• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

سنڌي ڪافي

سنڌي ڪافي

__________


تو لئه سڪ سرير اهڙا جيءَ ۾ جهير

اديون چڪن چاڪ منڙو موهيو مير

منڙو تو لئه ماندو وقت ڪين ڪي واندو

ايندم سڄڻ سڪ مان هلي واءُ پئي هير

واندي ٿي ٿي واجهايان لڪي ليئڙا پايان

ٺاهي پاڻ کي ٺاهيان ايندم مڙس امير

اديون قرب ڪٺل هان جيئري ڪين مئل هان

جاڳيل ڪين ستل هان ايندم يار اسير


رسول بخش دائودپوٽه
 
Back
Top