جو وڙ جُڙي جن سين تاريخ 7 آڪتوبر 2015 تي ميڊم ڊاڪٽر فهميده حسين صاحبه جو دل ڏکوئيندڙ ڪالم هن ئي اخبار ۾ ”مارُن مونجھ مياس“ جي عنوان هيٺ پڙهڻ لاءِ مليو. ڪالم ڏکوئيندڙ ڇو نه هجي جو سندس تحقيقي ڪم ۽ قلم جي پورهئي جي چوري نه پر ان ساڻ سينازوري ٿي آهي. تحقيقي ڪم ۽ قلم جو پورهيو رونشو ناهي اهو ائين نٿو ٿئي ان لاءِ ننڊون وڃائي نور نچوئڻو ٿو پوي ساڳي وقت قلم ۾ مس وجهڻ جي جاءِ تي پنهنجو رت وجهڻو ٿو پوي. ٻاڪاريندو اهو ئي جنهن جي محنت تي سندس اکين اڳيان چوري نه پر ڌاڙو لڳندو هوندو. اڄ تائين قلمي چوري ٻڌندا پيا اچون پر ڌاڙو پهريون ڀيرو ٻڌو اٿئون. ان ۾ تر جيترو به وڌاءُ ڪونهي ته جڏهين 2008ع ۾ ميڊم فهميده حسين سنڌي لينگئيج اٿارٽي جي چيئرپرسن جون واڳون سنڀاليون ته هي ادارو ڀڙڀانگ هئو. هتي ڪم ڪرڻ ڪا گُلن جي سيج نه هئي مئل گهوڙي ۾ ساھ وجهڻ جي برابر هئو. ميڊم تمام ٿوري عرصي ۾ پنهنجي ڄاڻ، تجربي، اڻ ٿڪ محنت ۽ سچائي جي آڌار تي هن هيڻي اداري کي پنهنجي پيرن تي بيهاريو ۽ ڏسندي ڏسندي هن اداري کي مثالي بڻائي ڇڏيو. ان ۾ نت نوان شعبا قائم ڪيا جن ۾ رات ڏينهن پنهنجي سر پاڻ به ڪم ڪيو. پنهنجي ملازمت جي عرصي ۾ سنڌ کي ڏھ جلد انسائيڪلوپيڊيا سنڌيانا جا ڏنا جيڪو سنڌ جو خواب هئو هي خواب ميڊم کان اڳ ۾ وڏن نالن وارا اسانجا محترم اديب به پورو ڪري نه سگهيا هئا. ڪجھ ڪم جي ڏکيائي کي ڏسي اڌ ۾ ڇڏي ويا ته ڪجھ وري ڪم کان ئي ڀان ڪري ويا. اُها ميڊم هئي جنهن هر ڏکيائي کي منهن ڏيندي تاج صاحب، ڪجھ وقت بدر ابڙو صاحب ۽ پوءِ تاحال محمد عثمان پنهنجي ٻي سڄي ٽيم ساڻ گڏ ڪم کي منزل تائين پهچايو. تنهن کانسواءِ منهنجي ڄاڻ مطابق اداري ۾ ڪامپيوٽر جو سنڌي شعبو به قائم ڪيو ويو جنهن شعبي ۾ سنڌ جي ڪنڊ ڪڙڇ مان ان شعبي لاءِ لائق، قابل ماڻهون گڏ ڪري سنڌي ٻولي جي مختلف شعبن لاءِ سافٽ ويئر تيار ڪرايا. ٻارن لاءِ ڌار ڌار شعبن جي ڄاڻ لاءِ ڪتاب جوڙايا. وڏن ماڻهن جي ڄاڻ لاءِ هر ٽئين مهيني ” سنڌي ٻولي جو تحقيقي جرنل“ تحقيقي ۽ معلوماتي ميگزين ڇپندو رهندو هئو جيڪو هاڻي ڪيتري عرصي کان بند آهي. ميڊم جي وڃڻ کانپوءِ ڪامپيوٽر جي شعبي کي غير فعال بڻايو ويو آهي. انسائيڪلوپيڊيا جهڙو هڪ ٻيو اهم شعبو سنڌي ڊڪشنري بورڊ قائم ڪيو ويو جنهن تي ميڊم چواڻي مطابق ته ويهن (20) ڌار شعبن ۽ مضمونن تي لغتن جي تياري تي ڪم هلندڙ هيو. انهن لغتن مان سنڌي اديبن ۽ دانشورن جي خواهش ۽ مشورن مطابق سنڌي ٻولي جي موجوده گهرجن آهر هڪ ”مفصل لغت“ جيڪا پڻ ويهن (20) جلدن تي تيار ڪرڻ جي رٿا ڪئي وئي جن جلدن جي جوڙڻ لاءِ پڻ تجربيڪار ۽ ڄاڻن جي نگراني ۾ ڪم شروع ڪيو ويو جنهن ڪم جي پنهنجي تجربي، ڄاڻ ۽ گهڻين ڊڪشنرين تي ڪم ڪرڻ جي آڌار تي آخر ۾ اکرن/ لفظن جي اصطلاح، وسعت، گرامر ۽ سٽاءُ پاڻ ڪندي رهي جيڪو ڪم اڪ جي ماکي ڪانه هئي پر ڏونگر ڏورڻو هئو. ٽن سالن جي لاڳيتي محنت ۽ گهڻين رڪاوٽن کي منهن ڏيڻ کانپوءِ رڳو هڪ حرف/اکر ”الف“ جيڪو پنج سو (500) صفحن تي مشتمل آهي، مڪمل ٿيو ۽ ڇپجڻ لاءِ پريس ۾ موڪليو ويو. هاڻي ٿيوڇا آهي ته عارضي طور مقرر ٿيل نگران چيئرمين انهي مفصل لغت (جيڪا اڃا به پريس ۾ آهي) تان ميڊم فهميده حسين جو نالو چيف ايڊيٽري تان ڊهرائي چيف ايڊيٽر لاءِ پنهنجو نالو چپجڻ لاءِ موڪليو آهي. ٿيڻ ته ائين کپي ها ته وقتي چيرمين صاحب پرائي ڪم جو قدر ڪري ها ۽ پنهنجو نالو ان لغت تي نه لکرائي ها ائين ڪرڻ سان اڃا به سندس عزت احترام ۽ ادبي دنيا ۾ سندس قد وڌي وڃي ها رڳو کيس ٻئي جي پورهئي لاءِ مهاڳ ۾ اضافي نوٽ هڻڻ جي ضرورت هئي (کيس شايد ڪنهن سندس نالو چيف ايڊيٽر لاءِ لکائڻ لاءِ غلط صلاح ڏني آهي). اهڙو وقت ۽ موقعو ميڊم کي به مليو جڏهين الانا صاحب پهرئين انسائيڪلوپيڊيا جو ڪم پنهنجي ملازمت پوري ٿيڻ تي اڌ ۾ ڇڏي هليو ويو ان ساڻ گڏ ميڊم جي لکاڻي موجب ته پهرئين انسائيڪلوپيڊيا جو مسودو ڪٿي رلي ويو هئو ته به الانا صاحب جو مهاڳ ڳولھي انهيءَ مهاڳ کي نه رڳو پنهنجي مهاڳ ۾ بڻيادي جاءِ ڏني پر اعتراف به ڪيو باقي ٻين سڀني اٺن انسائيڪلوپيڊيائن جو ڪم به الانا صاحب جي جوڙيل نموني جي بڻياد تي ڪيو ويو آهي جنهن جو به اعتراف کليل لفظن ۾ ميڊم پان به اخبار ۾ لکيل پنهنجي ڪالم ۾ به ڪيو آهي. ائين اعتراف ڪرڻ ساڻ ميڊم ۾ گهٽتائي ڪانه آئي رهندو سندس اخلاقي ۽ ادبي قد وڌي ويو. هن ناانصافي واري صورتحال کي درست ڪرڻ لاءِ سنڌي لئنگئيج اٿارٽي جي بورڊ آف گورنرس جنهن ۾ خود الانا صاحب ۽ ٻيا لائق ميمبر ڊاڪٽر سليمان شيخ، ڊاڪٽر حبيب الله صديقي، حاڪم علي شاھ بخاري ۽ تنوير جوڻيجو صاحبه وارن تي اُهو فرض ٿئي ٿو ته اهڙي سينا زوري کان عارضي چئرمين کي جهلين، سمجهائين ۽ نئين دڳ لائين پر جيڪڏهن صاحب موصوف ائين ڪرڻ کان نٿو مڙي ۽ پنهنجي سياسي پٺ جي ڪري ۽ وڏيرائپ جي هوڏ تي قائم رهي ٿو ته پوءِ يا بسم الله وقت وڏو ظالم آهي. ماڻهو جي پت وائکي ڪري وجهندو آهي. هونءَ به سنڌ جا اديب ۽ ماڻهو ايترا ڀورڙا ڪونهن جو ڪنهن جي ادبي قد ۽ ڪاٺ کي توري تڪي ماپي نه سگهندا هجن (مجبوري ۾ لکڻو ٿو پوي ته) جنهن شخص ۾ ايتري اهليت ڪانهي جو پنهنجي اٺن مهينن جي عرصي ۾ مفصل لغت جي ٻئين اکر ”ب“ جو هڪ حرف/اکر ته ٿيو پري جي ڳالھ پر ڏيڍ سئو کان به گهٽ ٽه ماهي سنڌي ٻولي تحقيقي جرنل جو هڪڙو شمارو به سنڌ کي ليگئيج اٿارٽي جي پليٽ فارم تان ڏئي سگهيو نه آهي (جيڪو ميڊم جي زماني ۾ هر ٽئين مهيني بنا ناغي شايع ٿيندو هيو). سنڌ حڪومت کي گهرجي ته هن اداري کي بچائڻ لاءِ سپريم ڪورٽ جي حڪم نامي تي هلي، سليڪشن بورڊ قائم ڪري ۽ بورڊ جي سفارش تي مستقل چيئرمين/چيئرپرسنمقرر ڪري بجاءِ جو سياسي مقرري ڪري.