آئون وري ٿڪجي پيو هئس! زندگي سمجهه ۾ نه ٿي آئي اڪيلائي کان فرار ٿي تنهائي ۾ چئو واٽي تي آيو هئس هڪ چئو واٽو+ ڇهه رستا!! هر رستي جي هڪ منزل هر منزل جا اڻ کٽ راهي ڪير اڪيلو، ڪير ساٿين سان گڏجي چئوواٽي تي بيهي هڪ رستو ڇڏي، ٻئي رستي جو راهي ٿئي ٿو آئون اڌ رات جي انڌن پهرن ۾! چئو واٽي تي بيٺل!! هڪ چئو واٽو+ ڇهه رستا! هر رستي جي هڪ منزل هر منزل جا اڻ کٽ راهي مسافر رستا ۽ منزلون مٽائيندا منزل ڏانهن وڌندا ويا مون سمجهي ورتو! هڪ زندگي، الڳ، الڳ اڻ کٽ رستا!! هر رستي جي هڪ منزل هر منزل جا اڻ کٽ راهي هر هڪ مسافر رستا ۽ ساٿي مٽائيندو پنهنجي منزل طرف وڌي پيو هن مون کي ڇڏي رستو مٽايو ته ڇا ٿيو!!؟ اڄ سمجهه ۾ آيو آئون چئوواٽو آهيان ڄڻ ڪنهن جي به منزل ناهيان ڄڻ!! هر هڪ مون وٽ اچي، ٻه ٻل ترسي ٻئي رستي تي، ٻئي ساٿي سان هليو ٿو وڃي، مان ڀي بلوچ پل وارو چئو واٽو آهيان ڄڻ!!! ساگر سهندڙو - بللوچ پل.... شاهراهه فيصل ڪراچيء... جتي مون ڪراچي اچڻ وقت شروعاتي سال گذاريا ۽ ڪيتريون ئي راتيون هن چوواٽي تي چنڊ تارن سان ڳالهيون ڪندي گذاريم