مونکي جرم عشق ۾ سزا قيد ملي ڇو نه اکين تي رکان زندان تنهنجي نام تان قطرو قطرو خون جو ڀل وهي هي جسم ۽ جان قربان تنهنجي ناء تان
جواب: آقا مدني جي محبت ۾ چيل ڀائڙا نعمان، لک درود مدني واري جي نان جا چئجن ۔۔۔ ڌڻي اسانکي پنهنجي ۽ پنهجي رسول جي اطاعت جي توفيق عطا فرمائي ۔۔۔ اوهانجي عقيدت جا گل هن هڪ بيت مان واضح آهن ۔۔۔ اوهانجي عشق ۾ اڃان سرسي ٿئي ۔۔۔ اوهانجو بيت ته پر معني آهي پر اوهانکي بيتن چوڻ يا شاعري ڪرڻ لئه باقاعدي توجهه ڏئي سهڻن خيالن کي سهڻن لفظن سان مناسب تورتڪ سان پيش ڪرڻ لئه ٿوري وڌيڪ محنت ڪرڻي پوندي ۽ اڳتي وڌڻو پوندو اسانجو دعائون اوهان سان گڏ آهن ۔۔۔ اوهان پنهنجو تعرف ڪرايو ها ته اڃان ڪچهري ڪرڻ ۾ مزو اچي ها ۔۔۔ اميد ته اوهان سنڌ سلامت تي ڀيرو ڪندا رهندا ۽ اسانکي پنهنجا بيت ، نعتون ۽ مداحون ٻڌائي ثواب ۾ شامل ڪندا ۽ ٻين دوستن جي ڪيل محنت کان پڻ سکڻ جي ڪوشش ڪندا ۔۔۔ هي اوطاق ئي آهي سکڻ ۽ سيکارڻ جو هڪ سهڻو اڱڻ ۔۔۔ جت سهڻا ۽ سٺا دوست اچي پنهنجو ڪاوشون پيش ڪندا آهن ۔۔۔ انڪري اوهان مان به اميد آهي ته اوهان اڱڻ جي سٺن دوستن ۾ اضافو ڪندا ۔۔۔ ڪا تڪليف يا مونجهارو هجي ته سوال اوهانجو هوندو ۽ جواب دوستن جا ۔۔۔ دعائن ۾ گڏ =d>=d>=d>
جواب: آقا مدني جي محبت ۾ چيل ادا نعمان توهان جي پيارن جذبن تي اوهان کي آفرين آهي اميد ته سائين نثار ابڙو جن جي ڳالهه وانگر اگر ڪو مونجهارو هجي ته فورم جي سيڪشڻ پڇڻا نه مجهڻا ۾ پنهنجو سوال ڪري دوستن کان جواب حاصل ڪري سگهو ٿا وڌيڪ فورم تي پنهنجي خوبصورت شاعري شيئر ڪندا رهندا ۔ مهرباني۔
جواب: آقا مدني جي محبت ۾ چيل ادا نعمان آقا تان سر جان قربان اوهان جا لک لائق پنهنجي محبت جو اظهار ڪيو