ڪراچيء جي شاندار روڊ شاهراه فيصل تي جيالن ۽ انهن جي همدردن جي ڄڻ ان ڏينهن عيد هجي سڀني قوميت جا ماڻهو ڪي گھٽ ڪي وڌيڪ ، جهومندا نچندا ، موٽر سائيڪلن جي وچ ۾ ويٺل معصوم ٻار به هلندي موتر سائيڪل تي نچندا خوش ٿيندا پئي رهيا ماڻهن ۾ عجيب خوشيء جوتاثر هيو . مان به انهن جي خوشي ڏسي وڌيڪ لطف اندوز ٿي رهيوهيس ڪارساز جي پل اورين طرف جانثار بينظير جي هڪ ڊگھي عاليشان ڪيمپ مزو ڏئي رهي هئي ته حيدرآباد جا پراڻا ساٿي به انهيء ڪيمپ تي ملي ويا ۽ انهن جي ملڻ جي ڪري اتي ئي بيٺا رهياسين ته جيڪڏهن محترمه هتان گذرندي ته سندس ديدار ٿي ويندو. ٻيو ته ڪو ڪم هيو ئي ڪونه ،رات جي سموري ڊرائيونگ کان پوء اسين حشاش بشاش رهڻ تي حيران ٿي رهيا هياسين . ان وقت جو هڪ ايم اين اي به پنهنجي گاڏيء ۾ اتي اچي گاڏي آهستي ڪئي ته ان ايم اين اي سان حالي احوالي ٿيڻ کانپوء ، سندس کان محترمه جي هتي پهچڻ جو ٽائيم پڇيو ته ايم اين اي صاحب چيو ته ايئن ته هيستائين پهچڻ ۾ هتي رات ٿي ويندي ، سو حڪومت چاهي پئي ته توهان جلدي پنهنجو پروگرام پورو ڪري وٺو متان ايئن ٿئي . اسان اندازو هنيو ته محترمه کي هتي پهڇڻ تائين رات ٿي ويندي پوء ڀلا ٻارن سان هتي اچون ٿا ايئن تقريبن رات جو جڏهن مان ٻارن سان ڪارساز ڪيمپ جي ٻئي پاسي پهتس ته پوئتي روڊ خالي خالي ۽ بغير استريٽ لائيٽ جي انهن علائقن جا نوجوان رستن تي ويٺا هيا ، ڪيمپ وٽ به لائيٽ نه هئي ، باقي پري پري جي روشنينن مان سڀ ڪجھ ڏسڻ ۾ اچي رهيو هيو ، پچا ڪرڻ تي خبر پئي محترمه اڃان پوئتي آهي هتي پهچڻ ۾ اڃان ڪلاڪ لڳندس . اسان به اڳتي رش ۾ ڦاسڻ نه پئي چاهيو ، بيهڻ مان ڪجھ ورڻو نه هيو جلسي گاه ، قائد اعظم جي مزار وٽ تيار هيو ، محترمه کي اتي جلسو ڪرڻو هيو ، جلسي گاه جو تياريون شام کان مڪمل هيون ڪارساز تي بيهڻ کان بهتر هيو ته مون ٻارن کي چيو ته هلو ڀلا تيستائين پاڻ غازي عبدالله شاه جي مزار تي چار قل پڙهي اچون اسين مزار تان قل پڙهي ٻارن کي ڇڏڻ لاء جڏهن گهر جي دروازي تي پهتاسين ته ثي ويء جي زوردار آواز تي ڪارساز جي پل وٽ محترمه جي ريليء تي بم ڌماڪي جي بريڪنگ نيوز شروع ٿي وئي ، جنهن جي ٻڌڻ سان ، اندر وارو خدشو ، يقين ۾ بدلجي ويو ته اهي ( ظالم ) اسان ماڻهن جو خوش ٿيڻ ، اسان جي عيد جهڙي خوشي ڪٿي برداش ڪري سگھندا ۽ واقعي سموري سنڌ جي سوين گهرن ۾ خوشين کي سيڪنڊن ۾ ماتم تبديل ڪري ، اهي ظالم پنهنجي خوشيء جو اظهار ڪنهن طريقي سان ته ضرور ملهايو هوندو ، ڪنهن ته انعام واڪرام ورتا هوندا ۽ ڪنهن ته انهن 150 ماڻهن جي شهادت ۽ سوين ماڻهن جي زخمن جون ” سوپاريون “ به ورتيون هونديون مگر قانون لاپته ، وقت جا ظالم حاڪم اڄ به بري الزام ناهن مگر هن دنياوي قانون کان دور ضرور آهن .