• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    سنڌ سلامت جي انتظامي اي ميل تي روزانو پاسورڊ ري سيٽ ڪرڻ جون ڪافي درخواستون وصول ٿي رھيون آھن. جن تي خودڪار طريقي ذريعي اي ميل موڪلي رڪنن جا پاسورڊ ري سيٽ ڪيا پيا وڃن. ان باوجود ڪافي رڪنن کي پاسورڊ ري سيٽ ڪرڻ ۾ ڏکيائون اچي رھيون آھن. جيڪڏھن توھان سان پڻ ساڳيو مسئلو آھي تہ ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

ڪا شف جمالي

kashifgull

سينيئر رڪن
شال جوهي ۽ دادو ۾ به نصير آباد وانگر سجاڳي جي ڪا لهر اڀري .
پر افسوس اگر دادو ۽ جوهي ۾ عورت اليڪشن منجھ بيهندي ته صرف ۽ صرف وڏيرن جي محفل مان نالو ڪمائي تڪ تي اليڪشن وڙهندي ڏٺيون جيڪي پوء پارليامنٽ ۾ پهچي شراب شباب جي محفلن جي بندوبست ڪرڻ کانسواء ٻيو ڪجھ ناهن ڪنديون .
دادو جيڪو ماضي جو ويٽنام هيو اتي هاڻي شعور ختم ٿي ويو ضمير وڏيرن وٽ وڪامجي ويا . اتي ڪو ڪيئن آواز بلند ڪندو جتي ڪاري جا مالڪ ٻيٽي ٻٽاڪي هجن ته اڇي جا مالڪ ڦلجي جا پٿاري ؟؟؟
اتي مهر النساء جهڙيون بيباڪ دلير بهادر نياڻيون ته آهن ليڪن ٿانؤ ٻھاري جي ڪمن تائين انهن کي محدود رکيو ويندو آهي . يا وري مون وانگر مجبور بيوس جيڪي وڏيرن جي آپي شاهي مان نڪرڻ جي خوف کان ميدان دلالن حوالي ڪري پنهجو مستقبل زانين شرابين .بنياد پرستن حوالي ڪري پاڻ ويهي پنهجي مستقبل جو ماتم ڪندي فيسبڪ تي وقت گذرايندا آهيون .
لک سلام
لک سلام اسانجي ڀيڻ مهرالنساء کي جنهن اهو ثابت ڪيو آهي ته نصيرآباد جو عوام پنهجي قيادت پنهجي وچ مان چونڊيندو جيڪي صرف نهجي ضمير اڳيان جوابده آهن نه ڪي دادو وارن وانگر زات پرست مفاد پرست ليگي پيپلي
 
انتظامي رڪن طرفان آخري ترميم:
Back
Top