دل چوي ٿي ڪجھ لکان،پر ڇا لکي ڇا لکان؟آس پاس جي ماحول جي باري ۾ لکان يا اڄ ڪل جي حالاتن جي باري ۾ لکان يا انھن ٻارن جي باري ۾ لکان جن جي ھٿن ۾ قلم جي بجائي ھوٽل تي چاھن جا ڪوپ آھن،دڪانن تي سامان ڊوئي رھيا آھن يا تہ گھٽن مان ڪاغز ۽ پنا ميڙي رھيا آھن.ڇا ھي اسان جو مستقبل نہ آھن؟يا انھن کي تعليم جي ضرورت نہ آھي؟ ڇا اسان جي ڪا ذميواري نہ آھي؟ اسان پنھنجو مستقبل پنھنجي ھٿن سان تباھ ڪري رھيا آھيون.اسان جا اسڪول وڏيرن جون اوطاقون ۽ واڙا لڳا پيا آھن.اسڪولن ۾ استاد نہ آھن اگر آھن بہ تہ اچڻ جي ضيھمت ڪو نہ ٿا ڪن،اچن بہ ڪھڙن افالن تي؟ ڇو جو يا تہ پيسن تي يا تہ ڪنھن “بنگلي“ تان ارڊر ٿو ملي ۽ پاڻ کي ڪجھ اچين ڪو نہ ٿو جو ٻارن کي پڙھائن.ھا باقي پگھار ٽائم تي کھڙندا. ڪجھ اسڪولن جو اھڙو حال آھي جتي ٻا رن کي ڪتاب ڪو نہ ٿا ملن. جڏھن تہ ڪتاب مفت ۾ اسڪول انتظاميان کي حڪومت جي طرفان ملن پيا ۽ اھي ڪتاب انتظاميان دڪانن تي وڪرو ڪري پنھنجو پيٽ پالن ٿا.ان ماڻھون کي ڪتابن جي اھميت ۽ ٻار جي مستقبل جي ڪھڙي خبر جيڪو پاڻ پيسو ڏئي نوڪري وتي ھجي ۽ پاڻ ڪڏھن ڪتاب کھنيون ڪو نہ ھجي..