• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

منهنجي سنڌي ٻولي...

منهنجي سنڌي ٻولي
____________________
مونکي اميد آ جيئن فارسي هن خطي مان خارج ٿي وئي جيڪا صدين تائن هتي رائج هئي تيئن هي اڙدو بڪاوس واري ٻولي به ختم ٿي ويندي انشاءَالله وقت جو آ ڦيرو ڦرڻ ڏيو ڦرڪڻ کي .......سنڌ تا حيات ٻولي صدين جي ٻولي ڌرتي جي ٻولي موئن جي دڙي جي ٻولي دراوڙن جي ٻولي دودي جي ٻولي دوله جي ٻولي دريا خان جي ٻولي سومرن جي ٻولي سمن جي بولي ڪلهوڙن جي ٻولي دائودپوٽن جي ٻولي ٽالپرن جي ٻولي هن سنڌ جي عظيم ٻولي سلوڻي ٻولي پراڻي ٻولي ٻابيهن جي ٻولي بڪران جي ٻولي ڌڻن جي ٻولي ڌنارن جي ٻولي کيتن جي ٻولي ريتن جي ٻولي رمزن جي ٻولي روحن جي ٻولي راڻن جي ٻولي سماع جي ٻولي سهاڳ جي ٻولي سندر ٻولي سونهن واري ٻولي پيار جي ٻولي پڪار جي ٻولي پاٻوه جي ٻولي احساس جي ٻولي اندر جي ٻولي عشق اڪابر جي ٻولي ساڃاه وند ٻولي هٻڪار ڪندڙ ٻولي خوشبو جهڙي ٻولي .............منهنجي من جي ٻولي تکي تن جي ٻولي سن جي ٻولي ...شل آباد رهندي پنهنجن پيارن ۾ نيارن ۾ نينهن وارن ۾ نڪورن ۾ سرن ۾ جهنگ جهر ۾ ميدانن ۾ ٿر ۾ اتر لاڙ ۾ وچولي ۾ ڪاچي ۾ ڪراڙ ۾ ڪينجهر ۾ هنگالج ۾ هندوري ۾ .....
 
Back
Top