هاڻي ڪمپيوٽر ؓؓڳالهائندو... جي مهنجا دوستو هي جيڪا مان ٽپ توهان ۡۡکي ٻڌائڻ وارو آهيان ان ۾ توهان جو ڪمپيوٽر ڳالهائندو. هيٺ جيڪو ڪوڊ مان لکان پيو ان کي توهان جڏهن پاڻ وٽ سيو ڪيو ته ڪجهه به نالو ڏئي ڊاٽ وي بي ايس ۾ سيو ڪندا. ڪوڊ: dim msg, sapi msg=inputbox("enter your text","talk it") set sapi=createobject("sapi.spvoice") sapi.speak msg هاڻي توهان کي ڪرڻو اهو آهي ته اسٽارٽ مينيو ۾ وڃين رن ۾ اچي نوٽ پيڊ لکڻو آهي ۽ انٽر ڪرڻو آهي. ان کان پوء هاڻي جڏهن نوٽ پيڊ کلي وڃي ته اهو مٿي لکيل ڪوڊ ڪاپي ڪري نوٽ پيڊ تي پيسٽ ڪرڻو آهي. ان کان پوء ان نوٽ پيڊ کي سيو ڪيو نثار ڊاٽ وي بي ايس ۾ يا ڪجهه به نالو ڏيو ان کان پوء ان سيو ڪيل فائيل کي کولي ان ۾ جيڪو ڪجهه به توهان لکندا ته توهان جو ڪمپيوٽر اهو لفظ ڳالهائيندو دوستو رپلائي ڪرڻ نه وساريندا
ادا نثار تمام دلچسپ ۽ زبردست شيئرنگ ڪئي اٿوَ۔۔۔۔ بس هاڻي انتظار آهي ته ڪو سنڌي جوان اهڙا سافٽويئر يا ڪوڊ بڻائي جنهن سان سنڌي تلفظ پڻ بهتر بڻائي سگهجي۔۔۔ في الحال ته اسان پنهنجي سنڌي لکائي ئي درست ڪرڻ پيا سکون
ادا مٺڙا رشيد سمون صاحب پنهنجي ڪيل غلطي درست ڪئي آهي مهرباني ادا توهان اهڙي نموني سان اسان جي رهنمائي ڪندو ته اسان کي پنهنجي غلطين کي سڌارڻ جو موڪليو ملي ويندو. asul matt asul matt
ادا نثار منگي صاحب اوهانجو ڏنل ٽپس درست نه آهي . مون ٽرائي ڪئي پر ڪجھ هڙ حاصل نه ٿيو. سو هن صفحي کي ختم ڪيو وڃي.