پهريان 5 ڪلاس پڙهڻ لا هن لنڪ تي ڪلڪ ڪيو. http://sindhsalamat.com/threads/39114/ پي ايڇ پي جا پنج ڪلاس اڳ۾ تحرير ڪري چڪوهوس ان کي ڪافي وقت گذري چڪو آهي. اچو ته اڄ باقائدا پروگرام تيار ڪيون ٿا. هيٺ ڏنل پروگرام ٽائيپ ڪيو ان کي محفوظ ڪيو ۽ رزلٽ ڏسو. ڪوڊ: <html> <head> <title>This is my first PHP script</title> </head> <body> <?php echo “This is my first PHP Script”; ?> </body> </html> توهان ڏسندا ته جواب ۾ This is my first PHP Script لکجي ايندو. جڏهن اسان پي ايڇ پي کي ايڇ ٽي ايم ايل ۾ ايمبيد ڪندا آهيون ته ته سڀ کان پهرين پي ايڇ پي جو ٽيگ کوليندا آهيون، پو وچ ۾ ڊبل يا سنگل ڪوٽس ۾ ڪو اسٽيٽمينٽ لکندا آهيون پو وري پي ايڇ پي جو ٽيگ بند ڪندا آهيون، اهو اسان جو پي ايڇ پي جو بلاڪ هوندو آهي.
توهان جي ٻڌايل هدايتن تي عمل ڪري ڏٺم. هي لائين This is my first PHP Script پرنٽ ڪري ڏٺم... هيٺين ڪمانڊ جي باري ۾ ڪجھ وڌيڪ ٻڌائجو... پي ايچ پي: <?phpecho “This is my first PHP Script”;?> echo سان اسين وڌيڪ ڇا ڇا ڪري سگهون ٿا؟
Echo ۽ Print ٻه اهڙيون ڪمانڊس آهن جن جي ذريعي اسان ڪواسٽيٽمينٽ رزلٽ ۾ پرنٽ ڪندا آهيون، باقي انهن جو ڪو ٻيو ڪم نه آهي.