انٽري ٽيسٽ ۾ فيل ٿيڻ تي شاگرد جو آپگات ڪرڻ.

'حالاتِ حاضره' فورم ۾ ممتاز علي وگهيو طرفان آندل موضوعَ ‏15 آڪٽوبر 2015۔

  1. ممتاز علي وگهيو

    ممتاز علي وگهيو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏14 فيبروري 2010
    تحريرون:
    4,176
    ورتل پسنديدگيون:
    4,403
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    Disbursement Officer
    ماڳ:
    سنڌ جي دل ڪراچي.
    سنڌ جي مشهور ٽي وي ڪي ٽي اين تي خبر نشر ٿئي آهي ته هڪ شاگرد مهراڻ يونيورسٽي ۾ داخلا نه ٿيڻ جي ڪري آپگهات ڪري ڇڏيو،​

    منهنجي خيال ۾ سامهون ته اهيا ڳالهه آئي ته( فلاڻي) شاگــــــــــرد هن ڳالهه جي ڪري آپگهات ڪري ڇڏيو، مگر شايد حقيقت ڪجهه ٻئي هجي ۽ تمام ڳالهين جي انت اچي ان ڳالهه تي انــــــــت ڪيو هجي.، جنهن هن جي زندگي جو انــــــــــــت آندو آهي،
    هن خبر کي پڙهي ڪري مون کي ڪافي سال پهرين ڳالهه ياد اچي وئي آهي. ڳالهه اهيا آهي ته هڪ ڏينهن مان پنهنجي وڏي ڀاء مختيار احمد وگهيو سان ڪچهري ڪري رهيو هئس، ۽ مختلف عنوانن تي ڳالهائيندا رهياسين، جنهن ۾ منهنجي ڀاء پنهنجي 25 سالا تجربي واريون ڪيتريون اهڙيون ڳالهيون ٻڌايون جيڪي پڻ لکڻ جي قابل آهن، ۽ اهي وقت سر انشاءالله لکبيون،مگر هت ڳالهه پئي هلي پنهـــــــنجي يا ڪنهن ٻئي جي زنــــــــــدگي جــــــــو انـــــــــت آڻڻ جي،

    منهنجي ڀاء مختيار احمد وگهيو جيڪو هڪ پوليس آفيسر آهي، ان ڪچهري دوران مون کي چيو ته ممتاز تو ڪڏهن اهيو ٻڌو هوندو، يا ڪنهن اخبار ۾ پڙهيو هوندو ته فلاڻي ماڻهون چانهن جي ڪوپ تي ماڻهون ماري وڌو، مون کيس چيو ته جي ادا مون بلڪل ٻڌو آهي، ۽ مون ته اهيو به ٻڌو آهي ته هڪ ماچيس جي تيلي نه ڏيڻ تي فلاڻي هنڌ قتل ٿيو آهي، ان تي منهنجي ڀاء يڪدم مون ڏانهن منهن ڪري ۽ چيو ته ممتاز اصل ائين ناهي هوندو ته ڪو هن چانهن جي ڪوپ تي ماڻهون ماريو هجي، يا ماچيس جي تيلي نه ڏيڻ تي ماڻهون ماريو هجي، بلڪه حقيقت هي هوندي آهي ته ان شخص جي زندگي ۾ ايتريون ته تلخيون گذريون هونديون آهن، جيڪي ٻڌائي بغير هو سهندو پيو ايندو آهي، ۽ هن جي دل ۽ دماغ ڀرجندو رهندو آهي،۽ ڀرجي ڀرجي جڏهن سندس برداشت جو حد ختم ٿئي ويندي آهي ته ڳالهه جو انــــــــــت اچي آخري ڳالهه تي ٿيندو آهي، ۽ اها ڳالهه پنهنجي زندگي يا ٻئي جي زندگي جو انت آڻيندي آهي، سو منهنجي خيال ۾ ان ڪيس سان به ڪجهه اهڙي ريت معاملو پيو لڳي، جنهن جي تحقيق ٿيڻ گهرجي ،
    [​IMG]
     
  2. عرس پريو

    عرس پريو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏9 سيپٽمبر 2009
    تحريرون:
    2,765
    ورتل پسنديدگيون:
    2,737
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ماڳ:
    ڪراچي ( داد و )
    ڪافي ڏيهن کان پوء واپسي تي خوش آمديد
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو