مولانا سيد ولي الله شاه امرامروٽي جو تعارف ۽ ديني سماجي خدمتون

'سنڌي شخصيتون' فورم ۾ salimchohan71 طرفان آندل موضوعَ ‏19 آڪٽوبر 2015۔

  1. salimchohan71

    salimchohan71
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏5 مارچ 2013
    تحريرون:
    82
    ورتل پسنديدگيون:
    183
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    383
    ڌنڌو:
    صحافت
    ماڳ:
    سکر
    مولانا سيد ولي الله شاه امرامروٽي جو تعارف ۽ ديني سماجي خدمتون

    ابومحمدچوهاڻ سليم الله سنڌي

    ڊائريڪٽر عبيدالله سنڌي اڪيڊمي راڄو ڳوٺ

    واديءِ مهراڻ جي خانقاه عاليه قادريه راشديه امروٽ شريف اهو شاندار خطو ۽ مرڪزآهي، جنهن جي روشن ۽ چمڪندڙ آسمان تي شريعت، طريقت، سياست ۽ جهاد چنڊ، تارن ۽ سج وانگر هر گھڙي جرڪندا رهيا آهن. قافله حريت ۾ خانقاه عاليه قادريه راشديه امروٽ شريف جي بزرگن ۽ وڏڙن اهي عظيم ڪارناما ڏنا آهن. جنهن جو مثال تاريخ ۾ تمام ٿورو ملي ٿو. هتي پڙهندڙن جي خدمت ۾ انهيءَ امروٽي گھراڻي جي جاکوڙي جوان شهيد جميعيت حضرت مولانا سيد منير احمد شاه امروٽيؒ جي ارڏي، دلير پٽ حضرت مولانا سيد ولي الله شاه امروٽي جو تعارف ۽ ديني خدمتن تي هڪ جھلڪ پيش ڪجي ٿي. موصوف جمعية طلباء اسلام جو اڳوڻو مرڪزي نائب صدر ۽ صوبي سنڌ جو صدر پڻ رهي چڪو آهي، هن وقت جمعية علماء اسلام ضلع شڪارپور جا جنرل سيڪريٽري آهن، موصوف جي متعلق جيڪڏهن چيو وڃي ته وڌاءُ نه ٿيندو انهيءَ پنهنجي جماعت، خانقاه ۽ خاندان جي روشن، جرڪندڙ ۽ شاندار روايتن کي زنده رکڻ جو پڪو پھ ڪري ڇڏيو آهي

    حضرت مولانا سيد ولي الله شاھ امروٽي جن جي پيدائش 1972ء جمعية المبارڪ جي ڏينهن ٿي آهي، سندن خاندان جي بزرگن ۽ وڏڙن جو امام شاھ ولي الله محدث دهلويؒ سان گھري نسبت ۽ محبت هجڻ ڪري سندن نالو”سيد ولي الله شاھ“ رکيو ويو. جيئن ته سيد ولي الله شاھ امروٽي جن جو جنم هڪ علمي، روحاني ۽ سياسي گھراڻي ۾ ٿيو ان ڪري سندن تعليم ۽ تربيت جي شروعات به خانقاھ عاليه قادريه راشديه امروٽ شريف کان ٿي. شروعاتي تعليم ناظره قرآن مجيد ۽ فارسيءَ جاڪجھ ڪتاب خانقاھ عاليه قادريه راشديه امروٽ شريف جي مدرسي تاج المدارس منيريه ۾ حاصل ڪئي، ۽ دنيوي تعليم به مڊل تائين خانقاھ عاليه قادريه امروٽ شريف ۾ حاصل ڪيائين. ان کان پوءِ حفظ ۽ قرئت پڙهڻ لاءِ شڪارپور ۽ گھوٽڪيءَ جو رخ ڪيو. درس نظامي جي لاءِ سنڌ جي عظيم ديني درسگاھ دارالهديٰ ٺيڙهيءَ جو رخ ڪيو. دنيوي تعليم ۾ سائنس ۾ گريجوئشن ڪرڻ کان پوءِ سوشيالوجي ۾ ماسٽر ڊگري حاصل ڪيائين ٻه سال ايل ايل بي ۾ پڙهندا رهيا پر ڪورس ٽي سالن ۾ ڪيو ويو هو، ان کان پوءِ سنڌ يونيورسٽي مان ايم اي عربڪ جي اعزازي ڊگري حاصل ڪيائون.

    زندگيءَ جو ٻيو دور:

    شاھ صاحب جن ديني توڙي دنيوي تعليم حاصل ڪرڻ کان پوءِ پاڻ سياست ۾ قدم رکيو، جيئن ته خانقاھ عاليه قادريه راشديه امروٽ شريف جي ڀاڳن ڀري زمين آهي، جتي سيد العارفين وطن جي آزاديءَ جي امام حضرت مولانا سيد تاج محمود شاھ امروٽيؒ، امام المجاهدين حضرت مولانا سيد محمد شاھ امروٽيؒ ۽ حضرت مولانا سيد منيراحمد شاھ امروٽيؒ ۽ حضرت مولانا سيد سراج احمد شاھ امروٽي مدظله جھڙن عظيم المرتبت هستين هن زمين کي سونو بڻائي ڇڏيو آهي. حضرت مولانا سيد ولي الله شاھ امروٽي جن تي پنهنجي وڏڙن ۽ بزرگن جو گھرو اثر رهيو آهي، ان ڪري شاھ صاحب جن به جمعية علماء اسلام جي ذيلي جماعت جمعية طلباء اسلام ۾ ڀرپور ڪردار ادا ڪيو، ان ۾ پنهنجا خوب جوهر ڏيکاريا. پاڻ جمعية طلباء اسلام جا مرڪزي نائب صدر ۽ صوبي سنڌ جا صدر پڻ رهي چڪا آهن. جيئن ته شاھ صاحب جن جو جمعيت طلباء اسلام ۾ ڀرپور ڪردار رهيو آهي، انهيءَ ڪري کيس جمعية علماء اسلام ضلع شڪارپور جا ضلعي جنرل سيڪريٽري منتخب ڪيا ويا آهن. شڪارپور ڪاليج روڊ تي سندن آفيس ”امروٽي هائوس“ آهي. جتي پاڻ هرگھڙي جماعتي توڙي سماجي ڪمن ۾ مصروف نظر ايندا آهن. اتي سندن ڀاءُ حضرت مولانا سيد مفتي رشدالله شاھ امروٽي جن به پنهنجي وڏي ڀاءُ سان ڪلهو ڪلهي ۾ ملائي نظر ايندا.

    شاھ صاحب بحيثيت خطيب: جيئن ته خطابت هڪ عالم دين جي لاءِ نهايت ئي ضروري آهي، ان ڪري شاھ صاحب جن به خطابت جي فن ۾ پڻ شهسوار آهن، سندن خطاب جو انداز نهايت ئي اثرائتو ۽ مر مغز هوندو آهي، جيڪڏهن هيئن چئجي ته وڌاءُ نه ٿيندو شاھ صاحب جي خطابت ۾ خانقاھ عاليه قادريه راشديه امروٽ شريف جي بزرگن ۽ وڏڙن جو تسلسل آهي.

    شاھ صاحب بحيثيت ڪالم نگار: جيئن ته شاھ صاحب ٻين خوبين سان گڏوگڏ پاڻ سٺا ليڪک ۽ ڪالم نگار پڻ آهن، پاڻ هر موضوع تي ڪالم لکيا آهن ۽ کين ڪرنٽ اشوز تي لکڻ جو ڏانءُ به اٿن ته رفتار به اٿن، سندن لکيل مضمونن کي گڏ ڪجي ته چڳو ڀلو ڪتاب ” مقالات يا مضامين امروٽي“ پڻ تيار ٿي سگھي ٿو. مون کي اميد آهي ته ان بابت شاھ صاحب ضرور سوچ ۽ ويچار ڪندو.

    شاھ صاحب بحيثيت سياسي رهنماء:

    جيئن ته شاھ صاحب پاڪستان جي سڀ کان وڏي سياسي جماعت جمعية علماء اسلام جا ضلعي جنرل سيڪريٽري آهن ان ڪري شاھ صاحب جن جي سياسي حيثيت مڃيل آهي، سندن سياسي تجزيا ۽ رايا پڻ وڏي اهميت جا هوندا آهن ان سان گڏوگڏ حالات حاضره تي پڻ گھري نظر هوندي اٿن، سندن سياسي رايا ۽ تجزيا وڏي اهميت وارا آهن، جيڪڏهن جديد دور جو مؤرخ سياسي رهنمائن تي لکڻ گھرندو ته کيس حضرت مولانا سيد ولي الله شاھ امروٽي جن کي سياسي رهنماء لکڻ کان سواءِ پنهنجي تاريخ اڻ پوري سمجهندو ۽ مستقبل جي تاريخ ۾ شاھ صاحب سٺي جاءِ والاريندا، کين روشن تاريخ جو سونهري باب لکيو ويندو.

    امروٽي ٽرسٽ جي چيئرمين جي حيثيت سان: جيئن ته حضرت سيد العارفين وطن ج آزاديءَ جي امام حضرت مولانا سيد تاج محمود شاھ امروٽيؒ جي نسبت سان يادگار هڪ ادارو قائم ڪيو ويو آهي، جنهن جو ڪم فلاحي آهي، جنهن تحت غريب ۽ بيوس نياڻين جي شادي جو انتظام امروٽي ٽرسٽ پاران ڪيو ويندو آهي، جنهن ۾ حضرت مولانا سيد ولي الله شاھ امروٽي جن ڀرپور ڪردار ادا ڪري رهيا آهن.

    امروٽي اڪيڊمي: هي ادارو به وطن جي آزاديءَ جي امام حضرت مولانا سيد تاج محمود شاھ امروٽيؒ جي نسبت سان قائم ڪيل آهي، جنهن تحت ڪيترائي ديني مدرسه هلائي رهيا آهن جنهن ۾ قرآن پاڪ جي تعليم مفت ڏني ويندي آهي اڪيڊمي به حضرت مولانا سيد ولي الله شاھ امروٽي جي انتظام هيٺ هلي رهي آهي، حضرت مولانا سيد ولي الله شاھ امروٽي جن سان علمي، قلمي، سياسي توڙي سماجي ڪمن ۾ سندن ننڍو ڀاء حضرت مولانا مفتي سيد رشد الله شاھ امروٽي پڻ ٻانهن ٻيلي ٿي بيٺو آهي، حضرت مولانا سيد مفتي رشد الله شاھ امروٽي صاحب پاڻ به هڪ عالم دين، مفتي، ليڪک ۽ سياسي اڳواڻ پڻ آهي، سندن بابت هڪ جدا مضمون لکڻ جي ضرورت آهي، ان شاء الله ستت ئي سندن زندگيءَ بابت پڙهندڙن جي خدمت ۾ پيش ڪندس.

    ساٿ هلندو رهي لاٽ ٻرندي رهي.
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو