حضرت مولانا محمد حسن عباسي رحه ليکڪ مولانا مفتي شفيع محمد

'سنڌي شخصيتون' فورم ۾ salimchohan71 طرفان آندل موضوعَ ‏19 آڪٽوبر 2015۔

  1. salimchohan71

    salimchohan71
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏5 مارچ 2013
    تحريرون:
    82
    ورتل پسنديدگيون:
    183
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    383
    ڌنڌو:
    صحافت
    ماڳ:
    سکر
    بسم الله الرحمٰن الرحيم

    ”رهبر شريعت“ جي شهيد ملت ڊاڪٽر خالد محمودؒ سومرو جي سوانح نمبر جي منظر عام تي اچڻ جو تذڪرو عزيزم مولانا سليم الله چوهاڻ مدظله جن ڪيو، مون تي به اصرار ڪيو ته اوهان به مضمون ڏيو، مون روايتي انداز ۾ معذرت ڪئي (دل ۾ ارادو هيو ته ڪجھ شهيد جي ڪارنامن ۽ زندگي جي پهلوئن کي اجاگر ڪبو) پر مون ڀرپور مفت مشورا ڏنا ۽ طريقه ڪار ڏسيو ته دوستن کي هن طرح ڪم لاءِ چئو الحمدلله اها خوبي مولانا سليم الله چوهاڻ ۾ ڏاڍي سٺي آهي ته ڳالھ سمجھ ۾ اچڻ کان پوءِ ٻيڙا درياھ جي وچ سير ۾ لاهيندو آهي. وسائل ۽ اسباب کي نه ڏسندو آهي، بس ڪنهن ڏاهي جي قول موجب:

    "پرچہ ماندہ ماند ما کشتی در بحر در انداختیم"

    جيڪو ٿيڻو هوندو سو ٿيندو، اسان الاھ تُهار ٿا ڪيون، هو مشن ۾ مصروف ٿي ويو. الله تعاليٰ جي فضل ۽ ڪرم دوستن اداره ”رهبر شريعت“ جي جفا ڪش ۽ جاکوڙ ڪندڙ روح روان اسلامي صحافت ۾ پنهنجو سڪو ڄمائندڙ حضرت مولانا مفتي خالد محمود آزاد قاسمي مدظله جن هڪ ضخيم نمبر ميدان ۾ آندو. هاڻي تحقيق ڪرڻ وارا ان تي پيا تحقيقون ڪندا. ”من سن سنة حسنة فله اجرها و اجر من عملها“ يعني جنهن سهڻو طريقو رائج ڪيو ان جو اجر ان کي عطا ڪيو ويندو، پر جيڪو به ان تي عمل ڪندو يا اضافو ڪندو ان جو اجر به ان کي عطا ڪيو ويندو. اهو انهن دوستن جو صدقه جاريه آهي الله تعاليٰ انهن جي محنت ۽ ڪاوش کي پنهنجي درٻار ۾ قبول فرمائي (آمين)

    ان دوران ۾ هڪ حادثي هو شڪار به ٿيم منهنجو محسن ۽ مربي استاد قاري خليل احمد الوداع ڪري ويو، مون کي ۽ وارثن کي اڪيلو ڪري ويو. پر عزيزم مولانا سليم الله چوهاڻ وري به لڳو رهيو، مان تجويز ڪيو ته دوستن کي مشورو ڏيو ته اوهان نواب شاھ حيدرآباد ڊويزن جي علماء جي سوانح عمري تي ڪم ڪيو ته بهتر ٿيندو. ڇوته لاڙڪاڻه ۽ سکر ڊويزن ۾ ”شريعت سکر“ داد تحسين وصول ڪري چڪي آهي. بقيه حصو رهيل آهي اوهان مڪمل ڪيو ته جواب ۾ چوهاڻ چيو ته اداره ”رهبر شريعت“ جي روح روان جاکوڙ ڪندڙ چيف ايڊيٽر مولانا مفتي خالد محمود آزاد قاسمي مدظله جن حضرت لاهوريءَؒ جي خليفه مجاز حضرت قبله سائين محمدحسن عباسيؒ تي ڪم ڪري رهيو آهي. اوهان به نمبر ۾ حصو وٺو، وري به ساڳي اُنڊ ڏني، پر باربار اصرار تي هڪ متبرڪ ۽ بزرگ شخصيت تي لکڻ خود باعث برڪت ۽ فلاح آهي. مَانَ انهن بزرگن سان خداوند عالم اسان جو حشر فرمائي. آمين

    احب الصالحين ولست منهم

    لعل الله يرزقني صلاحا

    حضرت پير طريقت سائين مولانا محمدحسنؒ جي شخصيت ۽ ان جي روحاني مقام مرتبي تي اهو لکي ٿو سگھي جنهن جو اهو مقام هجي. پر ان جي تبليغي، روحاني ۽ سياسي مشاهدن ۽ واقعات تي لکي سگھجي ٿو. مان حضرت سائين جي زندگيءَ جو پورو احاطو ته نه ڪري سگھندم ڇوته مهنجو مشاهدو ايترو ڪو نه آهي، البته 1980ء کان اساتذه جي ذريعي معلومات ٿيندي رهي. 1983ء جي تحريڪ. بحالي جمهوريت يعني ايم آر ڊي ۾ حيدرآباد ڊويزن حضرت سائين جن سپھ سالار وارو ڪردار اداڪيو. تحريڪ جي حڪمت عملي موجب اول ته رضاڪارانه گرفتارين لاءِ ورڪر موڪليندا رهيا. ۽ تحريڪ کي زور وٺرائڻ لاءِ خود به گرفتاريءَ لاءِ پيش ٿيا. يا تحريڪ کي دٻائڻ لاءِ سندن گرفتار ڪيو ويو. ڪافي عرصو حيدرآباد ۽ سکر جيلن ۾ سنتِ يوسفي جو شرف حاصل ڪري حضرت لاهوريءَؒ جي حقيقي مشن الله جي زمين تي الله جو نظام جي تڪميل لاءِ پاڻ ملهايائون. پاڻ پيرانه سالي ۾ رخصت تي عمل جي بجاءِ عزيمت تي عمل فرمايو. بنا کر دند چہ خوش رسمے

    حضرت سائين محمدحسنؒ انهن هستين مان هئا جيڪي رات ڏينهن امت مسلمه جي اصلاح جي فڪر ۾ نه صرف ڪُڙندا رهندا هئا. پر راتين جاڳي سبحان کي ٻاڏائي دعائون گھرندا هئا. انهن سڄي عمر دين جي تبليغ ۽ اشاعت سالڪن جي طالبن جي تربيت خدمت وعظ، نصيحت، ارشاد ۽ تلقين ۾ گذاري پاڻ پنهنجي حلقي احباب ۾ پنهنجي مقاصد جي تحصيل ۽ تزڪيه ۽ احسان ۽ سياسي تربيت ۾ ايترو مصروف ۽ منهمڪ هئا جو انهن جي جذبي ڪيفيت کي مان الفاظ ۾ تعبير نه ٿو ڪري سگھان. انهن جي ٿڪائيندڙ سفر ۽ پوڙهپ جي باوجود هر هڪ سان ملڻ ۽ احوال وٺڻ ۽ انهن کي هدايتون ڏيڻ ۽ هر هڪ تي نظر رکڻ ۽ هر هڪ کي اتباعِ سنت جي تلقين ڪرڻ ۽ پاڻ اتباعِ سنت جو اهتمام ڪرڻ اهو عشق الاهي ۽ نصرت غيبي کان سواءِ ٻئي ڪا تعبير ڪو نه ٿي سمجھ ۾ اچي.

    اها حضرت سائين محمدحسنؒ جي صحبت ۽ تربيت جو اثر آهي جو حضرت جا خلفاءِ مجازين ۽ متعلقين احسان سلوڪ سان گڏ عوام جي ڀلي لاءِ به پاڻ پتوڙي رهيا آهن. مساجد ۽ مدارس کي آباد ڪرڻ لاءِ به جستجو ڪري رهيا آهن الله تعاليٰ انهن جو شال سنڌ سونهاري تي رنگ چاڙهي آمين ۽ سامراجي زنگ ۽ سامري واري فريب کان قوم کي بچائي. حضرت سميت جيڪي به بزرگ قوم جي ڀلي ۽ سڌاري لاءِ سوچيندا رهيا ۽ قوم جي وقتا فوقتا رهنمائي ڪندا رهيا. ليڪن قوم علماء جو نه ٻڌو سامرين ۽ سامراجين ۽ طاغوتي قوتن جي چنبي ۾ رهيا ته انهن علماء صلحاء ڪمايو قوم هارايو آهي. پنهنجي دنيا به ڏسي رهيا آهن، ڇا مليو اٿن، سواءِ ذلت ۽ رسوائيءَ جي، ليڪن اُهي هن دنيا ۾ به سرخرو ٿيا جو حق سچ جي مشن تي رهيا ۽ آخرت ۾ به ان شاء الله ڪامياب ۽ سرخرو ٿيندا، انهن جا جنازا به هڪ شان ۽ شوڪت سان ٿيا آهن. ان شاء الله ان ڏينهن قيامت جي بنا حساب ڪتاب جي جنت ۾ داخل ٿيندي حضرت سائين محمدحسنؒ ان حق سچ جي قافلي جا سرواڻ هيا. ۽ رهبر ۽ رهنما هئا. فقيري جي ويس ۾ شهنشاھ هئا.

    اسان جي سنڌ سونهاري جي جنهن هستين کي اوليت جو مقام ۽ درجو اعزاز حاصل آهي انهن مان حضرت سائين محمدحسنؒ به آهن، انهن هستين جا تذڪرا ۽ نالا ڪردار هن سرزمين تي چمڪندڙ ستارن وانگر روشن آهن، جنهن ۾ اونداهي ۾ راتين ۾ رهنمائي حاصل ڪئي ويندي آهي، بيابان ۾ سفر ڪرڻ وارا مسافر ۽ سمنڊن ۾ سير ڪرڻ وارا ملاح رستو درست ڪندا آهن، اهي شخصيتون پنهنجي زندگي ۽ عمل ۾ علم ۽ فراست ۾ هدايت جا سرچشما ۽ شمع هوندا آهن. اهي ماڻهو جڏهن هن دنيا مان موڪلائيندا آهن ته پنهنجي پويان پاڪيزه عملي نمونو ڇڏي ڪري دلين ۽ روحن ۾ برابر حق جو ولولو ۽ جذبو پيدا ڪري ويندا آهن. حضرت کان به تقريبا مُني صدي وسيع سرزمين مستفيد ٿي ان علم ۽ دين روحانيت جا ڪيئي سرچشما جاري فرمايا. ۽ ڪيترائي ديني ۽ سياسي قابل فخر ڪارناما سرانجام ڏنا. جنهن مان هڪ سياسي ڪارنامو ايم آر ڊي جي تحريڪ جي حمايت ۽ ان تحريڪ ۾ حضرت جي عملي شموليت منهنجا ۽ اوهان جا اهي اڪابر جيڪڏهن ايم آر ڊي جي نالي تي تحريڪ نه هلائين ها ۽ ضياء الحق جي مارشل لاء جي جابرانه ۽ ظالمانه پاليسين جي حمايت ڪرن ها ته نه ملڪ بچي ها نه اسلام جي روايات کي 73 جي اسلامي دفعات کي تحفظ ملي ها نه وري قاديانين خلاف تحفظ ختم نبوت آرڊي ننس اچي ها نه وري تحفظ حدود و قصاص ۽ تحفظ ناموسِ رسالت قانون منظور ٿئي ها نه وري عالم سڳورا ۽ مدارس ۽ مساجد محفوظ رهن ها، پاڪستان جي مذهبي قوتن جو حشر به بنگلاديش ۽ مصر واروٿي ها. اللهم استر عوراتنا واٰمن ورعاتنا آمين

    حضرت سائين محمدحسنؒ عباسي قافله ولي اللهٰي جي ان مقتدر هستين مان هڪ هستي شيخ التفسير حضرت احمدعليؒ لاهوري سان روحاني طور وابسته هئا. اهي وري سرتاج الاولياء امام المجاهدين سيد تاج محمودؒ امروٽي سان نسبت رکندڙ ۽ انهن جا فيض يافته هئا. اڄ انهن جي علم ۽ فضل جو چرچو دنيا جي ڪنڊ ڪڙڇ ۾ گونجي ٿو. شيخ التفسير حضرت لاهوريؒ جو نالو ڪنهن تعارف جو محتاج نه آهي، امام انقلاب حضرت سنڌيؒ جي انقلابي درس مان جيڪي باڪمال ماڻهو پيدا ٿيا انهن مان حضرت لاهوريؒ سرفهرست آهن. حضرت سنڌيؒ جي صحبتِ فيض اثر سان سندن جوهرکليا، مولانا سنڌيؒ شاھ ولي اللهؒ جي ديني انقلابي تحريڪ جا پنهنجي دور ۾ امين ۽ قائد هئا ۽ فلسفه ولي اللهي جا سڀ کان وڏا رازدان هئا، پاڻ حضرت شيخ الهندؒ جي اشاري تي ديوبند ۾ جمعية الانصار قائم فرمائي. ان کان پوءِ دهلي ۾ ”نظارة المعارف“ جي نالي سان قرآن مجيد جو سلسلو شروع ڪيائون حضرت لاهوريؒ ان ئي سلسلي کي حضرت سنڌيءَؒ جي 1915ء ۾ ڪابل وڃڻ کان پوءِ جاري رکيو. حضرت شيخ الهندؒ جي مشن کي دهليءَ ۾ جاري رکيو، حضرت لاهوريءَؒ جي دهلي جي درس ۾ جديد تعليم يافته طبقي به شرڪت ڪئي، انگريز سامراج پريشان ٿي ڪري حضرت لاهوريؒ کي دهليءَ کان لاهور جلا وطن ڪيو. حضرت جن لاهور ۾ بي سروسامانيءَ ۾ درس جو سلسلو شروع رکيو، ماڻهن لاهوريءَ کي گاريون ڏنيون، حضرت لاهوري دعائون ڏنيون. ماڻهن پٿر هنيا حضرت لاهوري قرآن ٻڌايو. حضرت جو شاگرد رشيد سيد ابوالحسن علي ندويؒ تحرير ڪري ٿو:

    ”حضرت لاهوريؒ وڻ جي هيٺان ويهي ڪري درس قرآن جو آغاز ڪيو، الله تعاليٰ جي قدرت ۽ شان ڏسو ته حضرت لاهوريؒ جي استاد حضرت شيخ الهندؒ به تعليم جو آغاز ديوبند ۾ وڻ جي هيٺان ويهي ڪيو. ائين حضرت شيخ الهندؒ مالٽا جهڙي خطرناڪ جزيري (ٻيٽ) ۾ رهي ڪري قرآن پاڪ جو ترجمو لکڻ نه ڇڏيو ته حضرت لاهوريؒ به لاهور جھڙي بي دين شهر ۾ ترجمو نه ڇڏيو، ائين درس قرآن جي شهرت ٿي پنجاب جو وڏي ۾ وڏو درس قرآن بڻجي ويو. حضرت جي ڪوشش سان قرآن پاڪ جو ذوق عام ٿي ويو، جڳه جڳه درس شروع ٿي ويا.“

    حضرت ندويؒ جي بقول مردانِ خدا جي خدمت ۾ حاضر ٿيڻ ۽ ان سان تعلق پيدا ڪرڻ ۽ پنهنجي نفس جي اصلاح جو شوق ان درس مان پيدا ٿيو، ان درس جو عظيم احسان آهي جو بعد ۾ جڏهن دارالعلوم ندوة العلماء لکنوء ۾ ترجمي ۽ تفسير جا اسباق درس طور مليا ته مون کي ان درس مان وڏي مدد ملي. شيخ الاسلام سيد حسين احمد مدنيؒ دارالعلوم ديوبند جي فاضل ٿيندڙ طالب علمن کي فرمائيندا هئا ته علم اوهان دارالعلوم ۾ رهي ڪري حاصل ڪيو آهي، پر ان جي تڪميل اوهان لاهور وڃي ڪري حضرت لاهوري جي تفسير ۾ شريڪ ٿي ڪري ڪريو، محدث دوران حضرت ڪاشميريؒ حضرت لاهوريؒ جي اشاعت قرآن مايه ناز ڪردار کي پاڻ تي احسان عظيم سان تعبير فرمايو ته حضرت لاهوريؒ جو اسان تي احسان آهي. ان هستي جي فيض بابرڪت سان حضرت سائين محمدحسنؒ پنهنجي علائقي شاھ پور چاڪر ۾ اچي ڪري دين جو سلسلو جاري رکيو ۽ جماعت جي قيادت به فرمائي. ۽ جماعتي احڪامن تي لبيڪ به چئي نه ته جنرل اليڪشن جماعتي ٽڪيٽ تي بي سروساماني ۾ بيهڻ اعليٰ درجي عزيمت روحاني يقين نه آهي رب جي رضا مقصود نه آهي ته ٻيو ڇا آهي. الله تعاليٰ انهن جي قبر مبارڪ کي نور سان ڀري. اسان سڀني کي انهن وڏڙن جي مشن ۽ طريقه ڪار کي جاري رکڻ جي توفيق عطا فرمائي. انهيءَ نصب العين تي هلندي عمل ڪندي موت نصيب ڪري ۽ آخرت جو ۾نشر به انهن هستين سان ڪري (آمين) برحمتڪ يا رب العالمين. صلي الله تعاليٰ عليٰ خير خلقہ واصحابہ ومن تبعهم اليٰ يوم الدين
     
    3 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  2. عبيد ٿھيم

    عبيد ٿھيم مُنتظم انتظامي رڪن سپر ايڊيٽر

    شموليت:
    ‏17 فيبروري 2013
    تحريرون:
    2,729
    ورتل پسنديدگيون:
    6,957
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    493
    ڌنڌو:
    سافٽويئر انجنيئر
    ماڳ:
    دبئي
    سرتاج الاوليا حضرت سائين محمدحسن عباسي رحه جي نالي سان منسوب هِن ويبسائٽ جو ڀيرو ڀريو.. :)

    www.qadriahasania.com
     
  3. عبيد ٿھيم

    عبيد ٿھيم مُنتظم انتظامي رڪن سپر ايڊيٽر

    شموليت:
    ‏17 فيبروري 2013
    تحريرون:
    2,729
    ورتل پسنديدگيون:
    6,957
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    493
    ڌنڌو:
    سافٽويئر انجنيئر
    ماڳ:
    دبئي
    اگر اجازت هُجي ته مٿيون موضوع قادريه حسنيه ڊاٽ ڪام تي لڳائجي..
     
  4. salimchohan71

    salimchohan71
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏5 مارچ 2013
    تحريرون:
    82
    ورتل پسنديدگيون:
    183
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    383
    ڌنڌو:
    صحافت
    ماڳ:
    سکر
    واه ٿهيم صاحب اوهان جي ٺهيل ويب سائٽ واه
     
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  5. salimchohan71

    salimchohan71
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏5 مارچ 2013
    تحريرون:
    82
    ورتل پسنديدگيون:
    183
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    383
    ڌنڌو:
    صحافت
    ماڳ:
    سکر
    ادا ضرور آهي پر ايترو آهي ته مضمون جيئن جو تيئن ڏيندا.
     
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.

هن صفحي کي مشهور ڪريو