محمد خان سيال
سينيئر رڪن
11 اپريل 2015 تي تربت ۾ شهيد ٿيل سنڌي پورهيتن کي 6 مهينا گذرڻ باوجود سندن وارثن کي معاوضوڪونه مليو آهي ـ بلوچستان جي وڏي وزير ڊاڪٽر مالڪ بلوچ، شهيدن جي وارثن کي ڏهه ڏھه لک روپيا ڏيڻ جو وعدو ڪيو هو پر ذري گھٽ ڇھه مهينا گذرڻ جي باوجود هن پنهنجو وعدو ڪونه پاڙيو آهي ـ حيرت آهي ته ڊاڪٽر مالڪ بلوچ اعلانيل معاوضي ڏيڻ ۾ نٽ نٽاءُ کان ڇو ٿو ڪم وٺي؟ ياد رهي ته بي ايل ايف جي سربراهه ڊاڪٽر الله نذر بلوچ، شناختي ڪارڊ چيڪ ڪري 20 سنڌي ڳالهائيندڙ پورهيتن کي بيدرديءَ سان شهيد ڪري ڇڏيو هو ۽ ساڳي پراجيڪٽ تي ڪم ڪندڙ بلوچ اهلڪارن کي انهيءَ ڪري سر جيئدان ڏنو هو ڇاڪاڻ ته هو بلوچي ڳالهائيندڙ هئا ـ پوءِ، بي بي سي کي انٽرويو ڏيندي لعنتي ڊاڪٽر الله نذر بلوچ وڌيڪ سنڌي پورهيتن کي قتل ڪرڻ جي ڌمڪي ڏني هئي پر گذريل عيدالفطر جي ڏينهن، فوج ماشڪيَ ۾ ٽيون ڀيرو آپريشن ڪري بيگناهه 20 سنڌي پورهيتن جي قاتل منحوس ڊاڪٽر الله نذر بلوچ کي جهنم رسيد ڪري ڇڏيوـ
http://e.jang.com.pk/10-05-2015/karachi/pic.asp?picname=20_11.gif
http://e.jang.com.pk/10-05-2015/karachi/pic.asp?picname=20_11.gif