• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    سنڌ سلامت جي انتظامي اي ميل تي روزانو پاسورڊ ري سيٽ ڪرڻ جون ڪافي درخواستون وصول ٿي رھيون آھن. جن تي خودڪار طريقي ذريعي اي ميل موڪلي رڪنن جا پاسورڊ ري سيٽ ڪيا پيا وڃن. ان باوجود ڪافي رڪنن کي پاسورڊ ري سيٽ ڪرڻ ۾ ڏکيائون اچي رھيون آھن. جيڪڏھن توھان سان پڻ ساڳيو مسئلو آھي تہ ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

ائنڊروئيد مارش ميلو 6.0 متعارف ٿي ويو

فاروق سومرو

سينيئر رڪن
مشهور ڪمپني گوگل پاران پنهنجو نئون موبائيل آپريٽنگ سسٽم ائنڊروئيد مارش ميلو متعارف ڪرائي ڇڏيو

images
هن نئين آپريٽنگ سسٽم ۾ ڪيترائي نوان فيچرز متعارف ڪرايا ويا آهن،جن جو مختصر تعارف هيٺ ڏجي ٿو.
  • now on tap ائنڊروئيد جو ڊجيٽل اسسٽنٽ آهي،جنهن جي.ذريعي توهان ڪنهن به اپليڪيشن کي استعمال ڪندي هر قسم جي ڳولا ڪري سگهو ٿا.
  • مختلف ايپس ۾ ڪروم برائوزر جو ٽيب شامل ڪيو ويو آهي.
  • جڏهن توهان جو فون استعمال ۾ نه هوندو ته بئٽري بچائڻ لاءِ ان کي تقريباَ بند ڪري ڇڏيندو
  • سيڪيورٽي جي بئٽري لاءِ هن ۾ فنگر پرنٽ جو فيچر متعارف ڪرايو ويو آهي
  • هن آپريٽنگ سسٽم ۾ نئين ايجاد ٿيندڙ usb-c type کي سپورٽ ڪندو
  • ڪنهن به اپليڪيشن کي ڊائونلوڊ يا يا اپديٽ ڪرڻ تي توهان طئي ڪري سگهندو ته هي فون ڪن ريسورسز تي استعمال ڪري سگهندو.
  • ڊاريڪٽ شيئر جي فيچر جي مدد سان صرف هڪ ڪلڪ ڪرڻ سان تصويرون،ويڊيوز وغيره شيئر ڪري سگهو ٿا.
في الحال هي نئون ورزن نيڪس فونن ۽ ائنڊروئيد ون فونن لاءِ جاري ڪيو ويو.باقي ٻين فونن مثلآ سامسنگ،سوني،ايڇ سي ٽي موٽرولا ۽ ٻين فونن لاءِ جلد جاري ٿيندو.


 
انتظامي رڪن طرفان آخري ترميم:
سائين توهان پلي اسٽور تان مارش ميلو جو لانچر انسٽال ڪيو آهي.باقي توهان جي فون ۾ ائنڊروئيد ڪٽ ڪيٽ آهي.نئون آپريٽنگ سسٽم پلي اسٽور تان انسٽال ناهي ٿي سگهندو.آفيشل طرفان ڪا OTA سان ئي سسٽم تبديل ٿيندو آهي
 
سائين توهان پلي اسٽور تان مارش ميلو جو لانچر انسٽال ڪيو آهي.باقي توهان جي فون ۾ ائنڊروئيد ڪٽ ڪيٽ آهي.نئون آپريٽنگ سسٽم پلي اسٽور تان انسٽال ناهي ٿي سگهندو.آفيشل طرفان ڪا OTA سان ئي سسٽم تبديل ٿيندو آهي
ادا پوء اهو ڪيئن آسان ۽ ممڪن آهي ڪا لنڪ ڪا سمجهاڻي ٻڌائيندا ته اسان به ڪوشش ڪيون
 
Back
Top