ڪراچي جو ڪبوتر چوڪ ان ڏينهن آرٽس ڪائونسل ڪراچي ۾ ٿيندڙ ڪتابي ميلي مان واپسي ٿي ته سنڌ سيڪريٽريٽ ۽ هاءِ ڪورٽ جي سامهون واري مشهور ڪبوتر چوڪ تي نظر پئي. گاڏي روڪي لهي پياسين مونسان گڏ ڊاڪٽر حفيظ لغاري ۽ چاچو الهداد گوپانگ به گڏ هيا. هتي ڪيترائي ڪبوتر روزانو اچن ٿا ۽ بغير جهيڙي جهٽي جي گول دائرن ۾ ٿي داڻو چُڳن ٿا ۽ وري ڀڙڪو کائي اڏامن ٿا ۽ وري اچن ٿا. هي ڪبوتر چوڪ ان ڪري به مشهور آهي جو سڄي سنڌ مان سيڪريٽريٽ ايندڙ ماڻهن جو هتان گذر ٿئي ٿو. هي ڪبوتر چوڪ ۽ هتان جا ڪبوتر اڪثرڪري هتان گذرندڙ ريلين، جلسن ۽ احتجاجن سبب به متاثر ٿيندا رهن ٿا. ڪبوتر امن جو پکي يا امن جو پيغام آهي پر افسوس جو ڪراچي مان امن موڪلائي ويو آهي. اڄڪلهه ڪجهه ٺاپر آهي پر اها خبر ناهي ته اقتدار جي ڪرسين کي لوڏيندڙ يا ڪنگ ميڪر ان امن کي ڪيستائين ٿا برقرار رکن. ڪراچي ۾ هاڻي نمائش چورنگي، قائد اعظم چوڪ، آرام باغ سميت ڪيترن ئي هنڌن تي اوهان کي ڪبوتر نظر ايندا پر چون ٿا ته هي هاء ڪورٽ وارو چوڪ ڪبوترن جو پهريون چوڪ هيو. هتي ڪبوتر ڪيئن آيا ان بابت تاريخي حقيقت ڄاڻجي پر ڪجهه دوست چون ٿا ته هاءِ ڪورٽ ۾ ايندڙ ڪجهه قيدي اتي داڻو وجهائيندا هئا ۽ ڪبوترن کي آزاد ڪرائيندا هئا جيئن انهن جي آزادي عيوض سندن آزادي ٿئي. اڄڪلهه ڪيترائي ماڻهو ۽ انهن سان ايندڙ ٻار هتي داڻو وجهن ٿا. اسان جي سامهون ڪيئي ٻار، عورتون ۽ ڪجهه نوجوان داڻو هاري رهيا هئا. مان حفيظ کان سوال ڪيو ته يار جڏهن هڙتال هوندي آ ۽ ڪراچي ۾ ڪوبه نڪري نه سگهندو آ، انهن ڏينهن ۾ هنن ڪبوترن جو ڇا حال ٿيندو هوندو؟ انجو جواب هن وٽ به ڪونه هو ... سامهون هاءِ ڪورٽ جي عمارت، ان جي مٿان ڪڪر سهڻو ۽ دلڪش ڏيک ڏئي رهيا هئا. ڪراچي ۾ اهڙيون ڪيئي سهڻيون عمارتون وارثي نه هجڻ ڪري تباهه پيون ٿين يا وري انهن جي سونهن وڏين عمارتن جي پويان گم ٿيندي پئي وڃي. ڪبوتر هونئن به اڪثر ڪري پراڻين ماڙين، وڏين جڳهن، مندرن، مسجد جي ڪنگرن، درگاهن تي جام ملن ٿا. اڄڪلهه ته منهنجي آفيس جي ٻئي منزل تي ٻاهران واري ڪناري تي هڪ ڪبوتر آنا لاٿا ۽ هاڻ ٻچا به ٿيا اٿس، شيشا ڪارا هجڻ ڪري هو مونکي ڪونه ڏسن ۽ بيپرواهه ٿيا ويٺا آهن، ٻچن جي شور تي اڪثر اٿي انهن کي ڏسندو آهيان. ڪبوتر جي ڳالهه نڪرندي آ ته مونکي هندستاني فلم “مين ني پيار ڪيا” ياد ايندي آ، جنهن جو هڪ گانو “ڪبوتر جا جا” گهڻو مشهور ٿيو. تصويرون هن لنڪ تي
مون اهو ڪبوتر چوڪ پهريون ڀيرو تڏهن ڏٺو هو جڏهن سيڪريٽريٽ ۾ ڪم پيو هو. پوءِ ڪيئي دفعا اُتان گُذر ٿيو پر ڪڏهن به بيهڻ يا ويجهو وڃي ڏسڻ جي فرصت نه ملي. ڀلو ٿئي سليمان وساڻ جو جنهن ان ڏينهن اها جاءِ ويجهي کان ڏسڻ ۽ اُتي ڪُجهه گهڙيون گُذراڻ جو موقعو ڏنو. سچ پچ ته سوين ڪبوترن وچ ۾ بيهه انهن جو داڻو چُڳڻ ۽ وري ڀڙڪو ڏيئي اڏامڻ جو منظر دلڪش لڳو. تصويرون ڪڍندي ۽ ڪبوتر ڏسندي هڪ لمحي لاءِ انقره جو مشهور چوڪ الوس ياد آيو جتي گورڌن ولاسائي سان گڏجي وڃي ساڳيو مزو ورتو هوسين. اُتي به داڻا هاريندڙ هُئا، پکين جي جهرمٽ ۽ ننڍڙا ٻار پڻ . . . .