هاري اڳواڻ قاضي فيض محمد جي ورسي تقريب

'پروگرام، ادبي ميڙاڪا ۽ دعوتون' فورم ۾ سليمان وساڻ طرفان آندل موضوعَ ‏9 آڪٽوبر 2015۔

  1. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,938
    ورتل پسنديدگيون:
    27,305
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي


    [​IMG]


    هاري تحريڪ جي سرگرم سماجي ۽ سياسي اڳواڻ قاضي فيض محمد جي 33هين ورسي تقريب 13 آڪٽوبر 2015ع تي شام جو 5 وڳي آرٽس ڪائونسل ڪراچي ۾ منعقد ٿي رهي آهي. ان موقعي تي شفيع فقير، سيف سميجو، ريشما پروين، شيما ڪرماڻي پنهنجي فن جي ورکا ڪندا. صوفياڻي راڳ جي نشست پڻ ٿيندي جنهن ۾ جهوڪ شريف جا فقير۽ درازا شريف جو فقير جمال الدين ۽ ٻيا شامل هوندا.
    دوستن کي شرڪت جي ڪوٺ ڏجي ٿي.
     
  2. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,938
    ورتل پسنديدگيون:
    27,305
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي

    [​IMG]

    عوامي آواز جي پروگرام بابت خبر

    ڪراچي(رپورٽر) انساني حقن جي اڳواڻ عاصمه جهانگير چيو ته جنرل راحيل شريف کي ايڪسٽينشن ڏيڻ قوم سان ويساهه گهاتي هوندي، وزيراعظم نواز شريف پنهنجي مٿي جو تاج ٻئي ڪنهن کي ڇو پارائي رهيو آهي، مني سانحي جي شهيدن جا انگ اکر پڇڻ تي عوام کي پاڙيسري ملڪ جي ناراض ٿيڻ جو عذر ڄاڻائي ٻار جيان خاموش ڪرايو ويو آهي، مسئلن جي ڄاڻ هوندي به سياستدان اهليت ۽ شعور کان محروم آهن. اهڙن خيالن جو اظهار هن قوم پرست هاري اڳواڻ قاضي فيض محمد جي 33هين ورسي جي حوالي سان ڪراچي آرٽس ڪائونسل ۾ ڪوٺايل تقريب کي خطاب ڪندي ڪيو. هن وڌيڪ چيو ته آمرن جي اها ڪوشش رهي آهي ته عوام قاضي فيض محمد جهڙن ماڻهن جي جدوجهد ۽ قدرن کي وساري ڇڏين، پر ضياءَ سميت سمورا آمر ان ڪوشش ۾ ناڪام ويا.. هن چيو ته اسان کي جاگيرداراڻي نظام ۽ آمريت واري ذهنيت کي ختم ڪرڻو پوندو پوءِ ڀلي اها ڪرڪيٽ جي ميدان ۾ هجي يا سنڌ ۽ پنجاب جي وڏيرن ۽ جاگيردارن ۾ هجي. هن چيو ته اسان ڪنهن جا غلام ناهيون، پاڪستان جو عوام جيلن کان ناهي ڊڄندو، ملڪ ۾ ڪو به آمر ٻاهريان ناهي آيو، سلام آهي سنڌ جي انهن سپوتن کي جن 80ع جي ڏهاڪي کان جدوجهد شروع ڪئي. هن چيو ته اڄ جو هر سياستدان وزيراعظم بڻجڻ جا خواب ڏسي رهيو آهي ڪرسي تي ويهڻ کان اڳ سياستدان کي ڪرپشن به نظر ايندي آهي عوام تي ظلم به نطر ايندو آهي پر جڏهن کيس ڪرسي ملندي آهي ته کيس سڀ ڪجهه وسري ويندو آهي. عاصمه جهانگير وڌيڪ چيو ته فوجي اهو چوندا آهن ته اسان قوم لاءِ تڏهن وڙهنداسين جڏهن اسان جي هٿ ۾ ڏنڊو ڏنو وڃي ۽ ڪجهه به نه پڇيو وڃي، اسان جي ملڪ جا آمريڪا سميت مختلف ملڪن سان دوستاڻا واسطه آهن، هاڻي جڏهن ماڻهو پڇي رهيا آهن ته منيٰ واقعي ۾ ڪيترا ماڻهو شهيد ٿا ته انهن کي اهو چئي خاموش ڪرايو وڃي ٿو ته پاڙيسري ملڪ ناراض ٿي ويندو، عوام نواز شريف کي ووٽ ڏنو پر اسان نوازشريف کي اهو ٻڌائڻ چاهيون ٿا ته اهو پنهنجو تاج ڪنهن ٻئي جي مٿي تي ڇو پارائي رهيو آهي، اسان جي فوج سان وڏي محبت آهي ۽ ان ۾ ڪو به شڪ ناهي ته جنرل راحيل شريف ملڪ جو مقبول فوجي حڪمران آهي پر راحيل شريف کي وزيراعظم پاران مدي ۾ واڌ ڏيڻ مناسب ناهي جنهن جي سخت لفظن ۾ مذمت ڪيون ٿا جنرل راحيل شريف کي جيڪڏهن نواز شريف ليڊرشپ ڏني ته اها قوم سان زيادتي هوندي، مدي ۾ واڌ ڏني وئي ته ڪو ٻيو ليڊر ميدان ۾ اچي نه سگهندو. هن چيو ته وزيراعظم کي گهرجي ته عوامي مينڊيٽ جو قدر ڪري، ملڪ مان ٿاڻي ڪلچر جو خاتمو ڪري ڪرپشن ختم ڪرڻ سان گڏ ڪرپٽ ماڻهن جي کيسن ۾ لڪل هٿ ٻاهر ڪڍي، سياست جو مطلب ناممڪن کي ممڪن ڪرڻ آهي، سياستدانن کي سڀني مسئلن جي خبر هوندي آهي پر انهن ۾ اهليت ۽ شعور ناهي، اهو نظام چاهيون ٿا جتي مائرون پنهنجي ٻارن جي موت تي نه روئن. هن وڌيڪ چيو ته سيڪيولرازم صرف آئين ۾ نه هجڻ گهرجي پر اسان جي ذهنن ۽ دماغ ۾ به سيڪيولرازم هجڻ گهرجي، تقريب کي خطاب ڪندي اقبال ترين چيو ته هتي مذهب اسان کي ورثي ۾ مليو آهي، 2 سئو ڪروڙ ماڻهن ۾ اقليتي صرف اٽي ۾ لوڻ برابر آهن، هن چيو ته قاضي فيض محمد اهو انسان هيو جنهن سان ملڻ بعد اهو احساس جاڳيو ته اسان کي انفرادي حقن جي لاءِ حاصلات ڪرڻ جي صلاحيت جاڳي، قاضي جي شخصيت ۾ نفرت جي نالي تي ڪابه شيءِ نه هئي هو هر انسان جي حقن کي مقدس سمجهندو هيو، ڊاڪٽر جعفر احمد چيو ته قاضي فيض محمد حقيقي معنيٰ ۾ سياست ڪئي، هن جي وزن ۾ محبت ۽ خلوص هيو، هو تمام وڏي شخصيت جو مالڪ هيو، هو غلامي واري دور ۾ پيدا ٿيو ۽ غلامي جي خلاف وڏي جنگ وڙهي، هو صحيح وقت تي پيدا ٿيو پر اسان جي وقت ۾ جن ماڻهن کي پيدا ٿيڻو هيو اهي پيدا ٿي نه سگها. هن چيو ته قاضي فيض محمد جاگيرداري نظام خلاف وڏي جنگ وڙهي، هو سنڌ هاري ڪميٽي ۾ رهي ڪري به سنڌ جي حقن لاءِ گهڻو وڙهندو رهيو، قاضي فيض محمد جي پٽ جاويد قاضي چيو ته قاضي فيض محمد پنهنجي حياتي ۾ تمام گهڻيون تڪليفون برداشت ڪيون، خاص طور ٿي شهيد ذولفقار ڀٽي جي دورن ۾ هن کي تڪليفون مليون، قاضي فيض محمد جي ورسي تقريب کي سيد منير شاهه ۽ ٻين خطاب ڪيو. جڏهن ته آخر ۾ راڳ رنگ جي محفل منعقد ٿي، جنهن ۾ مشهور راڳين فن جو مظاهرو ڪري داد حاصل ڪيو.
     
  3. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,938
    ورتل پسنديدگيون:
    27,305
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    هن پروگرام ۾ سنڌ سلامت جي سرگرم انتظامي رڪن ڊاڪٽر عبد الحفيظ لغاري، غلام مرتضى وساڻ ۽ چاچي الهداد گوپانگ سان گڏ شرڪت ڪئي.

    ڳالهائيندڙن دل کولي بيباڪي سان سچيون ۽ کريون ڳالهيون ڪيون ۽ قاضي صاحب بابت تمام گهڻيون ڳالهيون ٻڌڻ لاء مليون ..... هڪ موقعي تي ڊاڪٽرجعفر احمد ڳالهائيندي ميڊم مهتاب جي هڪ جملي جوجواب ڏنو ..... جنهن ۾ ميڊم چوي ٿي ته قاضي فيض محمد يا جي ايم سيد جهڙا ماڻهو وقت کان اڳ پيدا ٿيا. جعفر احمد چيو ته نه .... هرڪو صحيح وقت تي پيدا ٿيو ۽ پنهنجو عمل ڪري ڏيکاريو، افسوس جو اسان جي دور جا ماڻهو ڪجهه نه ٿا ڪن.

    موسيقي ۾ فقيرن، صوفي راڳين، شيما ڪرماني، سيف سميجو ۽ شفيع فقير خوب محفل ۾ سُر وکيريا پر اصل وارو ته جمن دربدر وڄايو، جنهن وٺي هر هر جنم وربو ۽ ڪي ڪي ماڻهو جهڙا گيت ڳائي داد حاصل ڪيو.
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو