بَرُ مِڙوئِي بُوءِ، ڇَپَرَ ڇاٽُون مُڪِيُون
ٻَھَ ٻَھَ ٿِي ڀَنڀورَ ۾، هَنڌَ مِڙيئِي هُوءِ
راڻِنِ وَرِي رُوءِ، گُندَرَ لَٿا گولِيَين
سُرُ دَيسِي سَسُئِي
بَرُ = رڻ، پٽ، بيابان، ميدان
بُوءِ = ڇَٽَ، ڌپ، هڳاءُ، مهڪ، هٻڪار
ڇَپَرَ = جبلَ
ڇاٽُون = ورکائون، بُويُون، خوشبويون، سرهاڻيون
مُڪِيُون = موڪليون
ٻَھَ ٻَھَ = خوشيءَ جي لهر، واھ واھ
هَنڌَ = ماڳ، مڪان، جايون
هُوءِ = هڳاءُ، خوشبو، سڳنڌ، سرهاڻ
راڻِنِ = شهزادين، امير گهراڻن جون نوجوان ڇوڪريون
وَرِي = موٽي آئي، ڦهلجي وئي
رُوءِ = صورت، شڪل، رونق
گُندَرَ = غمَ، درد
گولِيُنِ = ٻانِهيُنِ جا
بيت جو پس منظر
~ سڄو بيابان خوشبوءَ سان واسجي ويو آهي، پهاڙن مان سڳنڌي هوائون پيون گُهلن.
~ ڀنڀور ۾ خوشيءَ جي لهر ڦهلجي وئي آهي، سڀ ماڳ خوشبو خوشبو ٿي ويا آهن.
~ شهزادين جي چهرن تي سرهائي آهي، ٻانهين جا غم لهي ويا آهن.
سمجهاڻي
سسئيءَ جي سونهن ۽ سوڀيا جي هاڪ جڏهن ڪيچ مڪران تائين پهتي تہ آري ڄام جو پٽ پنهون پرپٺ سسئيءَ کي دل ڏيئي ويٺو هئو. هڪدم واپاريءَ جو ويس ڍڪي، قافلو سنڀرائي، مشڪ، عنبير ۽ خوشبووئن جا انبار ساڻ ڪري اچي ڀنڀور پهتو هو.
پنهونءَ سان سسئيءَ جي پهرئين ملاقات بہ ڀنڀور جي بازار ۾ خوشبو خريد ڪندي ٿي هئي. اڄ ڀنڀور خوشبوءُ سان واسجي ويو آهي، برپٽ، بيابان خوشبو خوشبو ٿي ويا آهن. پهاڙن مان سرهاڻين سان واسيل سڳنڌي هوائون گُهلي رهيون آهن. ڀنڀور جي بازارين ۾ رونقون وڌي ويون آهن، خوشبووئن جا دڪان کلي ويا آهن. مڙيئي ماڳ، مڪان ۽ جايون معطر معطر ٿي ويون آهن.
ٻانهين جا درد دور ٿيا آهن، امير توڙي غريب سرهائي پيا محسوس ڪن. شهزادين جي حسين چهرن تي مرڪون وکيرجي ويون آهن.
چونڊ، تحقيق ۽ تشريح محترم مظفر منگي صاحب جي ٿورن سان سندس فيسبوڪ وال تان ورتل
____