آثم ناٿن شاهي: هڪ جدت پسند شاعر

'سنڌي شخصيتون' فورم ۾ سليمان وساڻ طرفان آندل موضوعَ ‏6 آڪٽوبر 2015۔

  1. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,938
    ورتل پسنديدگيون:
    27,305
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي

    [​IMG]

    آثم ناٿن شاهي:

    غلام رسول سولنگيءَ جو ادبي نالو آثم ناٿن شاهي هو. هن 2 جنوري 1937ع تي ڳوٺ کاٿڙي تعلقي خيرپور ناٿن شاهه ضلعي دادوءَ ۾ الله بخش سولنگيءَ جي گهر ۾ جنم ورتو هو. سندس شمار ناليوارن شاعرن ۾ ٿئي ٿو. آثم ناٿن شاهي پنج درجا سنڌي پڙهڻ کان پوءِ عربي ۽ فارسي تعليم پنهنجي ناني مولوي فيض محمد ”پريشان“ ۽ لاڙڪاڻي ضلعي جي ڳوٺ الهرکيي جلباڻيءَ جي مدرسي ۾ حاصل ڪئي. پيشي جي لحاظ کان پاڻ ڪڏهن مزدوري، ڪڏهن کيتي ته ڪڏهن خانگي ملازمت ڪري گذر سفر ڪندو رهيو. کيس ننڍپڻ کان ئي شعر و شاعريءَ سان لڳاءُ رهيو. 1962ع کان پوءِ نالي واري شاعر ”محسن“ ڪڪڙائيءَ جي اصلاح هيٺ شعر چوڻ لڳو. ”بزم طالب الموليٰ“ شاخ خيرپور ناٿن شاهه سان وابسته ٿي علمي، ادبي سرگرمين ۾ حصو وٺڻ لڳو. 1963ع ۾ ”محسن ڪڪڙائي“ سان گڏجي ”اداره فلاح و بهبود خيرپور ناٿن شاهه“ قائم ڪيائين ۽ هڪ لئبرري به کوليائين. سندس شاعري جا ٽي مجموعا ”جڏهن اُلا اُڀ ۾“ (1994ع) ۽ ”لهرون لهرون لاٽ“ (1998ع ۾ مارئي اڪيڊمي سڪرنڊ) ۽ ”ڇا چيس آئيني؟“ (رم جهم پبليڪيشن دادو طرفان) شايع ٿيا آهن. کيس ادبي خدمتن جي مڃتا طور ”ڪينجهر ادبي بورڊ“ (1994ع) ۽ سنڌي ادبي سنگت طرفان سندس ڪتاب تي نقد انعام مليا . سندس وفات 6 آڪٽوبر 2006ع تي ٿي.

    انسائيڪلوپيڊيا سنڌيانا جي ٿورن سان
     
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  2. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,938
    ورتل پسنديدگيون:
    27,305
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    غزل

    آثم ناٿن شاهي

    پٿر ٿا هڻن مون کي شيشي مان ٺهيل ماڻهو،
    دل ۾ ٿا وڃن لهندا وسڪيءَ ۾ ٻُڏل ماڻهو.

    پردي جي پٺيان ويهي پُتليون ٿو نچائي ڪو،
    رونشو ٿا ڏسن بيٺا خچرن تي چڙهيل ماڻهو.

    ڪنهن ٻُڪ ۾ وتا ناهن، ڪنهن جهول جهليا ناهن،
    لڙڪن جي ڦڙن جهڙا اکين مان وهيل ماڻهو.

    جي پاڻ رواجن جي ٽياسن تي ڏنگيل آهن،
    اڳتي نه وڌي سگهندا، سي پٺتي رهيل ماڻهو.

    هڪ پيڙ هجي ڦٿڪن، ڪجهه درد هجن روئن،
    سُڏڪا به ويا ڀُلجي ڳڻتين ۾ ڳهيل ماڻهو.

    جن قتل ڪيا تن سان ڀي سڱ نه ٽوڙيائون،
    قبرن ۾ ويا گهلي جيئرن کي مُئل ماڻهو.

    ليکو ٿا ڪيون ويهي ’آثم‘‘ ته زماني ۾؛
    پڙهيلن ۾ هزارين آهن ”ڄٽ پڙهيل“ ماڻهو.​
     
    3 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  3. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,938
    ورتل پسنديدگيون:
    27,305
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    قاضي منظر حيات صاحب لکي ٿو:
    هي سٽون سائين آثم ناٿن شاهي، ضيائي دؤر جي ظلم بربريت ، گھٽ ـ ٻوسٽ دوران لکيون هيون. پس منظر ۾ سارو سياسي وايومنڊل اهو ئي آهي. سال 1987 ـ 88ع ڌاران ڪراچيءَ ۾ تدريسي سلسلي سان گڏ ساهتي سماجي سرگرمين ۾ سائين بدر قريشي وٽ نرسري ۾ روزانو وڃڻ ادبي شخصيتن سان اُٿڻ ويهڻ کان سواءِ هلال پاڪستان جي آفيس ۾ بدر ابڙو، فقير محمد لاشاري، هدايت منگي، شڪور نظاماڻي،عطا محمد قريشي، نقاش، نصير اعجاز ۽ ٻين اهل ـ قلم ۽ اهل ـ علم سڄاڻ شخصيتن سان ويجھڙائيءَ قلمي ـ علمي اعتماد وڌايو ته همت افزائي سان پنهنجين صلاحيتن کي اجاگر ڪرڻ جو ماحول به مهيا ڪيو.
    هلال پاڪستان جي هفتيوار مئگزين جو انچارج انهن ڏينهن ۾ محترم نصير اعجاز هئو، ان شاعري جا صفحا ڄڻ ته مونکي سونپي ڇڏيا هئا. چونڊ، سٽاءُ، اکرَ (ڪئليگرافي) سڀ جا سڀ خفا پنهنجي ليکي، هو جيئن جو تيئن ڇاپڻ لڳو. پوءِ ته استاد بخاري، سرڪش سنڌي، بدر قريشي، مقصود گل، سرمد چانڊيو ۽ ٻين ڪيترن ئي مزاحمتي شاعرن جون سٽون اهڙي دؤر ۾ ڇاپيون ويون! اهي شايد ڪنهن وٽ محفوظ هجن....
    پراڻا پنا اٿلائيندي ڪجهه شيون مليون آهن، هي به انهيءَ دؤر جي يادگار تخليق آهي، سائين آثم ناٿن شاهيءَ جي ورسي ڏينهن تي دوستن سان شيئر ڪجي ٿي.
    (قاضي منظر حيات)

    شاعري : آثم ناٿن شاهي
    چونڊ، ڪئليگرافي ۽ سٽون : قاضي منظر حيات

    [​IMG]
     
    3 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  4. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,938
    ورتل پسنديدگيون:
    27,305
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    رباعيون......سائين آثم ناٿن شاهيءَ جون!
    ( نماڻي سارَ سندس ورسي حوالي سان)

    هي رباعيون 1986ع ۾ روزاني ”هلال پاڪستان“ ڪراچيءَجي هفتيوار مئگزين ۾ ڇپيون هيون ،جنهن جو انچارج سائين نصير اعجاز هئو، هن منهنجي اکرن کي پذيرائي ڏيندي شاعراڻي مواد کي جيئن جو تيئن هلائي منهنجي ڏات جي قدرداني ۽ همت افزائي ڪئي هئي.
    هي رباعيون پڙهڻ کانپوءِ اڄ جي حالتن سان به ٺهڪندڙ نظر اچن ٿيون......ان جو مطلب اهو آهي ته سنڌ سدائين سورن ۾ آهي، حاڪمَ هر دؤر ۾ سنڌ جو استحصل ڪندا رهن ٿا!!!

    شاعري : آثم ناٿن شاهي
    چونڊ، ڪئليگرافي ۽ سٽون : قاضي منظر حيات


    [​IMG]


    [​IMG]
     
    3 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.

هن صفحي کي مشهور ڪريو