TAHIR SINDHI
سينيئر رڪن
اهو ڪهڙو شخص آهي جنهن دنيا جي 1/4 چوٿهائي انسانن جو قتل ڪيو؟
مونکي اهڙو شخص تاريخ جي حوالي سان نظر نٿو اچي جنهن اڪيلي سر ايترو وڏو قتلام ڪيو هجي، ها هٽلر پنهنجي قوم کي اڀاري ۽ انکي سونهري خواب ڏيکاري، دنيا جي ٻين ڪجهه ڊڪٽيٽر قسم جي اڳواڻن سان ملي ڪري دنيا تي ٻي عظيم جنگ مسلط ڪرائي ۽ پو ٻنهي پاسي جي فوجين ڪروڙين شهري ماڻهن ۽ فوجي جوانن کي قتل ڪرايو ۔۔۔ جنهن جي نتيجي ۾ ئي ايٽم بم جو استعمال پڻ ٿيو ۔۔۔ جهازن جو استعمال ٿيو ۽ هزارن جي تعداد ۾ جديد هٿيار تخليق ڪيا ويا ۔۔۔
ٻي عظيم جنگ ڏسڻ وارن جو خيال آهي ته اهو هڪ جهنم جو نظارو هو ۔۔۔
چنگيز خان۔
سائين سوچڻ وارا ڪيڏانهن ويا
سائين ان وقت دنيا ۾ ڪل 4 انسان هئا
هڪ آدم ٻئي حوا
۽ 2 انهن جا پٽ
سو هڪ پٽ پنهنجي ڀاءُکي ماريو
سو ٿي ويو نه انسانن جي ڪل چوٿائي حصي جو قاتل؟
ڇا خيال آهي؟