• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

سنڌ سلامت تي موجود ڪچهريون ڳولهڻ هاڻي وڌيڪ آسان

رشيد سمون

Founder
انتظامي رڪن
منتظمِ اعلى
سنڌ سلامت جي عمر هاڻي جڏهن ستين (7) سال تي پهتي آهي ته چيڪ ڪرڻ سان خبر پئي ته هتي ايندڙ رڪن هڪ ٻئي سان ذاتي پيغامن ذريعي پڻ لڳ ڀڳ 10000 ڪچهريون موڪلي چڪا آهن... يقينن ايترين ڪچهرين ۾ ڪافي ڪارآمد شيون پڻ هڪ ٻئي سان ونڊيون ويون هونديون... پر ذاتي پيغامن جي ڏي وٺ جيئن ته پبليڪلي نه هوندي آهي ان ڪري اها سنڌ سلامت جي ڳولا سسٽم ۾ موجود ناهي هوندي.. جنهن ڪري رڪنن کي هڪ ٻئي سان ٿيل ذاتي ڪچهري مان ڪو خاص پيغام ڳولڻ ڪافي ڏکيو ٿي پيو هو..
اهو ئي سبب آهي جو جڏهن ڪالهه هڪ سافٽويئر لاءِ سنڌ سلامت جي سپر ايڊيٽر محترم عبيدالله ”عبيد“ ٿهيم گذارش ڪئي ۽ مون کي ياد آيو ته ساڳيو سافٽويئر هڪ دفعي سائين رحيم بخش جن پڻ گهريو هو... پر جيئن ته ڳالهه ڪافي پراڻي هئي ان ڪري ڪچهرين کي ڳولڻ سولو نه هو.. مسئلو سامهون آيو ته ان کي سلجهائڻ جي ضرورت محسوس ٿي... ۽ ويڪ اينڊ هجڻ ڪري وقت مليو ته مسئلو سلجهائجي چڪو.. :)
هاڻي سنڌ سلامت جا سڀئي رڪن ان باڪس تي ڪلڪ ڪندي جڏهن ذاتي ڪچهرين جي صفحي ايندا ته سب مينو ۾ "ڪچهري ڳوليو" نالي آپشن موجود ملندو جنهن تي ڪلڪ ڪري ڪنهن به لفظ کي لکي ڪچهري کي ڳولي سگهن ٿا.. رڪن چاهي ته جنهن رڪن سان ڪچهري ٿي هجي ان جو نالو ۽ ڪچهري جو عنوان مان ڪو لفظ لکي سسٽم کي وڌيڪ سولائي سان ڳولا جي سهولت پڻ ڏئي سگهي ٿو... ۽ آخر ۾ ڳوليو بٽڻ دٻائي نتيجا ڏسي پنهنجي مطلوبا ڪچهري کي کولي سگهجي ٿو...


m1a5Zc.jpg




21650752153_d301046740_o.jpg



اميد ته هن نئين سهولت سان سنڌ سلامت جا رڪن وڌيڪ بهتر طريقي سان مستفيد ٿي سگهندا...
 
تمام بهترين ڪَم.
مونکي ڏاڍي ڏُکيائي ٿيندي آهي جڏهن ڪچهرين ۾ ونڊ ٿيل سافٽويئر ڳولها ڪرڻا هوندا آهن، خاص طور تي پُراڻيون ڪچهريون جَن ۾ دوستن پاران موڪليل سافٽويئر سميت ٻي ذاتي معلومات ڳولهڻ ڏاڍي ڏُکي ٿيندي آهي.
تمام گهڻي خوشي ٿي ته اهو نئون فيچر سنڌسلامت ۾ لڳايو ويو آهي. :)
اميد ته ٻيا دوست به ان جو فائدو حاصل ڪندا.
فاروق سومرو
سجاد علي چنا
 
Back
Top