي ـ تہ اھي مال ملڪيتون ڌن ذيان ٿيندي نظر بہ ايندا .. ڪروڙن جا بنگلا. محلات. ماڙيون. پيا ٺھندا ـ حرامخور ـ وطن دشمن ـانسان دشمن ـ سماج کي ڄؤرن وانگر چھٽل آفيسر، وڏيرا، ڪامورا، ڀوتار، عملدار پيا فارم ھاؤسن جي نالي ۾ عيش گھر ٺھرائيندا. محل نما رھائش ۾ ڪاڪوس خانو بہ لکنرپين جي لاڳت وارو ھوندو پر مجال جو ڪتابن جون ٻہ الماريون رکڻ لاء ڪو اڀرو سڀرو ڪمرو ٺاھن ـ مڙس والٽن اڪيڊمي جا تربيت يافته. يونيورسٽين ـ ڪاليجن مان شايد پوزيشنون بہ کنيل. ٽريننگون بہ جام. رهائي رسائي اٿي ويٺي واھ واھ .. پر ڪتاب نالي شيءِزندگي ۾ ٺھي نہ جڙي ٻي دولت جام پر علم.جھڙي دولت کان محروم. دماغ جو کيسو خالي ـ باقي بئنڪون ڀريل. ڪچھرين ـ محفلن ھلندي اتفاقي ڪا ڪتابي يا علمي ڳالھ نڪتي تہ مڙس جھڙا وائڙا ..محروم ئي مري ويا ماھر ٿي نہ مُئا.
    .. اھو حال رڳو ڪامورڪي ڪلاس جو ناھي پر پڙھيل ـ ڊگري يافته لڏي جو پنجانوي سيڪڙو ڊگري وٺڻ کان پوء جاھل ٿيڻ لاء اھڙيون محنتون ٿو ڪري جو وڃي ٿيا ست خير. ڪتابن کان خالي محلات کان اھا جُھڳي ڀلي جنھن ۾ ڪنھن ڪاٺ جي پيتي ۾ پنج ڪتاب پيل ھجن ..ھي مٺي مھيري جي لائبريريآھي. جنھن ۾ دنيا جي ڪيترن ڏاھن ـ دانائنجا دماغ ـ انھن جون سوچون ـ خيال ـ فڪر ـ ڪتابن جي شڪل ۾ ھن سان گڏ ھجن ٿا. ھر وقت سڀ ڪتاب آتا ھجن ٿا تہ ڪير اسان کي ڇھي. کڻي. ڏسي ـ ۽ پڙھي .... بند ڪتاب ۽ پٿر ۾ فرق نٿو ھجي.

    [​IMG]

    مٺي مھيري جي ھٿ ۾ لطيف صاحب جو عربي ترجمي سان رسالو آھي ...

    [​IMG]
     
    5 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  2. عاشق سولنگي

    عاشق سولنگي
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏20 مئي 2010
    تحريرون:
    5,689
    ورتل پسنديدگيون:
    1,190
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    ًپاڪ نيوي
    ماڳ:
    شڪارپور/ مدئجي
    اسان علم ادب کان پاسيري ڪيا ويا آھيون، ڄمندي کي غربت ۽ مفلسي ضرورت اسان جي چيلھ اھڙي ته ڀڳي آھي جو مرڻ کان بعد سھي ڪون ٿيندي.
     
  3. چانڊيو عبدالرحيم

    چانڊيو عبدالرحيم
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏21 سيپٽمبر 2015
    تحريرون:
    94
    ورتل پسنديدگيون:
    188
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    83
    ڌنڌو:
    زميندار
    ماڳ:
    ڪڙيو گهنور،ضلع بدين سنڌ
    ها سائين ڇو ن ،

    اڃا ڪي آهين ڪل جگ ۾ ڪاپڙي
    بلڪل محترم مٺو مهيري صاحب هڪ علم شناس
    ۽ يارن جو يار آهي
     
  4. نظام الدين ڪٽوهر

    نظام الدين ڪٽوهر
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏27 سيپٽمبر 2015
    تحريرون:
    9
    ورتل پسنديدگيون:
    22
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    پورهيت
    ماڳ:
    جيڪب آباد
    علم کي صرف علم تائين محدود ڪري ڪنهن نصاب جيان ڪو ڪتاب پڙهڻ سان نه ته فهم وڌي ٿي نه دانش. ڪتابن سان چاه اديبن سان پيار ڪري پنهنجي زندگي جون فرصت واريون گهڙيون ڪتابن جي مطالعي ۾ گذارڻ سان زندگي جي عرصي ۾ واڌ اچي ٿو. جيڪو به ڪتابن کي پڙهي، پرکي، نئون فڪر اختيار ڪندو ته اهو يا مارڪسي سوچ يا نيوٽن جهڙو تجربيڪار ٿي پوندو. انسان جي ذهانت تي نه ته هٿيار انقلاب آڻي سگهن ٿا نه ئي ڪنهن جو دهشت پر ڪتابن جا ورق من موهيندڙ سٽون انساني سوچن ۾ تبديليون آڻن ٿيون. تنهن ڪري ڪتابن سان پيار ڪري مطالعو ڪرڻ گهرجي ۽ هر مطالعي کان پوء ان تي عمل ڪرڻ جي ڪوشش ڪرڻ گهرجي.
     
  5. نظام الدين ڪٽوهر

    نظام الدين ڪٽوهر
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏27 سيپٽمبر 2015
    تحريرون:
    9
    ورتل پسنديدگيون:
    22
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    پورهيت
    ماڳ:
    جيڪب آباد
    هي دنيا تبديل ٿيندو رهي ٿو ان ۾ تبديليون ڪتابن جي دم سان اچن ٿيون.ڪتابن جو بهترين گهر دارلڪتب آهي. هر باشعور باسمجه دانشمند جي گهر ۾َدارالڪتب جو هجڻ سندس جي علم جي اهڃاڻ ظاهر ڪري ٿو.
    اچو ته پنهنجي گهرن ۾ خوبصورت دارلڪتب کولي ناياب ۽ معلوماتي ڪتاب پڙهون.
     
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  6. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,941
    ورتل پسنديدگيون:
    27,308
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    مونکي ريما کي لکيل خط ياد پيا اچن ، جن ۾ شايد ٻه قسطون صرف لائبرري تي لکيل هيون
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو