استاد بخاري هڪ وطن دوست شاعر

'سنڌي شخصيتون' فورم ۾ سليمان وساڻ طرفان آندل موضوعَ ‏9 آڪٽوبر 2015۔

  1. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,938
    ورتل پسنديدگيون:
    27,305
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    [​IMG]


    استاد بخاري هڪ وطن دوست شاعر

    انورساگر ڪانڌڙو

    استاد بخاري به شاهه لطيف وانگر هڪ اعليٰ قسم جو وطن دوست شاعر هو ،استاد وطن دوستي جي ڳالهه اجمتائي شعور جي ترجماني ڪندي ڪئي هئي اهڙي طرح استاد بخاري جو پنهنجي ادبي زندگي جي شروعات ۾ ئي قومي سوچ سان واسطو پيو ، استاد جي زندگي توڙي ڪلام ، وطن دوستيءَ جي بيش بها قيمتي خزاني سان ڀر يو پيو آهي اها شي آهي ته ظاهر ظهور ، پر رڳو ان ڏي ٿوري توجه ڏيڻ جي ضرورت آهي ان وطن دوستي واري شعور ڏانهن ڌيان ڇڪائڻ لاءِ استاد پاڻ به چڱو خاصو ڪم ڪري ويو آهي مثال طور استاد جي شاعري جو پهريون ڪتاب” گيت اسان جا جيت اسانجي“ 1971 ۾ شايع ٿيو هو، ڪتاب جو نالو ئي اجتمائي ،انقلابي۽ قومي سوچ جا ڳڻ ڳائيندڙ آهي . گيت ، لفظ عورت جي ترجماني ٿو ڪري ، تهذيب ۽ تمثيل طور وري عورت ڌرتي جو هڪ عاليشان روپ آهي ، ڌرتي جا گل ٻوٽا عورت جو هار سينگار هوندا آهن ، آسمان کي ان لحاظ کان مرد واري حثيت حاصل آهي ڌرتي ما تا جي هن خطي ۾ پوڄا ٿيڻ ان ڳالهه جو چٽو ثبوت آهي ، ۽ ان سان گڏ استاد ڪتاب جي نالي ۾” اسان“ جو لفظ استعمال ڪيو آهي اهو اجتمائي سوچ جو علمبردار لفظ آهي، مان مان ته گهڻ شاعرن ڪئي هوندي پر استاد” اسان اسان“ جو پرچارڪ سڌوسنئون شاعر آهي شاعري فلسفوته نا هي پر شاعري ۾ فلسفو ضرور هوندو آهي دنيا جي سڀني فلسيوفن ۽ انقلابين انساني زندگي جا ٻرندڙ مسئلا ٻڌايا آهن ۽ پوءَ وري انهن جا حل ٻڌايا آهن ، استاد جي پهرين ڪتاب جي نالي ڏي غور ڪبو ته نتيجو ۽ مسئلي جو حل ٻڌايو اٿس ته جيڪڏهن ڌرتي جي ڳالهه گڏجي ڪنهن تدبير سان ڪنداسين ته جيت يا فتح اسان جي ٿيڻي آهي ان جو مطلب ٿيو قوم کي هڪ هار ۾ پوئڻو آهي هڪ گڏيل قافلو بنائڻو آهي ان کان پوءِ ڪاميابي جي اميد ڏيکاريندي استاد چوي ٿو ته

    پير پيا ٿَوَ ڦٽيا ، هانو پيو ٿَوَ رَڌو ، ڪجهه ته اڳتي وڌو !
    جو هٽيو سو ڪَٽيو ،مون کي آهي پتو ڪجهه ته اڳتي وڌو !
    سر تري تي رکڻ کان اڳي سورمئو،هوڏي سامهون ڏسو ،
    سوڀ سهڻي جي سيني تي نظرون رکو ، ڪجهه ته اڳتي وڌو
    پلصراطن کان پوءِ جنتون ، مقتلن جي پٺيان منزلون ،
    ٽهڪ ڦٽندا پريان ، پهريان هي ڌڪ ٽپو ، ڪجهه ته اڳتي وڌو


    استاد سنڌ جو واحد شاعر هو جنهن قومي مسئلن تي گهڻو غور ويچار ڪيو ۽ سنڌ جي ٻرندڙ مسئلن جي چٽي تصوير پيش ڪئي ۽ ان جو کليل اظهار ۽ اعلان ڪيو ، سب کان پهرين جيڪا ڳالهه استاد ڪئي آهي ته اسان متحد ناهيون ۽ ورهايل آهيون ، ذاتي جهيڙن يا ريڙهيون پائيند ڙ سياسي پارٽين ۽ انهن جي مٿا مڏا ڪندڙ نظرين جي ٽڪراءَ سبب ورهائجي ويا آهيون ان جو شروعاتي اظهار استاد هن طرح ٿو ڪري ته

    سنڌ جي سورن جو ڪونهي آنڌ پانڌ
    گهر ڊٺل ، وهڪيل ڍڳي ڪمزور ڏاند
    پوءِ به شهپر کي وٽيندي پيو چوي
    سوٽ سان ڪرڻو اٿم جلدي پلاند


    ۽ هاڻي غور ويچار ڪيو ته ،ڪمزور ڏاند ٻهراڙي ۾ ڪنهن ڏڪار کان گهٽ ناهي هوندو ۽ وهڪيل ڍڳي معنيٰ گهر لاءِ کير مکڻ ته پري ٿيو ، پر لسي جو ڪو لوٽو به ناهي رهيو ،واري الڪي جي ڳالهه ڪئي اٿس ، اها آهي ٻهراڙي جي انهن ماڻهن جي حالت زار، پوءِ ڪو ماڻهو سوٽ سان پلاند ڪرڻ کي غيرت جو نانءُ ڏئي پنهنجي قومي سوچ کي نقصان پيو پهچائي ، ان ماڻهو کي ڪن مان وٺي استاد سمجهاڻي ڏني آهي ،ته تون هي ڇا پيو ڪرين ؟ اڳتي هلي استاد چوي تو ته جيڪڏهن گڏ ٿيندا سين ته ان قافلي جو اڳواڻ به طي ڪيو ويندو، پر پهريان گڏ ته ٿيو ،ان ڳالهه جو خدشو استاد بار بار پنهنجي شاعري ۾ ظاهر ڪندو رهيو آهي جنهن ڳالهه جي نشاندهي رچرڊ برٽن به ڪئي هئي ته ”سنڌي قوم تيستائين ستل هوندي آهي جيستائين ان کي ڪو اچي ٺوڪر نه هڻي پوءِ هي قوم اٿي پوندي آهي “ استاد بخاري رچرڊ برٽن کان ٿورو اڳڀرو ٿي چيو آهي ته

    ٻرو ٿو وٺي توکي گڏجڻ کان ٻڌ
    ڳرو بنڊ هڪ جي کڻن کان وڏو آ
    سرو لاڙ ، وچ گڏجي تيشا کڻو
    ائين ڏاڍ ڏونگر ڏرڻ کان وڏو آ


    قومي سوچ ۽ ايڪتا ۾ جان وجهڻ لاءِ استاد وسان نه گهٽايو آهي بلڪي سڀڪجهه ڏئي ويو آهي غدار ۽ بد ڪردار جي منهن تان پنو لاهي ڇڏيو اٿس ۽ کيس وائکو ڪري ڇڏيو اٿس ۽ چيو اٿس ته انسان مٽي مان ئي ٺهيو آهي غدار کار ۽ ڇار واري مٽي مان پيدا ٿيندو آهي چيڪي مٽي مان وطن دوست بهادر ۽ سورما پيدا ٿيندا آهن استاد ان ڳالهه جي نشاندهي پنهنجي شاعري ۾ هن طرح ڪري ٿو ته

    اڀوڳي مٽي مان اڀاڳا ئي جڙندا
    پڪي چيڪي چيڙهيءَ مان جوڌا جڙن
    چنيسر عمر ڦوڳ نائو نيائون
    ڪلر، ڇار ،ڪيريءَ مان ڪانئر ٺهن
    کڻي دز دودي ،دريا خان سندي
    رڇن ۾ ملايو ته ريٽارچن
    مصيبت ۾ جن جي مٽي ڳوهجي پئي
    ٺپيا ٺوڪرن ، پيا چڪن تي چڙهن
    پچي لال ٿين جُنگ جُونگا جڏهن
    تڏهن سرخ سهڻن چپن سان لڳن

    اهي ڪردار جن هن معاشري ۾ بيگانگي مايوسي ۽ شودائپ کي زور وٺرايوآهي استاد انهن سان به گهٽ نه ڪئي آهي ،کين غيرت جو طعنو ڏيندي هدايت ٿو ڪري ته

    ڪوهه ٿي بيهي رهين ڳورو نه ٿي
    واهه ٿي وکري وڃي هلڪو نه ٿي
    شينهن ٿي شهزور ٿي شودو نه ٿي
    ڪير ٿو تو کي جهلي دودو نه ٿي

    اعليٰ انساني ڪردارن جو تصور پيش ڪندي، استاد ڀائرن جي چيلهه جو سندرو ٿيندي، پاڻ کي خبردار ڪري ٿو ته

    قوم چوي ٿي ٻول
    او شاعر
    اسان جي ٻچڙن جي لاءِ ٻول
    ڪهڙا رهزن ڪهڙا رهبر
    دهرا روپ د غارا دلبر
    منهن تان گهونگهٽ کول
    او شاعر قوم چوي ٿي ٻول
    هيڏي ڌرتي هيڏا دريا
    هوندي دڙدون کائي دنيا
    هي ڳجهارت ڳول
    وڌو ڪنهن ڏول
    او شاعر قوم چوي ٿي ٻول ( اوتون جوتون ص 27)

    ائين سمجهو ته استاد بخاري جي شاعري اسان جي لاءِ هڪ قومي صحيفو بڻجي وئي آهي .سندس جنم جو ڏڻ ۽ سندس وصال جو ڏينهن عوامي طور قومي ڏينهن ڪري ملهائجي رهيا آهن ڇو ته قوم هن وقت استاد جي عظمت کي تسيلم ڪندي نه رڳو سندس مالڪي ڪري رهي آهي پر سندس شاعري کي قومي ورثو پئي سمجهي . اها ٻي ڳالهه آهي ته استاد کي مڃتا ڏيڻ ۾ ڪجهه دير ضرور ٿي آهي ڇو ته جڏهن استاد هو ته سندس شاعري تي ڪو به اعليٰ قسم جو فنڪشن ڪنهن فائيو اسٽار هوٽل ۾ نه ٿيو هو، نه ئي وري ڪنهن ڪاموري يا سرندي واري استاد کي اهڙين وڏين هوٽلن ۾ گهرائي ڪا ماني کارائي ، سندس شاعري ٻڌي هوندي ،ڇو ته استاد ڪراچي ۾ ڪينٽ تي هڪ عام هوٽل ۾ رهندو هو ، استاد جي ڪنهن بيوروڪريٽ اديب سان ڪا دوستي نه هئي ، نه ئي وري ريڊيو جو ڪو اعليٰ آفيسر استاد جو دوست هو، استاد ڪچهرين ۾چوندو هو ته عهدا ماڻهوءَ کي سونا پر ٿا لڳائي ڇڏن ، ان ڪري هي عظيم شاعر شروع ۾ ته دادو ۾ ئي رهيو ، هن سنڌ جا وڏا شهر صحيح معنيٰ ۾ ته ڏٺا ئي ڪونه هئا . اڃابه کولي ٻڌايان ، ته 1960 ۾ استاد رڳو پاڻ نوڪري سانگي ۽ ٻارن جي پڙهائي جي ڪري ،اچي دادو ۾ رهيو هو، باقي سندس خاندان ته ڳوٺ غلام چانڊيو ۾ ئي رهندو هيو ، پر استاد دادو ۾ باقاعده لڏو کڻي ته 1980 ۾ آيو هو، هاڻي اوهان ٻڌايو ته سڀ کان پهريان دادو ۽ ناٿن شاهه جي شاعرن ۾ استاد کي نالو پيدا ڪرڻو هو، جتي پريان دادن فقير جهڙو اهم شاعر به عروج تي پهتل هيو ،سچ پڇو ته حيدر آباد ۽ ڪراچي جي اوچي طبقي وٽ اڄ ڏينهن تائين استاد جي شاعري جو ڪو خرپير لڳي نه سگهيو آهي ، ڇو ته اڃان تائين هنن شهر مان استاد جون سٽون مون کي ٻڌڻ ۾ پيون اينديون آهن ته

    بند دروازو ته کوليو روبرو پهچڻ ته ڏيو
    جاءِ ويهڻ جي اِتي ڪانهي ، هِتي بيهڻ ته ڏيو
    تنهنجو آ ، يا منهنجو آ ، سو فيصلو پوءِ ٿا ڪريون
    سوجهرو سڀڪنهن جو آهي چنڊ کي چمڪڻ ته ڏيو ( نه ڪم نبريو نه غم نبريو ص 131)

    مون جيڪا ڳالهه شروع ۾ ڪئي ته استاد شاهه لطيف وانگر وطن دوستي جو نشانبر شاعر آهي اها ڳالهه ڪندي مون ڪو هوائي فائر نه ڪيو آهي پر ان جي باري ۾ ڪجهه دليل ڏيڻ جي ڪوشش ڪندس ڇو ته دليل کان سواءِ ڪابه ڳالهه مڃرائي نه سگهبي آهي.
    لطيف سائين ان دور جي مشهور فارسي ٻولي ڇڏي، سنڌ ي ۾ اعليٰ قسم جو شعر چئي سنڌي ٻولي کي مظبوط ڪوٽ قلعا ڏئي ڇڏيا آهن ساڳي طرح استاد سمجهي ورتو هو ته هن دور ۾ انگريزي ۽ ٻين ٻولين جي ڪري سنڌي ٻولي جي وجود کي خطرو لاحق ٿي ويو آهي ،ان ڪري نه رڳو اعلي ٰ قسم جو شعر چوڻو آهي پر ان شعر جي ڳائڻ جو بندوبست به ڪرڻو آهي ، ملڪه ترنم نورجهان ۽ عنايت حسين ڀٽي جي ڪلامن جي هاڪ ۽ ڌاڪ جيڪا عام طور ميلن ملاکڙن بازارن ۽هوٽلن ۾ ويٺل هئي انهن جي هڪ هٽي عوامي فنڪار جلال چانڊيي ٽوڙي ، جلال جي شروعاتي اهميت به استاد جي ڪلامن ، هل نه مٺو ايڏي لوڏ ڪري منهنجي جانب جان جلائين ٿو ، ڪيڏي دير ڪري او يار اچو ، نه ٿا سار لهو ڪو مئو يا بچو ، محفل حسين تنهنجي ، تنهنجا حسين ماڻا سان ٿي آهي ، پنجابي ڪلامن جي هڪ هٽي ٽوڙڻ ۾ استاد بخاري ۽ راشد مورائي جو وڏو هٿ هو ، جلال اڻپڙيل هو، استاد جلال کي نه رڳو ڪلام ياد ڪرائيندو هو پر ڌنون ٺاهي ۽ ڳائي به ٻڌائيندو هو ، ان بعد جلال جي حوصله افزائي ڪندي استاد جلال تي هڪ نظم به چيو هو ،جنهن جا ٻول آهن

    ٻوليءَ کي ٻهڪائين ٿو
    چانڊيا تون چمڪائين ٿو
    لاري ويگن ، هوٽل ۾
    ڳاهون سنڌي ڳائين ٿو
    سنڌي ٻولي قومي ٻولي
    ٻول ٻُرائين زنده آباد ( ڪتاب ڌرتي سرتي ص 45)

    ان بعد استاد ا هو ثابت قدميءَ سان چيو ته هن قوم جو وجود تڏهن برقرار رهندو .جڏهن سنڌي ٻولي قائم ۽ دائم رهندي، استاد بخاري جو سنڌي ٻولي بابت چيل گيت هن وقت سنڌي قوم جو قومي گيت بڻجي چڪو آهي اها استاد جي وطن دوستي جي اعليٰ قسم جي تخليق آهي جنهن کان ڪو به انڪاري ڪري نه سگهندو جنهن ۾استاد چيو آهي ته

    جيجل جهولي ، ڏئي پئي لولي
    سنڌي ٻولي قومي ٻولي

    نه رڳو اهو پر سنڌي ٻولي جا پراڻالفظ جيڪي وسرندا ٿي ويا ، انهن کي به شاعري جي ميوزيم محفوظ ڪري ڇڏيو اٿس ۽ عوامي ٻولي جي نوادرات جو اهو ميوزيم آهي جنهن جي ڪابه ٽڪيٽ ناهي پر فنڪارن جي ڪلامن وسيلي اهو ميوزيم جهر جهنگ وستي وستي نگري نگري ۾ موجود آهي مثال طور لفظ هتا تتا معنيٰ ٿڪجڻ کان پوءِ به هلڻ استاد ان لفظ کي شاعري ۾ اهڙي طرح محفو ظ ڪيو آهي جو توهان کان اهو شعر وسرندو ئي ڪونه، تڏهن ته ان لفظ کي نئون جيدان ملي ويو آهي هاڻي ان لفظ کي ڪو ماري نه ٿو سگهي ، نه رڳو اهو پر استاد نوان لفظ به گهڙيا آهن ، استاد گٺل پيٺل ٻولي ڪتب نه آندي آهي ،پر ٻولي جي جهولي مان پيارا ادبي لفظ کڻي ،سنڌي ٻولي کي نئي ۽ خوبصورت انداز ۾ ٺڪي ٺوڪي پيش ڪيو اٿس

    نه بيٺي بهاري ، نه ويٺي قراري
    هلون پيا بخاري هتا ۽ تتا ( اوتون جوتون ص 161)

    ڏسڻو اهو آهي ته شاعر زندگي کي ڪيترو ويجهو آهي سرزمين سنڌ جا سمورا سڃاه وند مون سان سهمت هوندا ته زندگي کي ويجهي کان ڏسندي پرکيندي ، ان سان لنئون لائيندي ، استاد پنهنجي اعليٰ قسم جي شاعري ڪئي آهي ، ان بابت، هڪ اڪيلو ڪتاب” زندگي زندگي“ جي نالي سان تخيلق ڪري ، توهان آڏو پيش ڪيو اٿس ، ان ڪتاب ،زندگي زندگي ۾ جيڪا وطن دوستي ڳائي اٿس، اها ڪمال جي آهي اها اجتمائي سوچ جي عڪاسي ڪري ٿي ، استاد اهڙي شاعري ،انهن عام ماڻهن جي وچ ۾ سرجي آهي جن کي هن ٻولي جي حفاظت ڪرڻي آهي ،. استاد پنهنجي ڪتاب ”زندگي زندگي“ ۾ چوي ٿو ته ؛

    ڇاپڙون ڳوٺ جون ، اسون غم جو جون ، واءُ لوٺيو ، ذليل برساتون
    پوءِ به ڪا ٻير پئي پڪي هوندي ، ها اها منهنجي زندگي هوندي

    ڪتاب زندگي زندگي ۾ ڌرتي سان وچن ڪندي ۽ سچ جي پاسداري ڪندي ،استاد چوي ٿو

    زهر سقراط ٿي پيئندس ، نه ڇڏي ڀونءِ ڀڄندس
    ڇو ته هن ڀونءِ جو ڪجهه لوڻ چکي بيٺو آهيان

    لطيف سائين پنهنجي دور ۾ مارو ماڻهن لاءِ چيو هو ته ”جيها سي تيها مون مارو مڃيا “، استاد پنهنجي عوامي ۽ انقلابي انداز ۾ وطن جي ماڻهن سان هن طرح پنهنجو ازلي ناتو ٿو جوڙي ته ،

    سڳو ته ناهي سنگهر به ناهي ڇنا هي ناتو ڇني سگهندس
    زهر جو ڳوڙهو ڳهي سگهان ٿو مگر وڇوڙو سهي نه سگهندس
    رسيم سرتي ، سڏينم سامي ، ڌڪيم ڌرتي ته پوڪريان ڇا
    حبيب توکان ڇڄي سگهان ٿو ،زمين کان مان ڇڄي نه سگهندس
    پڪن گهڙن کي ڪنا نه پوندا ، ببر خبر ڇٻر نه چرندا
    قلم کپائي رقم سهيڙيان ، اهو سبق مان سکي به سگهندس
    وري وري ڇو ڪرين ٿي پارت ، غيور ٿڃ تي يقين رک تون
    ترار ڪنهن جي سهي سگهان ٿو ، ميار تنهن جي سهي نه سگهندس
    کنوڻ نه ڪڙڪي زمين نه لرزي ، خدا نه روڪي انهن جي مرضي
    جتي ستم ٿئي اتي بخاري ، جهلڻ پلڻ کان رهي نه سگهندس

    وطن دوستي واري شاعر ي ۾ اهو ڏسڻو آهي ڪهڙو شاعر وڌيڪ کڙو ٿو بيهي ، ڪهڙو شاعر وڌيڪ طوفان ٿو پيدا ڪري ڪهڙو شاعر وڌيڪ جوش ۽ جولان ٿو پيدا ڪري ڪهڙي شاعر ڳالهه وچ تي ڪرڻ ۾ڪامياب ويو آهي ، استاد بخاري ذاتي ڪچهرين ۾ خواهش ظاهر ڪندو هو ته مون وٽ اهڙي ڪا مشين هجي جو هر سنڌ سان ملاقات ڪيان ۽ ان حال احوال وٺان ها انهن جو ڀرجهلو ساٿي ۽ همنوا ٿيان ،

    شهري ڇو ٿا شرمايو ، حڪم ڪريو ۽ فرمايو
    ڳلي ڳليءَ ۾ ڳارايو، مان، آيوئي آهيان ڳائڻ ڪارڻ
    وک وک تي ونگاري سمجهو ، در در تي دهلاري سمجهو
    بانگو يا بخاري سمجهو ، ڪوڪاري جا ڳائڻ ڪارڻ

    استاد جي وطن دوستي جو پيغام ڪڏهن ڪڏهن هڪ پر ازم انقلابي سوچ ۾ تبديل ٿي وڃي ٿو مثال طور سنڌ مٿا ن ون يونٽ جو پهاڙ ڪيرايو ويو ۽ سنڌ جو نالو وٺڻ ڏوهه سمجهيو ويندو هو ، اهڙي خاموشي تي استاد قوم سان هم ڪلام آهي ته

    کهنگهو ۽ کرڪو ، جيئرا آهيو يا مئو ؟
    ڏاڍيان ٻولڻ ڏوهه جي ، هوريان ئي ڀڻڪو ،
    سگها ناهيو جي اگها ، ڪنجهو ۽ ڪڻڪو ،
    ماري ٿو هي ماٺ جو، اندر ۾ الڪو ،
    ساٿيئڙا سڏڪو ٽهڪو ڳايو جي نه ٿا ( گيت اسان جا جيت جي ص 25)

    وطن دوستي وطنيت ۽ قو مي سچ هڪ شاعر جي نهايت اوچي باضمير هجڻ جي نشاني آهي هو شاعري کي ڌرتي جي عظمت سان رنگينيون ڏئي پيش ان ۾ تاريخ کان خوب مدد وٺي ٿو ۽ پنهنجي همعصرن سان پڻ شاعر رابطي ۾ رهي ٿو جيئن وحدت وجود وارا چون ٿا روحانيت وارا هڪٻئي سان رابطي ۾ هوندا آهن سو استاد پنهنجي همعصرن تي ڪا جرح نه پر قوم سان همڪلام ٿي چوي ٿو ديس جو حالتون باک ڀنا رابيل ۽ چمبيلي مان ٻه ٽي گل پيا ڇڻي جهڙن شبنمي شعرن جهڙيون ناهن رهيون ڌرتي پڪاري رهي آهي ڌرتي جو سڏ ورنائڻو آهي استاد چوي ٿو

    ڊوڙ ته شيخ شيام بخاري کان هي پڇو
    ڇا ماڪ هير جهڙي اڃا شاعري ڪجي
    آ سنڌ سونهن لوڇ ۾ نغما چئون نچون
    سڪرات ۾ حبيب هجي مسخري ڪجي

    وطن دوستي تان ڪجهه شاعر اڳتي هلي ڦري به ويا سرمائيدارن وانگر هنن پنهنجا نظريا به تبديل ڪيا پر استاد پهرئين ڏينهن زندگي جي آخري گهڙين سنڌ جو سچو عاشق شاعر ثابت ٿيو آهي ڇو ته استاد سنڌ سان محبت جو سدائين کليل اظهار ڪيو سنڌ جي ڀترن ۽ ڀيڊن کي ڳايو اٿس

    سنڌو بارڻ منڇر ڪينجهر مون لاءِ آهن آب حيات
    نيل ۽ دجلا گنگا جمنا ، پوتر ڌارا وسري ويا
    خالد رستم ، پورس ارجن سورهيه سڏجن سڀ سالار
    دودي کي دل داد ڏنو ، ٻيا هاڪارا وسري ويا
    ڀورا ناسي ڀينڊ هتان جا ڇا جي چاندي ڇا جو سون
    ٿر جي واري چلڪي واري چنڊ ستارا وسري ويا
    سنڌ سان اهڙي جند اڙي، جو ٻيا دل وارا وسري ويا
    جيئي سنڌ سدا جيئي ، ٻيا سڀ نعرا وسري ويا
     
    3 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.

هن صفحي کي مشهور ڪريو