ڪنهن به خانگي توڙي سرڪاري ڪمپني پاران ماڻهن جي تربيت يا تربيت لاءِ ڪوشش وٺڻ فائدي وٽان هوندو آهي. توڙي جو ڪمپني يا اداري کي اهو به لڳي ٿو ته تربيت تي ايندڙ خرچ سان اضافي مالي بار پوندو ۽ تربيت وارو عرصو سندن مُلازم ڪم نه ڪندا جنهن سان اداري جو ڪم پڻ وقت تي مُڪمل نه ٿي سگهندو پر ان هوندي به لڳ ڀڳ سڀ ادارا نوڪري دؤران تربيت ڪرائيندا رهن ٿا. پر اصل ڳالهه اها آهي ته اهڙي تربيت ڪيتري قدر فائدي واري يا مؤثر ٿئي ٿي. اڪثر اهو سمجهيو ويندو آهي ته تربيت وقت جو وڃائڻ آهي ۽ تربيت کان اڳ يا پوءِ ڪو ايڏو خاص فرق نه ٿو پئي. اسان کي جيڪو سيکاريو وڃي ٿو اهو ڪَن کي ٻي پاسي کان پڪڙن مترادف آهي نه ته ان ڪم جي اسان کي اڳ ئي خبر هُئي ۽ ٿوري فرق سان ساڳي افاديت سان ڪري رهيا هُئاسين. پر جيڪڏهن ان جو ٻيو رُخ ڏسون ٿا ته صورتِ حال ڪُجهه مختلف ٿي لڳي. جيئن هڪ ننڍڙو مثال وٺجي ته اڪثر ڪري اسان ڪو نٽ بُلٽ کولڻ لاءِ هڪ اسڪريو ڊرائيور جي مُتبادل طور ڪا به نوڪدار شيءِ يا ڇُري وغيره استعمال ڪريون ٿا ته به ڪم ٿي وڃي ٿو. پر، جيڪڏهن ڪو ان طرف اسان جو ڌيان ڇڪائي ته ايئن ڪرڻ سان اهو نٽ جيترا دفعا کُلندو اوترا دفعا وڌيڪ خراب ٿيندو ويندو ۽ اسان کي اوچتو ڌڪ پڻ لڳي سگهي ٿو. يقينن اسان ان ۾ احتياط کان ڪم وٺندي اڳتي لاءِ وس ڪري اسڪريو ڊرائيور ئي استعمال ڪنداسين. ايئن ئي ننڍي کان وڏي ليول جي سکيا سان مُڪمل نه ته به ڪُجهه فرق ضرور پوي ٿو. هونئن به حاصل ڪيل ڪا به ڄاڻ وڃائڻ جو سبب نه ٿي بڻجي. معلومات جيتري وڌي اوتري سُٺي ۽ سِڌي نه ته اڻ سِڌي طرح اسان کي يا ٻين کي فائدو ڏئي ٿي وڃي. تنهنڪري اهو ذهن ٺاهي وٺجي ته جڏهن به تربيت وٺڻ يا ڏيڻ جو موقعو ملي ته اها روايتي سوچ قطعي نه ڌارجي ته ان سان ڪو فرق نه پوندويا اها سوچ رکڻ ته مون کي پنهنجي پئسن (يا ڪنهن فائدي) سان مطلب پوءِ ٻين جو ڪُجهه به ٿئي نه ٿئي ان سان منهنجو ڇا؟ ايئن ته ڪافي سارا طريقيڪار به ڏنل آهن جن سان اها خاطري ڪرائجي ته تربيت ڪامياب رهي يا نه؟ مثال طور تربيت ڏيندڙ کي چيو ويندو آهي ته وچ وچ ۾ تربيت وٺندڙ کان سوال جواب ڪيا وڃن يا ڪُجهه اهڙيون سرگرميون ڪرايون وڃن جنهن سان خبر پئي ته ڇا جيڪو سيکاريو پيو وڃي اهو سکندڙ سکن پيا يا نه پر اصل ڳالهه آهي دلچسپي جي. . . . دلچسپي جيڪا تربيت ڏيندڙ توڙي وٺندڙ جي هُجڻ ضروري آهي. تربيت ۾ دلچسپي فقط ان صورت ۾ هوندي جڏهن تربيت وٺندڙ کي لڳي ته اُن ۾ سندس غرض آهي مثال طور ڪنهن ٻار کي رانديڪي يا سندس کاڌي جي شيءِ وٺڻ لاءِ دُڪان تائين پُهچڻ جي رستي لاءِ تربيت ڏجي ۽ ساڳي ٻار کي گهر جي ڪا عام شيءِ وٺڻ لاءِ دُڪان جو ڏس ڏجي ته هو ڪيئن ريئڪٽ ڪندو. يقنن پهرين ڳالهه ۾ ڌيان سان ٻُڌندو ۽ ٻي ۾ ٻُڌو اڻ ٻُڌو ڪندو. ان جو مطلب ته تربيت وٺندڙ کي ڪا ننڍي لالچ يا غرض ڏيڻي پوندي. جيئن مثال ڏنو ويو ته هڪ ٻار هٿان ڪا گهر جي شيءِ گهُرائڻي آهي ته ان کي پنهنجي شيءِ وٺڻ جي لالچ به ڏجي. دلچسپي نه هُجڻ جو اصل سبب آهي احتساب يا جوابداري نه هُجڻ. اُهو ايئن ته ڪنهن ڪمپني يا اداري پاران ڳچ پئسو خرچ ڪرائي تربيت ڪرائي ته وئي پر پوءِ اهو پُڇيو به نه ويو ته اوهان ڇا سکيو يا هاڻ اوهان ڪيئن بهتر پرفارم ڪري سگهو ٿا؟ ايستائين جو اسان وٽ ڪافي ادارا (خاص ڪري سرڪاري) اهڙا به آهن جيڪي لکين رُپيا خرچ ڪري جهاز جا ڳرا ڀاڙا ۽ هوٽلز جا ڪرايا ڀري مُلازمن کي ولايت ۾ تربيت تي اُماڻين ٿا پر واپسيءَ تي کانئن هڪ مخصوص پروفارما تي تربيت رپورٽ ورتي وڃي ٿي جيڪا کين اهو ئي چئي گهُري وڃي ٿي تربيت تي اوهان پاران کيسي مان ڪيل خرچ جا claim وٺڻ لاءِ اهو فارم فارملٽي طور ڀري ڏيو. باقي عملي طرح ان تربيت جي فائدي جي فڪر نه ڪا تربيت وٺندڙ کي نه تربيت ڏياريندڙ کي رهي ٿي بس هڪ رقم مخصوص هُئي انهي ڪم لاءِ جيڪا خرچ ٿي وئي ۽ سڀ خير ٿيو. ڇو ته تربيت لاءِ مختلف وقتن ۾ پئسا ايندا آهن جيڪي خرچ ڪرڻ لاءِ تربيتس ڪرايون وڃن ٿيون. ٻين لفظن ۾ ايئن ته تربيت لاءِ مخصوص رقم هڪ بار آهي جنهن کي هر حال ۾ خرچ ڪرڻو ئي آهي. جڏهن هڪ ڪم ٿيڻو ئي آهي ته ان کي ٿوري سچائي سان مُڪمل نه ته به جُزوي طور مؤثر بنائڻ ۾ ڪهڙو حرج آهي؟ بس هڪ دفعو اها سوچ اچي وڃي ته هر تربيت ڪافي حد تائين مؤثر ٿي سگهي ٿي. ان کان علاوه هڪ ٻيو سبب اهو به آهي ته اڪثر ادارن ۾ مخصوص ڪم ڪُجهه ئي ماڻهن کان ورتا وڃن ٿا ۽ ساڳي پوسٽ تي موجود ساڳي عُهدو رکندڙ ٻيا مُلازم اهو ڪم ڄاڻي واڻي نه ٿا سِکن يا ڪَن ته جيئن مٿن ڪم جو بار نه پئي. پر جيڪڏهن اها پابندي لڳائي وڃي ته ڪم ڪندڙ نه فقط ڪندا پر ٻين کي به سيکاريندا ته جيئن ڪم ورهائجي ۽ وڌيڪ ڪم اُڪلائجي ته ان سان ڪمپني کي به فائدو ٿيندو ته ڪم جو لوڊ به ورهائجي ويندو ۽ ايئن هڪ تربيت آفته مين پاور جو اضافو ٿيندو ويندو. اهي ته ٿيا اُنهن ماڻهن جا احوال جيڪي تربيت وٺڻ ۾ سنجيده ناهن پر هڪڙا اُهي جيڪي سنجيده به هوندا آهن ته به کين تربيت دؤران ٻين لاڳاپيل شين جي ڪري ڏُکيائي ٿئي ٿي. مثال طور تربيت واري هنڌ تائين پُهچڻ ۽ اُتي جو ماحول. ڪڏهن ته تربيت لاءِ 5 اسٽار هوٽل جا اي سي ڪمرا ملن ٿا (خاص ڪري اين جو اوز ۾) جو اُٿڻ تي دل نه ٿي چئي ڪڏهن وري ڳوٺ کان ضلعي هيڊ ڪوارٽر تائين پُهچڻ به مُصيبت جتي تربيت رکيل هوندي آهي. ٻين مُلڪن ۾ کڻي ايئن ناهي ۽ ٽرانسپورٽ صحيح آهي. ماڻهن جي پاڻ کان پري وارين جاين تي نه فقط رسائي جي سهولت آهي پر ايتري آرامده آهي جو سفر ڪرڻ کان پوءِ به تازا توانا تربيت واري هنڌ پُهچن ٿا جتي کين ڳالهيون سمجهڻ ۾ ڏُکيائي نه ٿي ٿئي. پر اسان وٽ جيئن ته روڊ رستن ۽ لوڪل ٽرانسپورٽ جي حالت انتهائي خراب آهي تنهنڪري پنهنجي ئي ضلعي هيڊ ڪوارٽر ۾ منعقد ٿيندڙ تربيتز تي پُهچندي به تربيت وٺندڙ ماندا ٿيو پون جنهن جو تازو مثال هاڻوڪا اين ٽي ايس پاس ٽيچرز آهن جن جي تربيت اپريل مئي جي گرمي ۾ ٿي ۽ هو ڪُجهه سکي سگهڻ جي بجاءِ ڏينهن ڳڻيندا رهيا ته ڪڏهن ٿي تربيت ختم ٿئي. اهڙي ۾ بهتر آهي ته تربيت ڏيندڙ ماهر، فنڊنگ ڪندڙ اداري کي آگاهه ڪن ته سندن ٽريني مُشڪلات جو شڪار آهن ۽ کين اچ وڃ جي ٿڪائيندڙ سفر کان پوءِ ڪُجهه سکڻ لاءِ جيڪا توانائي کپي اُها نه پئي ملي. هڪ ٻيو وڏو سبب اهو به آهي ته اڪثر تربيت وٺندڙن کي لڳي ٿو ته جيڪو کين سيکاريو پيو وڃي اهو انهن جي ڪم واري جاءِ تي لاڳو ڪرڻ ممڪن ئي ناهي. ان جي مثال لاءِ به هاڻوڪي ٽيچرز تربيت جي ڳالهه ڪري سگهجي ٿي جن کي بهتر انداز سان پڙهائڻ لاءِ جيڪي طريقيڪار سمجهايا ويا اُهي ته بين الاقوامي معيار جا هُئا ۽ گهڻي ڀاڱي ڌارين جا لکيل هُئا پر لاڳو ڪٿي ڪرڻا هُئا جتي اڄ به پراڻو مدي خارج نصاب پڙهايو وڃي ٿو ۽ آنو پئسو جي ڪرنسي جا ذڪر ملن ٿا جيڪي الاءِ ڪڏهوڪا اسان جي استعمال ۾ ناهن رهيا. يقينن اهڙي صورتِحال ۾ تربيت وٺندڙ جي بيزاري جائز آهي پر وري به اهو ذهن ۾ رکجي ته وقت ۽ توانائي ڏيئي جڏهن سکڻ آيا ئي آهيون ته متان رُپئي مان چار آني جيتري ڪا شيءِ ڪم جي ملي وڃي جيڪا اڄ نه ته سُڀاڻي ڪم جي ٿئي. جتي تربيت وٺندڙ جون ذميداريون آهن اُتي تربيت ڏيندڙ لاءِ به ضروري آهي ته ڪُجهه ڳالهيون ذهن ۾ رکي اُنهن تي لازمي عمل ڪجي. رُڳو سمجهائڻ ۽ معلومات ڏيڻ بجاءِ تربيت وٺـندڙ کان سوال جواب ڪيا وڃن کين ننڍيون اسائنمينٽس ڏجن ته جيئن ذميداريءَ جو احساس ٿئي ته جيڪو سيکاريو پيو وڃي اهو توجه سان ٻُڌجي. ساڳي وقت تربيت منعقد ڪرائڻ وارن کي به اهو ذهن ۾ رکڻ کپي ته جتي ۽ جنهن کي تربيت ڏني پئي وڃي اُتي اها لاڳو ٿيڻ ڄوڳي به آهي يا نه؟ مثال طور ڳوٺ ۾ وڃي شهري پلاننگ بابت تربيت ڏبي ته ظاهر آهي اها گهڻو تڻو وقت جو ذيان ئي ٿيندي. ايئن سڀ جيڪڏهن پنهنجي پنهنجي حصي جو ڪم صحيح طريقي موجب ڪن ته اُها تربيت يقينن مؤثر رهندي.