پ ٽ الف سيڪريٽري تعليم جي زيادتين خلاف ردعمل طور سنڌ جي استاد پاران مڪاني چونڊن جي ڊيوٽين جي بائيڪاٽ

'خبرون منهنجي سنڌ جون' فورم ۾ حفيظ عباسي طرفان آندل موضوعَ ‏22 آڪٽوبر 2015۔

  1. حفيظ عباسي

    حفيظ عباسي
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏19 آڪٽوبر 2015
    تحريرون:
    6
    ورتل پسنديدگيون:
    9
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    آل سنڌ پرائمري ٽيچرس ايسوسئيشن سنڌ جي مرڪزي ايڪشن ڪاميٽي، سکر ۽ لاڙڪاڻي ڊويزنن جي ڊويزنل ۽ ضلعي صدرن جي گڏيل گڏجاڻي جي ڪاروائي ۽ فيصلا.

    آل سنڌ پ ٽ الف سنڌ جي مرڪزي ايڪشن ڪاميٽي، سکر ۽ لاڙڪاڻي ڊويزنن جي ڊويزنل ۽ ضلعي صدرن جو گڏيل اجلاس تاريخ: 21 آڪٽوبر 2015 تي GBPS باغ حيات علي شاهه سکر ۾ پ ٽ الف جي مرڪزي ايڪشن ڪاميٽي جي چئرمين محترم لياقت علي ديدڙ جي صدارت ۾ ٿي گذريو.
    اجلاس جي شروعات تلاوت ڪلام پاڪ سان ٿي جنهن جي سعادت نياز حسين جلباڻي کي حاصل ٿي. اجلاس ۾ مرڪزي ايڪشن ڪاميٽي جي اڳواڻن، انتظار ڇلگري، حاجي شفيع محمد سٺيو، سڪندر علي جتوئي، حاجي محمد اشرف بروهي ڊويزنل صدر شهيد بينظير آباد ڊويزن سيد احمد علي شاهه ڊويزنل صدر سکر، امان الله مهر صدر لاڙڪاڻه ڊويزن، غلام علي مهر صدر ضلع گهوٽڪي سيد ممتاز شاهه / سبحان شاهه صدر ضلع سکر اسد ميمڻ جنرل سيڪريٽري ضلع خيرپور، سيد علي رضا شاهه صدر لاڙڪاڻه، سڪندر علي ورک صدر ضلع قمبر شهداد ڪوٽ، عبدالخالق بنگوار صدر ضلع ڪشمور ايٽ ڪنڌڪوٽ شرڪت ڪئي. جڏهن ته سيد انارالدين شاهه، فتاح صالح ڪاڪيپوٽو ۽ اسد الله ميمڻ (هالا) پڻ خصوصي طور شرڪت ڪئي.
    اجلاس ۾ سيڪريٽري تعليم خلاف هلندڙ تحريڪ کي وڌيڪ موثر ۽ فعال رکڻ لاءِ مختلف پهلوئن تي غور ويچار ڪيو. جنهن کانپوءِ هيٺيان فيصلا ڪيا ويا.
    1. ايڪشن ڪاميٽي جي توسيع:
    i. اڳ ۾ جوڙيل 8 رڪني ايڪشن ڪاميٽي ۾ توسيع ڪندي هيٺين ساٿين جو اضافو ڪيو ويو.
    1. سيد غالب شاهه 2. فتاح صالح ڪاڪيپوٽو 3. حميدالله سمون
    4. محمد امين ڪوريجو 5. غلام شبير ڄامڙو.
    ii. مرڪزي ايڪشن ڪاميٽي جي عهدن تي هيٺين ريت نامزدگي ڪئي.
    1. چئرمين: لياقت علي ديدڙ.
    2. ڪنوينر: انتظار ڇلگري.
    3. سيڪريٽري: حاجي شفيع محمد سٺيو.
    4. وائس چئرمين: سڪندر علي جتوئي.
    2. تحريڪ جا مطالبا:
    i. سيڪريٽري تعليم مسٽر فضل الله پيچوهو جي مقرري کان پوءِ گذريل ٻن اڍائي سالن ۾ جنهن طرح انتظامي بي قاعدگيون، استادن ۽ ملازمن خلاف بدنيتي تي ٻڌل انتقامي ڪاروايون ۽ اضطرابي ڪيفيتون وڌايون آهن انهن جو مثال تعليم کاتي جي پوري تاريخ ۾ نه ٿو ملي. انهيءَ ڪري اسين اعليٰ اختيارين کان مطالبو ٿا ڪريون ته سيڪريٽري تعليم کي فوري طور هٽائي تعليم کاتي مان بيچيني ختم ڪئي وڃي.
    ii. سنڌ جي هزارين استادن جون پاڻمرادو ۽ بغير ڪنهن تصديق جي بند ڪرايل پگهارون جاري ڪيو وڃن.
    iii. گذريل ٻن سالن کان غير مصدقه، غلط ۽ خفيه رپورٽن جي آڌار تي تعليم کاتي جي هزارين ملازمن کي معطل ڪري سيڪريٽريٽ بيدخل ڪيو ويو آهي. جن جو ڪوبه فيصلو نه ٿو ڪيو وڃي انهيءَ ڪري انهن سڀني معطل ٿيل کي بحال ڪري کانئن ڊيوٽيون ورتيون وڃن ۽ بي سبب برطرف ٿيل ملازمن ۽ استادن کي بحال ڪيو وڃي.
    iv. سنڌ يونيورسٽي جي سفارش تي ميرٽ تي ڀرتي ٿيل استادن کي ريگيولر ڪيو وڃي.
    v. سکر، حيدرآباد ۽ شهيد بينظير آباد ڊويزنن ۾ ٽائيم اسڪيل B-16 تي ٻين ڊويزن وانگر عمل ڪيو وڃي.
    vi. سيڪريٽري تعليم پاران بي ايڊ پاس PST ۽ JST استادن کي HST پوسٽن تي پروموشن لاءِ ڊائريڪٽرن کي منع ڪيو ويو آهي انهيءَ ڪري اسين مطالبو ٿا ڪريون ته اهڙي بندش ختم ڪري استادن جا سينارٽي تي HST پروموشن ڪيا وڃن.
    تحريڪ جا مرحلا

    اجلاس ۾ اتفاق راءِ سان هيٺيان احتجاجي مرحلا طئي ڪيا ويا.
    i. مڪاني چونڊن جي پهرين مرحلي ۾ لاڙڪاڻي ۽ سکر ڊويزن ۾ اليڪشن ڊيوٽين جي بائيڪاٽ جو علان ڪيو ويو. سنڌ جو ڪوبه پرائمري استاد توڙي استادياڻيون اليڪشن ڊيوٽي نه ڪندا.
    ii. اليڪشن ڊيوٽين جي بائيڪاٽ جي عمل کي ڪامياب بنائڻ لاءِ 26 آڪٽوبر تي لاڙڪاڻي ڊويزن ۽ 27 اڪٽوبر تي سکر ڊويزن ۾ ورڪرز ڪنوينشن منقعد ڪيا ويندا جنهن ۾ تعلقن، ضلعن ۽ ڊويزنن جا سڀ چونڊيل عهديدار ۽ Activest شريڪ ٿيندا ۽ بائيڪاٽ جي ڪاميابي لاءِ حڪمت جوڙي ويندي.
    iii. 28 آڪٽوبر تي نوابشاهه زرداري هائوس آڏو ڊويزنل ڌرڻو هندو ويندو جنهن ۾ بينظير آباد ڊويزن جا سڀ پرائمري استاد ۽ مرڪزي ايڪشن ڪاميٽي شريڪ ٿيدا.
    iv. چيف اليڪشن ڪمشنر سنڌ کي سيڪريٽري تيليم جي زيادتين جي سبب اليڪشن ڊيوٽي جي بائيڪاٽ متعلق تفصيلي خط لکيو ويندو.
    v. پاڪستان پيپلز پارٽي جي اعليٰ ترين قيادت خصوصا جناب آصف علي خان زرداري، بلاول ڀٽو زرداري، سيد قائم علي شاهه، سيد خورشيد احمد شاهه ۽ محترمه فريال ٽالپر کي خط لکي مسٽر پيچوهو جي زيادتين ۽ غلط پالسين کان آگاهه ڪيو ويندو ۽ کانئن 28 آڪٽوبر تائين وضاحت طلب ڪئي ويندي ته مسٽر پيچوهو هڪ سرڪاري ملازم آهي يا سياستدان؟ ۽ اهو به ته جيڪڏهن P.P.P سندس زياديتن ۽ تعليم دشمن توڙي استاد دشمن پاليسي کي Dis-own ڪري ٿي يا نه؟ نه ته ٻي صورت ۾ سنڌ جا استاد، انه جا دوست ۽ سندن گهر ڀاتي مڪاني چونڊن ۾ P.P.P جي اميدوارن کي ووٽ نه ڏيڻ جو فيصلو ڪرڻ جا مجاز هوندا. جنهن جو حتمي فيصلو 28 آڪٽوبر تي ٿيندڙ مرڪزي ايڪشن ڪاميٽي جي گڏجاڻي ۾ ڪيو ويندو.

    تعليم کاتي جي ملازم توڙي استاد تنظيمن جي اتحاد لاءِ ڪوششون
    اجلاس ۾ فيصلو ڪيو ويو ته تحريڪ کي وڌيڪ تيز، منظم ۽ فعال ڪرڻ لاءِ تعليم کاتي جي استاد توڙي ملازمن تنظيمن جهڙوڪ، گسٽا، سپلا، آپڪا، سپسا، گزيٽيڊ آفيسرس ايسوسئيشن، ماٽا، لوئر اسٽاف ۽ ٻين ۽ ٻين جو گرينڊ الائنس جوڙيو وڃي. انهيءَ لاءِ محترم لياقت علي ديدڙ، انتظار ڇلگري، حاجي شفيع محمد سٺيو ۽ سڪندر علي جتوئي تي مشتمل رابطه ڪاميٽي جوڙي وئي جيڪا 29 آڪٽوبر تائين مختلف تنظيمن جي مرڪزي اڳواڻن سان ملاقاتون ڪري “اتحاد جي قيام” لاءِ ڪوششون وٺندا.

    (لياقت علي ديدڙ)
    چئرمين ايڪشن ڪاميٽي
    پ ٽ الف سنڌ
    0333-7579260 (حاجي شفيع محمد سٺيو)
    سيڪريٽري ايڪشن ڪاميٽي
    پ ٽ الف سنڌ
    0333-2801550 (انتظار ڇلگري)
    ڪنوينر ايڪشن ڪاميٽي
    پ ٽ الف سنڌ
    0300-3171385

    ڪاپي اطلاع لاءِ:
    1. جناب چيف اليڪشن ڪمشنر سنڌ ڪراچي.
    2. جناب وزير اعليٰ سنڌ ڪراچي.
    3. جناب چيف سيڪريٽري سنڌ ڪراچي.
    4. جناب وزير تعليم حڪومت سنڌ ڪراچي.
    5. جناب سيڪريٽري تعليم حڪومت سنڌ ڪراچي.
    6. جناب صدر پ ٽ الف ڊويزن/ ضلعو/ تعلقو/ سٽي .................................. (سڀ).

    ڏانهن: جناب چيف اليڪشن ڪمشنر سنڌ.

    عنوان: سيڪريٽري تعليم جي زيادتين خلاف رد عمل طور سنڌ جي استاد پاران مڪاني چونڊن جي ڊيوٽين جي بائيڪاٽ اطلاع:
    جناب اعليٰ:
    اوهانکي نيڪ روشن هجي آل سنڌ پرائمري ٽيچرس ايسوسيئشن (پ ٽ الف) سنڌ جي هڪ لک پرائمري استادن جي واحد نمائنده جماعت آهي. جيڪا سيڪريٽري تعليم حڪومت سنڌ مسٽر فضل الله پيچوهو جي زيادتين خلاف هيٺين سببن ڪري مڪاني چوڊن جي پهرين مرحلي ۾ اليڪشن ڊيوٽين جي بائيڪاٽ جو اعلان ڪري ٿي.
    i. سيڪريٽري تعليم جي هدايتن تي AG سنڌ پاران سنڌ جي هزارين استادن ۽ ملازمن جون پگهارون گذريل 6 مهينن کان بند آهن ۽ اهو سلسلو روز بروز وڌندو وڃي ٿو.
    ii. موجوده سيڪريٽري تعليم گذريل 2 سالن کان غير مصدقه، ڪوڙين ۽ خفيه رپورٽن تي سنڌ جي هزارين استادن ۽ ملازمن کي معطل ڪري سيڪريٽريٽ رپورٽ ڪرايو ويو آهي۽ کين زباني حڪم تي وري واپس ساڳين اسڪولن ۾ موڪليو ويو آهي جتي کانئن نه حاضري ٿي ورتي وڃي ۽ نه وري کين ريزڪي موڪل Casual Leave ڏني وڃي ٿي. مقامي تعليمي آفيسر چون ٿا ته اوهان کي سرڪاري طور سنڌ سيڪريٽريٽ رپورٽ ڪرايو ويو آهي انهيءَ ڪري اوهان اسان سان ڪابه لکپڙهه نه ٿا ڪري سگهو.
    iii. ساڳي طرح گذريل ٻن سالن دوران سوين استادن ۽ ملازمن کي بغير ڪنهن (Serious Charges) جي نوڪرين تان برطرف ڪيو ويو آهي ۽ جڏهن انهن قانون موجب سنڌ جي چيف سيڪريٽري کي اپيلون ڪيون آهن ۽ جناب چيف سيڪريٽري سنڌ کانئس انهن جي برطرفي متقلق (Comments) گهريا آهن ته سال کان وڌيڪ عرصو گذرڻ کانپوءِ به انهن جي اپيلن تي ڪمينٽيس ڏيڻ لاءِ تيار نه آهي ۽ وري جيڪڏهن جناب چيف سيڪريٽري انصاف جي تقاضائن جي آڌار تي ڪنهن به استاد کي بحال ڪري ٿو ته سيڪريٽري تعليم انهن کي نه فقط پوسٽنگ نه ٿو ڏئي پر چيف سيڪريٽري خلاف ميڊيا ۾ پڻ تنقيد ڪري ٿو. اهڙي طرح هو خود سرڪار جي رٽ کي چئلنج ڪيو ويٺو آهي.
    iv. سال 2013 ۾ سنڌ اسيمبلي پاران سنڌ يونيورسٽي جي سفارش تي ڀرتي ٿيل استادن کي 3 سالن جو ڪانٽريڪٽي پيرڊ پوري ٿيڻ کانپوءِ ريگيولر ڪيو ويو آهي پر ٻن سالن کان وڌيڪ عرصو گذرڻ کانپوءِ به سيڪريٽري تعليم جي هٺ ڌرمي سبب سندن Regularization جو نوٽيفڪيشن جاري نه ٿو ڪيو وڃي.
    v. سال 2014 ۾ سنڌ جي پرائمري استادن کي ٽائيم اسڪيل B-16 ڏنو ويو ۽ هينئر انهن تي عمل درآمد نه ڪرڻ لاءِ ڊائريڪٽرن کي پابند ڪيو ويو آهي جنهن سبب سکر، حيدرآباد ۽ شهيد بينظير آباد ڊويزن جي هزارين استادن کي سندن جائز حق کان محروم رکيو ويو آهي.
    vi. سنڌ جي B.Ed پاس پرائمري استادن کي هر سال سينارٽي تي HST طور پروموشن ڏنا ويندا آهن ۽ انهن جا سڀ ورڪنگ پيپرس واسطيدار ڊائريڪٽرن جي آفيس ۾ پهتل آهن ڪن ڊائريڪٽرن ته DPC جون تاريخون به مقرر ڪيون هيون پر سيڪريٽري تعليم جي مداخلت تي DPC جون ميٽنگون ڪينسل ڪرايون ويون آهن ۽ استادن کي سندن جائز حق کان محروم ڪيو آهي.
    vii. موجوده سيڪريٽري تعليم جي هٺ ڌرمي سبب سموري تعليم کاتي جو انتظامي عمل ۽ ڊانچو بري طرح متاثر ٿيو آهي جنهن جو مثال انهيءَ مان لڳائي سگهجي ٿو ته TEO جي 884 پوسٽن تي فقط 150 جي لڳ ڀڳ آفيسرن کي تعنيات ڪيو آهي ۽ هڪ هڪ TEO کي 4 کان 8 ايڊشنل چارجون ڏئي انتظامي بحران پيدا ڪيو ويو آهي.
    viii. موجوده سيڪريٽري تعليم جڏهن کان کاتي جي چارج سنڀاري آهي تڏهن کان کاتي ۾ انارڪي ۽ اضطراب جي ڪيفيت جنم ورتو آهي. سڀ اختيار سندس ذات تائين محدود آهن، استادن توڙي پنهنجي ما تحت عملي جي تذليل، توهين ۽ ذهني توڙي جسماني ٽارچر سندس پسنديده شغل آهي. جنهن تازو مثال قاضي احمد جي ٻن استادن کي پنهنجي آفيس ۾ ذاتي ٻڌڻي تي گهرائي پنهنجي ذاتي هٿيار بند محافظن هٿان تشدد ڪرڻ ۽ چار ڪلاڪ کين يرغمال بڻائي رکڻ آهي. جنهن جون رپورٽون اليڪٽرانڪ، پرنٽ توڙي سوشل ميڊيا ته موجود آهن.
    جناب اعليٰ!
    سندس اهڙي روش ڪري تعليم کاتو “پيچوها اسسٽنٽ” ۽ سندس آفيس “ڪميٽي فضل الله” جو روپ اختيار ڪري چڪي آهي.
    اهڙي صورتحال ۾ تعليم کاتي جو هر ملازم عدم تحفظ جو شڪار ۽ پنهنجي جائز حق کان محروم آهي.
    انهيءَ ڪري آل سنڌ پرائمري ٽيچرس ايسوسيئيشن سنڌ جي مڪاني چونڊن ۾ ڊيوٽيون موجوده سيڪريٽري تعليم مسٽر فضل الله پيچوهو جي بدلي سان مشروط رکي ٿي ۽ اليڪشن ڊيوٽين جي بائيڪاٽ جو اعلان ڪري ٿي ۽ اهڙو باضابطا اطلاع سائين جن جي خدمت ۾ عرضي رکجي ٿو.
    واڌو احترام

    (لياقت علي ديدڙ)
    چئرمين ايڪشن ڪاميٽي
    پ ٽ الف سنڌ
    0333-7579260 (حاجي شفيع محمد سٺيو)
    سيڪريٽري ايڪشن ڪاميٽي
    پ ٽ الف سنڌ
    0333-2801550 (انتظار ڇلگري)
    ڪنوينر ايڪشن ڪاميٽي
    پ ٽ الف سنڌ
    0300-3171385

    ڪاپي اطلاع لاءِ:
    1. جناب وزير اعليٰ سنڌ ڪراچي.
    2. جناب چيف سيڪريٽري سنڌ ڪراچي.
    3. جناب وزير تعليم حڪومت سن ڌ ڪراچي.
    4. جناب سيڪريٽري تعليم حڪومت سنڌ ڪراچي.
    5. جناب صدر پ ٽ الف ڊويزن/ ضلعو/ تعلقو/ سٽي .................................. (سڀ).
    6. ڪاروائي فائيل..

    (انتظار ڇلگري)
    ڪنوينر ايڪشن ڪاميٽي
    پ ٽ الف سنڌ
    Email: inte zarchhalgri@yahoo.com
     
  2. عرس پريو

    عرس پريو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏9 سيپٽمبر 2009
    تحريرون:
    2,765
    ورتل پسنديدگيون:
    2,737
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ماڳ:
    ڪراچي ( داد و )
    ادا هي وڏو ڪميڻو آهي
    وڏو سفارشي ان کي موچڙا هڻي هٽايو باقي ائين ڪون ويندو
     
    3 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.

هن صفحي کي مشهور ڪريو