'بلدياتي بادل ۽ سياسي ڏيڏر''

'حالاتِ حاضره' فورم ۾ Bilal Jumani طرفان آندل موضوعَ ‏21 آڪٽوبر 2015۔

  1. Bilal Jumani

    Bilal Jumani
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏21 آڪٽوبر 2015
    تحريرون:
    7
    ورتل پسنديدگيون:
    11
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ماڳ:
    شڪارپور،سنڌ
    گھڻي عرصي کان پوء سياسي بلدياتي بادلن سنڌ ڏان رخ ڪيو آھي. ان ڪري سياسي ڏيڏر بہ ٻرن مان ٻاھر نڪتا آھن ۽ سنڌ جي روڊن رستن تي نظر اچي رھيا آھن.جتي بہ نظر وجھو اوھان کي اُھي ئي نظر ايندا.اڪثر ڏيڏر برسات کان پوءِ ئي نڪرندا آھن،پر ھي اھڙا ڏيڏر آھن جيڪي برسات کان پھريون ظاھر ٿيندا آھن،برسات کان پوءِ اوھان کي پري پري تائين ظاھر نہ ٿيندا.
    ھي اُھي ڏيڏر آھن جن کي سياستدان چئبو آھي.جيئن اليڪشن ويجھو ٿيون اينديون وڃن تيئن ھنن جي ڀڄ ڊُڪ تيز تي ٿيندي وڃي.وڏين وڏن خوفناڪ گاڏين تي ڀوتار ۽انھن جا واٺا سنڌ جي ڪنڊ ڪڙڇ ۾ ۽ در در تي وڃي ايلاز منٿون تہ بابا ”ڀوتار“ جي پارت اَٿَوَ ۽ اھي ئي روائيتي واعدا آسرا تہ بابا ھن دفعي کٽرايو پوء اوھان جي ڳائي وڄائي خدمت ڪبي ۽ چون ٿا ووٽ ضمير جو ووٽ ڀوتار جو. ھن دفي تہ ضمير بہ ناراز ٿي ويو آھي.چوي ٿو:-ھن دفعي پنھنجي مرضي سان ووٽ ڏيو مون ضمير جو نالو خراب نہ ڪيو.
     
  2. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,941
    ورتل پسنديدگيون:
    27,308
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    بلڪل درست ٿا چئو .... پر ڇا ڪجي اسان وٽ ته سڀ هڪجهڙا اميدوار آهن. ڪنهن کي ووٽ ڏيون .... !!!! يا گهر ويهي رهون؟
     
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  3. Bilal Jumani

    Bilal Jumani
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏21 آڪٽوبر 2015
    تحريرون:
    7
    ورتل پسنديدگيون:
    11
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ماڳ:
    شڪارپور،سنڌ
     
  4. Bilal Jumani

    Bilal Jumani
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏21 آڪٽوبر 2015
    تحريرون:
    7
    ورتل پسنديدگيون:
    11
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ماڳ:
    شڪارپور،سنڌ
    جيستائين تعليم آم نہ ٿيندي تيستائين شعور نہ ايندو سوچڻ سمجھڻ جو.
     
  5. چندر

    چندر
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏29 جولائي 2013
    تحريرون:
    47
    ورتل پسنديدگيون:
    104
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    393
    ڌنڌو:
    فزيشن
    ماڳ:
    ٿرپارڪر
    حقيقت اِھا آھي جو ڪو به لائق ۽ ساڃاھ رکندڙ، صحيح قسم جو ماڻھو اليڪشن ۾ اچڻ لاء تيار ئي ناھي، ڪير موچڙا کائي ۽ بي وقوفن سان مٿو کپائي پر انھي چڪر ۾ ٻه نمبر ماڻھن کي ميدان خالي مليو وڃي ۽ ماڻھن کي مجبور اُنھن مان ئي ڪو ھڪ چڱو مڙس چونڊڻو پوندو آھي جنھن جو ازالو سڄي قوم کي ڀوڳڻو پوي ٿو.
    اليڪشن ۾ ٺلھا نعرا ۽ ڪوڙا وعده، بعد ۾ ڪوڙا آسرا. اسان وٽ اڳئين اليڪشن ۾ چونڊجي آيل ناظم صاحب پئسا وٺي فيصلا ڪندو ھو سو ھاڻ وري بيٺو آھي منٿن جو اصُل ٺڪاء اٿس پر ڏسجي ته ساڳيو ٿو اچي يا سندس ٻيو ڪو ڀاء ...
     
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.

هن صفحي کي مشهور ڪريو