سائنس ۽ نوبيل انعام : اختر حفيظ

'سائنس جي دنيا' فورم ۾ سليمان وساڻ طرفان آندل موضوعَ ‏8 آڪٽوبر 2015۔

  1. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,938
    ورتل پسنديدگيون:
    27,305
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    [​IMG]

    سائنس ۽ نوبيل انعام


    اختر حفيظ

    ( ڪنهن هڪ سائنسدان پاران تيار ڪيل هڪ دوا لکين ماڻهن جي زندگي بچائيندي آهي. پر ڪنهن هڪ ملان جي فتوى لکين ماڻهن جي زندگي کسيندي آهي. )
    آئون جڏهن به سائنس جي شعبي ۾ ڪنهن ماڻهو کي حاصلات ماڻيندي ڏسندو آهيان ته مون کي اهي سمورا سائنسدان ۽ روشن خيال ماڻهو ياد ايندا آهن، جن پنهنجن سائنسي نظرين ۽ تجربن جي ڪري يا ته موت کي گلي لڳايو يا وري انهن اهڙا ته عذاب سٺا جو انهن جي باري ۾ سوچي لڱ ڪانڊارجيو وڃن. اهو انهي ڪري به ٿيو ته ڪنهن زماني ۾ رياست جو تصور مذهب کان سوا نه هو. بلڪه رياست به مذهب جي تابع هوندي هئي. خاص طور تي يورپ ۾ رياستن جي تصورن کان پو اتي اها چرچ جي قيد مان نه نڪري سگهي، رياستي معاملن کي چرچ جا پادري ئي هلائيندا هئا ۽ اهي ئي طئي ڪندا هئا ته رياست ۾ ڇا ڇا جائز آهي ۽ ڇا ڇا ناجائز آهي. عام ماڻهو جي اظهار جي آزادي کان وٺي ان جي انساني حقن کي به ان وقت جو چرچ غصب ڪريو ويٺو هو. جنهن جي اجازت کانسوا رياستي معاملن کي هلائڻ جو تصور به نه هو.
    پر چرچ پاڻ جنهن ڪرپشن جو شڪار هو، انهي تي هو ڪنهن به ريت ڪجهه چوڻ لا تيار نه هو. ان حوالي سان انگريزي ادب جي شاعر جيفري چاسر جي شاعري جو ڪتاب " The Canterbury Tales" پڙهڻ وٽان آهي. جنهن ۾ هن چرچ جي سموري ڪرپشن جو ذڪر ڪيو آهي. اهو گهڻو پو ٿيو جو سائنس لا يورپ جي ملڪن ۾ آهستي آهستي جا پيدا ٿيڻ شروع ٿي. نه ته اتي سائنس ڏانهن رويو اهڙو ئي هو جيڪو هن وقت اسان جي ملڪ ۾ آهي. برونو کي رڳو انهي ڪري جيئرو ساڙيو ويو جو هن اها ڳالهه ڪئي ته ڪائنات ۾ ڌرتي کانسوا به ٻيا گرهه آهن، رڳو هي ڌرتي ئي ڪل ڪائنات ناهي. گئليلو کي ان ڪري چرچ کان معافي وٺڻي پئي جو هن اهو چيو ته هي ڌرتي گول آهي ۽ اها سج جي چوڌاري ڦري رهي آهي. پر ان وقت چرچ جي پادرين اهو عذر ڄاڻايو ته اها ڳالهه بائيبل ۾ لکيل ئي ناهي ته پو هن اها گستاخي ڪري خدا جي ڳجهه ۾ هٿ ڇو وڌو آهي. پر نيٺ هن کي لکت ۾ معافي وٺڻي پئي پر هن اهو سڀڪجهه وقت ۽ حالتن تي ڇڏي ڏنو ته اڳيان هلي اهو ثابت ٿي ويندو ته ڌرتي گول آهي ۽ اها سج جي چوڌاري گردش ڪري رهي آهي.
    ابن رشد کان وٺي ٻيا ڪئين اهڙا نالا آهن جيڪي سائنس ۽ عقل جي دنيا جا تمام وڏا نالا رهيا آهن، جن انسانذات جي ڀلي لا نه فقط پنهنجو جانيون قربان ڪيون بلڪه اهي سموري عمر انسانذات کي سکيو ڪرڻ جا خواب ڏسندا رهيا. ٻه ٽي ڏينهن اڳ سائنس جي شعبي ۾ ٽن سائنسدانن کي نوبيل انعام ڏنو ويو آهي. جن کي اهو انعام طب جي شعبي ۾ ڪم ڪرڻ تي ڏنو ويو آهي.
    بي بي سي پنهنجي خبر ۾ ڄاڻايو آهي ته آئرلينڊ جي سائنسدان وليم سي ڪيمبل ۽ جاپاني سائنسدان ساتوشي اومورا خوردبيني جانورن مان پيدا ٿيندڙ بيمارين جو مقابلو ڪرڻ لا هڪ نئين علاج جو طريقو دريافت ڪيو هو، چيني سائنسدان يويو تو مليريا خلاف هڪ نئين دوا ايجاد ڪئي هئي، يويو تو کي نوبل انعام جا 80 لک ڊالر ڏنا ويندا. نوبيل ڪميٽي جو چوڻ آهي ته تحقيق انهن مرضن سبب متاثر ٿيل ڪروڙين ماڻهن جون زندگيون بدلائي ڇڏيون آهن. مڇرن سبب پکڙجندڙ مليريا بيماري سبب هر سال ساڍا 4 لک ماڻهو فوت ٿي وڃن ٿا، اربين ماڻهن کي بيماري کان خطرو آهي. طفيلي (ڳيجهو) ڪيڙا دنيا جي ٽئين حصي جي آبادي کي متاثر ڪن ٿا ۽ لمفيٽڪ فليرياسس سميت ٻيون بيماريون پکيڙين ٿا. نوبيل ڪميٽي موجب نوبل انعام ماڻيندڙ ٽنهي سائنسدانن جي عمر 80 سال کان وڌيڪ آهي ۽ ٽنهي 1970ع ۽ 1980ع جي ڏهاڪي ۾ اهم اڳڀرائي ڪري ماڻهن کي مليريا خلاف مضبوط دوا ڏني آهي. چيني سائنسدان يويو تو مرض کي منهن ڏيڻ لا هڪ جڙي ٻوٽي مان دوا تيار ڪئي جيڪا تمام گهڻي اثرائتي ثابت ٿي، اڄ اها دوا ٻين دوائن سان گڏائي سڄي دنيا ۾ استعمال ڪئي وڃي ٿي ۽ ان سان صرف آفريقا ۾ هر سال هڪ لک ماڻهن جون زندگيون بچايون وڃن ٿيون، پروفيسر يويو تو طب جي شعبي ۾ نوبيل انعام ماڻيندڙ 13 هين عورت آهي.
    پر اسان جي سماج ۾ جيڪو سائنس ڏانهن اسان جو رويو آهي، انهي کي ڏسندي اسان جا ڪئين ماڻهو اهو چئي سگهن ٿا ته اهي ٽئي سائنسدان جن لکين ماڻهن جون حياتيون بچايون آهن، ڇا ٿي پيو جيڪڏهن انهن کي سندن ڪيل ڪم عيوض نوبيل انعام ڏنو ويو آهي، پر اهي آهن ته ڪافر. انهن ڪهڙو مذهب جي خدمت ڪئي آهي، ڪهڙو انهن مذهب جي ڦهلائڻ لا ڪا ڪوشش ڪئي آهي جو انهن جي جدوجهد کي ساراهيو وڃي. اسين جنهن سماج ۾ رهون ٿا، اتي ڪنهن مذهبي عمل کي ئي وڏي ڪاميابي سمجهيو ويندو آهي. جڏهن ته سموري دنيا هن وقت ان ڪوشش ۾ لڳي پئي آهي ته هاڻ جڏهن هي ڌرتي لکين ڪروڙين سالن کان پو پوڙهي ٿي رهي آهي ته هاڻ انسان کي ڪائنات ۾ موجود ٻين سيارن تي ڪيئن آباد ڪجي، انساني رت ۾ اهڙيون ڪهڙيون تبديليون ڪجن جو انهي تي بيماريون حملو نه ڪري سگهن ۽ ان جيو گهرڙن ۾ اهڙي ڪهڙي تبديلي آڻجي جو انسان جي پوڙهائپ مان جان ڇٽي سگهي. اتي اڄ به اسان وٽ انتهاپسند ۽ عقل دشمن ماڻهو سائنس ۽ عقليت پسندي خلاف فتوائون ڏيڻ جي سلسلي کي جاري رکندا اچن. پر سائنس پنهنجي جا پاڻ ٺاهيندي آهي، اها هر ماڻهو جي ضرورت بڻجي وئي آهي.
    اڄ هڪ ملان به ٽيبلٽ استعمال ڪري رهيو آهي ته هڪ ليکڪ ۽ سائنسدان به انهي ٽيبلٽ کي استعمال ڪري رهيو آهي. ڪنهن زماني ۾ لائوڊ اسپيڪر کي حرام سمجهندڙ ملان اڄ انهي لائوڊ اسپيڪر کانسوا نه ته ٻانگ ڏئي سگهن ۽ نه ئي خطبو پڙهي سگهن ٿا. ائين ئي دنيا ۾ هر روز ايجاد ٿيندڙ شيون ماڻهو جي زندگي جو اهم ترين حصو ٿي ويون آهن. اهڙي حالت ۾ اسين سائنس وسيلي ٿيندڙ سمورين تبديلين کان انڪار ڪري به انهن کي قبول ڪريو ويٺا آهيون.
    مٿي ڄاڻايل سائنسدانن سالن جا سال ڪم ڪري انسانذات کي لاڀ ڏنو آهي، هنن پاران ايجاد ڪيل دوا نه ته ڪنهن ماڻهو جو مذهب ڏسندي آهي ۽ نه ئي ڪنهن ماڻهو جو فرقو بلڪه اها رڳو مرض جو علاج ڪندي آهي. جيڪڏهن اهي سائنسدان مليريا ۽ ٻين ڳيجهو جيوڙن سان مقابلو ڪندڙ دوا ايجاد نه ڪن ها ته اڄ ڪيترائي انسان قبر ڀيڙا ٿي چڪا هجن ها. پنهنجن تجربيگاهن ۽ ڪتابن ۾ مٿو هڻي ويٺل اهي ماڻهو پنهنجي ڪم سان لڳا پيا آهن، سموري انسانذات جي دردن جو علاج ڪري رهيا آهن، انهن جي تڪليفن کي دور ڪرڻ لا ڏينهن رات لڳا پيا آهن. ان ڪري اهو انهن جو حق آهي ته کين نوبيل انعام ڏنا وڃن. ڇاڪاڻ ته انهن لکين ماڻهن کي زندگي ڏني آهي. ڪنهن هڪ به سائنسدان پاران تيار ڪيل هڪ دوا لکين ماڻهن جي زندگي بچائيندي آهي. پر ڪنهن هڪ ملان جي فتوى لکين ماڻهن جي زندگي کسيندي آهي. تنهنڪري نوبيل انعام حاصل ڪندڙ سمورن سائنسدانن کي نه فقط ساراهڻ گهرجي بلڪه اسان کي سائنس سوچ ڌاري انسانذات لا جاکوڙيندڙ ماڻهن جو ساٿ به ڏيڻ گهرجي ته جيئن اهي وڌ کان وڌ انسانذات جي خدمت ڪري سگهن.
     
    انتظامي رڪن طرفان آخري ترميم: ‏8 آڪٽوبر 2015
    4 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.

هن صفحي کي مشهور ڪريو