جمن دربدر:
”وٺي هر هر جنم وربو، مٺا مهراڻ ۾ ملبو“ جهڙو لافاني گيت سرجيندڙ شاعر ۽ قومپرست ڪارڪن جمن ’دربدر‘ ساند قبيلي سان تعلـق رکي ٿو. هن عمرڪوٽ ضلعي ۽ تعلقي جي ڳوٺ روحل واءِ ۾ عبدالرشيد ساند جي گهر ۾ 12 مئي 1944ع تي جنم ورتو. سـنـدس والـديـن بنـيـادي طـور مسڪين ۽ مال تي گذرسفر ڪندا هئا. سندس والد هاري هو. هي پاڻ ۾ ٻه ڀائر ۽ چار ڀينرون آهن. شروعاتي تعليم پرائمري اسڪول عمرڪوٽ مان حاصل ڪيائين. بعد ۾ سندس والد ڳوٺ ۾ اسڪول کولرايو ته چار درجا سنڌي ڳوٺ جي اسڪول ۾ پڙهيو. ان بعد مڊل اسڪول صاڀي ۾ اٺين ڪلاس تائين پڙهيائين. ان دوران والد جي عزيز صاڀي جي مدرسي ۾ به پڙهيو، جتي قومپرست دانشور ۽ سياستدان عبدالواحد آريسر به ساڻس پڙهندو هو، 1962ع ۾ مئٽرڪ پاس ڪئي. ان Budder جو ڪورس هارٽيڪلچر ميرپورخاص مان (6 مهينن جو) ۽ فيلڊ اسسٽنٽ جو ڪورس پاس ڪري فيلڊ اسسٽنٽ مقرر ٿيو.1970 ع کان جاتيءَ، سجاول، باران فارم، غلام نبي شاهه، ڍوري ناري ۽ ڇور ۾ فيلڊ اسسٽنٽ طور نوڪري ڪيائين.
عـمـرڪـوٽ ۾ پـڙهـڻ دوران ڪـاليج جي اسـتاد خادم حسين شر کان قومي ۽ سوشلسٽ خيالن جا ڪتاب وٺي پڙهيائين، بعد ۾ ”بزم صوفياءِ سنڌ“ جي سفر دوران سجاول ۾ هن جي سائين جي. ايم. سيد سان ملاقات ٿي ۽ هن جي خيالن ۾ قومپرستيءَ وارو لاڙو پيدا ٿيو. بعد ۾ عبدالواحد آريسر سان ويجهڙائيءَ سبب قومي تحريڪ ۾ شامل ٿيو.
جمن دربدر هڪ ئي وقت شاعر، فنڪار، ڊراما آرٽسٽ ۽ ڊراما نويس آهي. هن زرعي ڪاليج سڪرنڊ ۾ تعليم دوران ڪيترائي ڊراما اسٽيج ڪيا، جن ۾ هن اداڪار، صداڪار ۽ هدايتڪار طور حصو ورتو. جهڙوڪ: (1) بدنصبي ٿري، (2) سکن وارو سج، (3) گلن واري ڇوڪري، (4) آس، (5) ڏک ۽ ڏڪار، (6) چنڊ لڳي ٿو لولو، (7) ٽرڙو عاشق، (8) لڱ به منهنجا لوهه، (9) جابر وڏيرو. آخري ٻه ڊراما هن سڪرنڊ زرعي ڪاليج ۾ ڪيا، جڏهن ته سندس طبعزاد ڊرامن ۾: ’آس‘، ’سکن وارو سج‘ ۽ ’ٽرڙو عاشق‘ شامل آهن.
اڳوڻي ٿرپارڪر ضلعي ۾ جيئي سنڌ محاذ جو آرگنائيزر جمن دربدر کي چونڊيو ويو، اهڙيءَ ريت هن پهرين باقاعدي جيئي سنڌ محاذ ۽ بعد ۾ جيئي سنڌ قومي محاذ ۾ سرگرم سياست ڪئي آهي.
جمن دربدر سٺو قومي شاعر آهي، هن شاعريءَ جي شروعات 1968ع ڌاري عشقيه شاعريءَ سان ڪئي ۽ پوءِ عوامي ڏک سک ڏسي قومي شاعري ڪئي. جمن دربدر جو هيٺيون ڪلام سنڌ ۾ ڏاڍو مشهور ٿيو. جنهن کي سائين جي. ايم. سيد اڪثر اچاريندو ۽ ورجائيندو هو ۽ هن پنهنجن ڪيترن ڪتابن ۾ احوالي طور ڏنو آهي، ۽ هڪ هنڌ ان جو انگريزي ترجمو به شامل ڪيو.
وٺي هر هر جنم وربو، مٺا مهراڻ ۾ ملبو،
ختم اونداهه ٿي ويندي، چٽيءَ چانڊاڻ ۾ ملبو.
سائين جي. ايم. سيد جي مزار واري احاطي جي دروازي تي به اهو شعر لکيل آهي. جمن دربدر جو ڪيترو ڪلام محفوظ نه رهي سگهيو آهي، سندس شاعري مشهور فنڪارن شفيع فقير، صادق فقير، سرمد سنڌيءَ ۽ ٻين ڳائي آهي. جڏهن ته جمن دربدر خود به سٺو فنڪار آهي، هو اسٽيجن تي سازن توڙي بنا سازن سان ڳائي محفلون مچائيندو رهندو آهي. هن 1987ع ۾ سنڌي عورتن جي سنسٿا (تنظيم) مارئي، دهلي پاران منعقد ٿيل ”شاهه لطيف انٽرنيشنل ڪانفرنس“ ۾ فنڪار جي حيثيت ۾ شرڪت ڪئي ۽ اتي ڳايل سندس ڪلام آل انڊيا ريڊيو دهليءَ تان نشر ٿيندو رهيو آهي. هن ڊراما آرٽسٽ طور ڪيترائي ميڊل ۽ ڪپ حاصل ڪيا آهن. سائين. جي. اي. سيد کان سواءِ ڪامريڊ غلام محمد لغاري ۽ ڪامريڊ ڄام ساقيءَ سان به ويجهڙائي رهي اٿس. قومي سرگرمين کانسواءِ ادبي، سماجي ۽ فلاحي ڪمن ۾ به حصو وٺندو رهيو آهي .
انسائيڪلوپيڊيا سنڌيانا تان ورتل