بلدياتي اليڪشن ۽ سنڌ جي ضلعي ڪنڌڪوٽ جو سياسي وچور....

'حالاتِ حاضره' فورم ۾ رسول بخش دائودپوٽه طرفان آندل موضوعَ ‏5 آڪٽوبر 2015۔

  1. رسول بخش دائودپوٽه

    رسول بخش دائودپوٽه
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏10 مارچ 2011
    تحريرون:
    1,691
    ورتل پسنديدگيون:
    2,296
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    483
    ڌنڌو:
    job
    ماڳ:
    karachi
    اچو ته ڪنڌڪوٽ جي سياسي تدبر جو اونو ڪريو وچور ڪريون

    ______________________________________________

    هي ضلعو پهرين جيڪب آباد جو حصو هيو جنهن ۾ هلندي وڏو وقت گذريو پو ضرورت محسوس ڪئي وئي ته هن ضلعي ۾ هڪ ٻيو ضلعو جوڙجي جنهن ۾ هي ڪنڌڪوٽ تاريخي پسمنظر ۽ آبادي جي لحاظ کان بلڪل پورو گهرج مطابق ضروري هيو ...

    پر ان وقت هن هزار خان جو پٽ هن ضلعي جو ناظم هيو جنهن هن ڪنڌڪوٽ ضلعي جي نهن چوٽي تائين مخالفت ڪئي ۽ پنهنجي پٽ جيڪو هن وقت به ايم اين اي آهي جي مفاد خاطر هن عوام جي گهرج عوام جي مفاد کي پنهنجي ذاتي مفاد تي قربان ڪرڻ جا حيلا هلايا ....اتي هي سنڌ جو سنوپرو سياستدان جهونو سردار مرحوم مير سندر خان سمجه کان ڪم وٺندي عوام جي ديرينه خواهش تحت گهر ڪندي جدو جهد ڪئي ته هي ضلعو ٺهڻ گهرجي عوام جي سهولت خاطر ....ايتري تائين جو احتجاج ڪندي پاڻ کي ساڙڻ جي ڌمڪي به ڏنائين هي هڪ جدوجد جنهن آخر رنگ لاتو ۽ ڪنڌڪوٽ ضلعو ٿيو ....مبارڪون مبارڪون

    هي ڪوششون سندراڻي سردار ڪيون جيڪو عوامي امنگن کي سمجهي رهيو هيو ۽ هو هزار خان هن ضلعي ٺهڻ جو ئي انڪاري ۽ منڪر هيو ۽ پو ڪهڙي منهن سان هن ضلعي ۾ سياست ڪرڻ هليو آ ...عوام پڇي ٿو

    ان کان علاوه هن هزار خان هر حڪومت ۾ پو اها عوامي هجي نگراني واري هجي يا فوجي هجي هميشه حڪومتن ۾ رهيو آ پرررررررررر عوام ۽ هن علائقي کي تباه و برباد ڪندي ڪا ڪسر نه ڇڏي آ

    ٻيو ته ڇڏيو هن ڪنڌڪوٽ ۾ تعليم لاءِ جيڪو ٽيڪنيڪل ڪاليج ٺهيو سو بدلايو ويو هتي هاڻي هن صاحب موصوف جي تدبر سان هڪ ڪيڊت اسڪول جو بنياد رکيو ويو آهي جنهن ۾ به هن جو صرف مفاد نظر اچي رهيو آهي ۽ تعليم دشمن ڪردار ڀرپور واضع آهي..........

    پهرين ته هي شهر کان ڪهين ڏور جهنگ ۾ هن جو بنياد رکيو ويو.....!!!!!!

    ٻيو ته هي هڪ چهنر کڏ ۾ ذمين ورتي وئي جيڪا هن موصوف جي پنهنجي هئي مڇي جو فارم هيو اتي هنن تمام مٽي وجهي ڀراءُ ڪيو آ پر تڏهن به هي روڊ جي ستح کان تمام هيٺ آهي جنهن سان هي پيسي جو ذيان ته چئبو پر ڪو تعليم دوست قدم نه سڏبو اڄ به دوست هن جي صورتحال ڏسي سگهن ٿا ۽ پو پنهنجي راءِ ڏين ته هي پروجيڪٽ تعليم دوست آ يا پنهنجي مفاد خاطر پيسن ۽ تعليم جو نقصان آ...

    هن ڪنڌڪوٽ شهر جي ماڻهن هن هزار خان جو خبر نه آهي ته ڪو ڏوه ڪيو آ يا ڪا هنن کان خطا ٿي وئي آ جو هي هر ٻوڏ جي وقت ڪوششون ڪري شهر کي ٻوڙائڻ جو اونو ڪندو رهندو آ

    پوئين مها ٻوڏ ۾ جڏهن هن واضع طور اعجاز جکراڻي کي فون جي ذريعي چئي رهيو هيو ته

    اي جهلا هنڌا ٽوڙيا ڪٽا دئي ....معنيٰ ته ها هن ٽوڙي جي ويجهو دريا کي ڪٽ ڏيو ...

    اهو اتي بس نه ٿو ڪري وري جڏهن انڙ ۽ بيگاري جي وچ ۾ پاڻي وهڪرو ڪيو ته هن انڙ ڪينال کي ٽوڙڻ جون ڪوششون ورتيون ۽ جنهن تي هن سمجهدار سردار مير عابد خان ضد ڪري بيهي رهيو ۽ اعلان ڪيو ته منهنجو ڳوٺ ٻڏو آ پر مان شهري آبادي کي پريشان ڪرڻ نه ٿو گهران ۽ اچو منهنجو ساٿ ڏيو پاڻ ٻوريون مٽيءَ جون پنهنجي هٿن سان کڻي کڻي انڙ جو ڪنارو مضبوط ڪيو ۽ شهر ڪنڌڪوٽ کي ٻوڏ جي نقصان کان بچايو ...ها صرف بچايو نه پر هتي رهيل ماڻهن جي سهائتا ڪئي سنڀار ڪئي برياني جو ديڳيون ورهائي عوام کي سک پهچايو ...اهو واقعو هڪ اسان لاءِ قيامت صغرا هيو هن ۾ ڪنهن کي هونش هيو ئي نه هر هڪ نفسا نفسي ۾ هيو ۽ هي سردار عوام جي لاءِ موج دريا ۾ ٻيڙين تي چڙهي لحرن ۾ لڙهندي عوام جي ڇڏي آيل مال ملڪيت گهرو سامان جو خيال ڪندو رهيو.........

    ڪنڌڪوٽ وارن جي لاءِ وري هن سال به هزار خان ڪي ڪي بند کي ٽوڙڻ جو پورو پروگرام ڪري آيو هيو پر هن ڏاهي شخص راتين جون راتيون ڪڏهن موٽر سائڪل تي ته ڪڏهن ڪار ۾ ته ڪڏهن جيپ ۾ مختلف روپن ۾ بند جي سار سنڀار لڌي ۽ پنهنجي تڪ جي عوام سان محبت جو اٽوٽ حصو رهيو ....

    هي آ عوم دوستي ...

    ها هي هن جو ڀاءُ راشد خان جيڪو تعلقه ناظم هيو هن جي دور ۾ ڪشمور کان ٺل غوثپور ايندڙ روڊ ۽ ريڪس سينيما کان هيبت وارو روڊ ري سرفيس ڪيو ويو گڏوگڏ ڊرينيج سسٽم سان سنهين گهٽين ۾ ٽف ٽائل جو نه کٽندڙ سلسلو جوڙيو ۽ پبلڪ پارڪ جوڙيو ۽ اسٽريٽ لائيٽس جو اهڙو شاندار نظام ڏنو جو شايد ڪنهن شهر جو هجي ۽ مناسب جڳه تي بس ٽرمينل منتقل ڪيو ۽ شهر جي ميونسپالٽي لاءِ هڪ وڌندڙ پيسن جو ذريعو دڪان ۽ ٺيلها وڌايا جنهن سان شهر جي آمدني وڌي ...پر ان کان پو مخالف ۽ نساسڪ جي نا اهلي پوري شهر صرف ڪنڌڪوٽ نه پر سنڌ جي هر شهر ۾ ڀنگن کان بيک ڪڍرائي ڇڏي جن شهر جا گٽر هر هر بند ڪري گٽر اٿلڻ جو سبب بڻيا ۽ شهر گندي پاڻي جي ور چڙهي ويو ۽ روڊن لاءِ هي گندو پاڻي انتهائي نقصان ڏيندڙ هوندو آهي جيڪو روڊ جي اروين جو سبب بڻيو ....

    هي سندراڻي سردار همٿ حوصلي جو ماڻهو آهي ماڻهپي جو ماڻهو آهي هن جو ساٿ ڏيڻ عوام لاءِ سک جو سبب آهي هي سچو سرويچ آهي هي هڪ صابرين سر دار آهي ڪيترائي قصا هن سان منصوب آهن جن سان هن جي ڏاهپ دور انديشي همٿ مڙدانگي ۽ پنهنجي عوام سان نينهن وارو رشتو سمجه ۾ اچي ٿو


    ووٽ تير جو وقت جي ضمير جو

    صرف آهي مير جو صرف آهي مير جو


    مير عابد خان زنده آباد

    مير راشد خان زنده آباد


    فقط

    ڪنڌڪوٽ جو عوام
     
  2. عزيزالله ميمن

    عزيزالله ميمن
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏17 نومبر 2012
    تحريرون:
    147
    ورتل پسنديدگيون:
    111
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    413
    ڌنڌو:
    Retired form govt.
    ماڳ:
    ميمن گوٽ ماير
  3. رسول بخش دائودپوٽه

    رسول بخش دائودپوٽه
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏10 مارچ 2011
    تحريرون:
    1,691
    ورتل پسنديدگيون:
    2,296
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    483
    ڌنڌو:
    job
    ماڳ:
    karachi
    سائين هي سياست ڪرڻ معنىىٰ هتي پنهنجي پسند جا ماڻهو اليڪشن ۾ کٽرائڻ ۽ پاڻ هن ضلعي ۾ نمائدو ٿيڻ طرف اشارو آ ...
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو