مائڪرو سافٽ ورڊ ۾ هيڊر.

'پڇڻا نه منجهڻا' فورم ۾ محمد راشد شر طرفان آندل موضوعَ ‏7 آڪٽوبر 2015۔

  1. محمد راشد شر

    محمد راشد شر
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏22 مارچ 2015
    تحريرون:
    214
    ورتل پسنديدگيون:
    279
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    163
    ڌنڌو:
    لکپڙه
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ڪراچي
    مائڪرو سافٽ ورڊ 2010 ۾ هر هڪ صفحي تي مختلف هيڊر ڪيئن لڳائجي؟؟؟
     
  2. ابو واصف

    ابو واصف
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏1 جولائي 2009
    تحريرون:
    266
    ورتل پسنديدگيون:
    386
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    433
    ڌنڌو:
    سنڌي لئنگئيج اٿارٽيءَ ۾ ڪمپيوٽر آپريٽر
    ماڳ:
    لطيف آباد نمبر4، حيدرآباد
    ادا....! اهن لاءِ اوهان کي سيڪشن ٺاهڻا پوندا. جنهن صفحي جي هيڊنگ کان اوهان چاهيو ٿا ته فوليو بدلايو يا وري صفحي جو نمبر تبديل ڪريو يا ان قسم جي ڪا ٻي ايڊيٽنگ ڪريو ته اوهان ان پيرا جي شروعات ۾ ڪرسر سان ڪلڪ ڪري تي PAGE LAYOUT اچي BREAKS تي ايندا ۽ ان کانپوءِ NEXT PAGE کي سليڪٽ ڪندا. هن طريقي سان:

    [​IMG]

    هاڻي اوهان جي INSERT مينيو ۾ اچي هيڊر يا فوٽر ٻنهي مان ڪنهن به هڪ ۾ اچي ان کي ايڊٽ ڪندا. هن طرح:


    [​IMG]

    هاڻي اوهان LINK TO PREVIOUS کي ڪرسر سان هڪ ڀيرو ضرور ڪلڪ ڪندا. هن طرح:


    [​IMG]

    اوهان جي فائل جو هڪ نئون سيڪشن ٺهي پوندو. ان ۾ اوهان پنهنجي مرضيءَ سان فولئي ۾ ڪا به تبديلي ڪري سگهو ٿا. واضح رهي ته هڪ فائل ۾ اوهان جيترا به فوليا يا صفحا نمبر تبديل ڪندا ته ان لاءِ اوهان کي هر ڀيري سيڪشن الڳ ٺاهي LINK TO PREVIOUS کي ضرور ڪلڪ ڪرڻو پوندو.

    ساڳئي فائل جو نمونو ڪجهه هن طرح آهي:

    ان ۾ اوهان ڏسو ته پهرئين صفحي تي فوليو ساڄي کان لڳل آهي. ٻئي صفحي تي کاٻي کان لڳل آهي ته ٽئين صفحي تي وچ تي رکيل آهي.
     
    4 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  3. محمد راشد شر

    محمد راشد شر
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏22 مارچ 2015
    تحريرون:
    214
    ورتل پسنديدگيون:
    279
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    163
    ڌنڌو:
    لکپڙه
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ڪراچي
    توهان جي ٻڌايل طريقي تي عمل ڪندي هڪ ئي ڊآڪيومينٽ ۾ مختلف قسم جا هيڊر ٺاهڻ سکي ورتم.
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو