پيارا دوستو آءُ آهيان محمد صالح شفيق، هن فاني دنيا ۾ اڄ کان 26 سال اڳ پيدا ڪيو ويس ءِ اڃان تائين پنهنجي ابدي دنيا جي وڃڻ جي انتظار ۾ آهيان.. آئون اوٻاوڙو شهر ۾ 1989 ۾ پيدا ٿيس. ابتدائي تعليم پنهنجي شهر ۾ حاصل ڪئي. منهنجي زندگيءَ جو بهترين ساٿي ڪمپيوٽر آهي. مونکي فخر آهي ته آءٌ سنڌي آهيان. سنڌسلامت ڏسي ڏاڍي خوشي ٿي، اسانکي اهو رستو ڏيکارڻ وارا آهن. اميد ڪيون ٿا ته هتي ڪجه سٺو پڙهڻ ۽ ڏسڻ لاء ملندو. سنڌ سلامت (سنڌي ڪميونٽي جي سڀ کان وڏي فورم) تي ڀليڪار لاءِ انتظاميه جا لک لائق...
ادا ابدي دُنيا ۾ وڃڻ جي جلدي به ڪهڙي آ ؟؟؟ وقت ايندو ته هرڪنهن کي هلڻو پوندو. زندگي خداوند تعالى طرفان هڪ بهترين نعمت آهي.. ان نعمت مان مايوس نه ٿيڻ گهُرجي.
ڀاءُ اوهان کي سنڌ سلامت تي ڀليڪار ڪجي ٿي. هي اوهان جو ئي فورم آ، هتي پڙهو، سمجهو ۽ پاڻ به لکو ۽ رايا ڏيندا رهو. سدا سلامت هجو سنڌ سلامت ساٿ سلامت
ادا مرڻو ته هر ڪنهن ڪنهن کي آهي. هڪ ڏينهن...... پر اهڙا ڪم ڪري وڃڻ گهرجن جو هي دنيا ڇڏڻ کانپو به ماڻهو زنده رهي. تمام سهڻو انداز، اميد ته پنهنجي لکڻين سان هن فورم کي رونق بخشيندا رهندا. الله سائين توهان کي هميشه خوش ۽ آباد رکي. آمين