مشهور ميسيجنگ اپليڪيشن واٽس ائپ ۽ گوگل ٻنهي وچ ۾ معاهدو ٿيو آهي،جنهن تحت واٽس ائپ جا صارفين پنهنجا ويڊيوز،تصويرون پيغامات وغيره گوگل ڊرائيو ۾ محفوظ ڪري سگهن ٿا واٽس ائپ جو چوڻ آهي ته هي سهولت موبائيل فون جي گم ٿيڻ يا ڊيٽا ڊليٽ ٿيڻ يا وري فون اپڊيٽ جي ڪري متعارف ڪرائي وئي آهي.جنهن سان صارفين بي فڪر ٿي محفوظ بڻائي سگهن ٿا في الحال هي سهولت ڪجه صارفين لاءِ متعارف ڪئي وئي آهي،مڪمل صارفين لاءِ جلد فراهم ڪئي ويندي.