• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

منهنجي ڌرتي

منهنجي ڌرتي
______________

ڌرتي هي دل وارن جي
پيارن جي سڪ وارن جي
هيءَ سڄي آ سون اسان لئه
الفت ۾ اسرارن جي
هن جي موسم مند وڻي ٿي
ڀيني ڀونءِ بهارن جي
جالار وهي جي پاڻي هن ۾
هر هنڌ ساوڪ سارن جي
غير ڪڍون هن ڀونءِ مان ٻيلي
ڳاله ڪريو للڪارن جي
پنهنجي مٽي پنهنجا ماڻهو
سرهي سونهن سنگهارن جي


رسول بخش دائودپوٽه
 
Back
Top