ٽريو ڪالر دنيا ۾ موجود گهڻن ئي ائپسن مان هڪ آهي. هن ائپ ذريعي توهان جي موبائيل فون ۾ نمبر سيو نه هجڻ جي صورت ۾ به ان جي مڪمل معلومات ڏيندي ته توهان کي ڪير ڪال ڪري رهيو آهي،جنهن جو مطلب اهيو ٿيو ته هر ان ڪالر جي معلومات حاصل ڪري سگهو ٿا. توهان ان ڪال کان به بچي سگهو ٿاجيڪا توهان ٻڌڻ نه ٿا چاهيو،يا توهان ڪنهن اهم ڪالر کي ترجيع ڏئي سگهو ٿا. صرف اهيو ئي نه بلڪه توهان پنهنجو وقت ۽ پئسو بچائي ڪري جعلي ڪالز کان بچي سگهو ٿا. ٽريو ڪالر جو اردو ورزن به متعارف ڪرايو ويو آهي،جنهن سان هاڻي توهان پنهنجي قومي ٻولي اردو ۾ ٽريو ڪالر کي آساني سان سمجهي ڪري استعمال ڪري سگهو ٿا. ٽريو ڪالر کي ڊائونلوڊ ڪرڻ لاءِ پلي اسٽور مان انسٽال ڪري هن حيران ڪندڙ ائپ مان ڀرپور فائدو وٺو.
هتي ته خبر ناهي تُرڪي ۾ ان کي استعمال ڪندي ڏٺو هو ماڻهن کي. منهنجي خيال ۾ ڪال ڪندڙ جو نمبر جنهن نالي سان رجسٽرڊ آهي ان جا تفصيل ايندا. ايئن نه؟