پ ٽ الف پاران چيف اليڪشن ڪمشنر سنڌ ڏانهن موڪليل اليڪشن ڊيوٽين جي بائيڪاٽ جو خط

'خبرون منهنجي سنڌ جون' فورم ۾ حفيظ عباسي طرفان آندل موضوعَ ‏22 آڪٽوبر 2015۔

  1. حفيظ عباسي

    حفيظ عباسي
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏19 آڪٽوبر 2015
    تحريرون:
    6
    ورتل پسنديدگيون:
    9
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڏانهن: جناب چيف اليڪشن ڪمشنر سنڌ.

    عنوان: سيڪريٽري تعليم جي زيادتين خلاف رد عمل طور سنڌ جي استاد پاران مڪاني چونڊن جي ڊيوٽين جي بائيڪاٽ اطلاع:
    جناب اعليٰ:
    اوهانکي نيڪ روشن هجي آل سنڌ پرائمري ٽيچرس ايسوسيئشن (پ ٽ الف) سنڌ جي هڪ لک پرائمري استادن جي واحد نمائنده جماعت آهي. جيڪا سيڪريٽري تعليم حڪومت سنڌ مسٽر فضل الله پيچوهو جي زيادتين خلاف هيٺين سببن ڪري مڪاني چوڊن جي پهرين مرحلي ۾ اليڪشن ڊيوٽين جي بائيڪاٽ جو اعلان ڪري ٿي.
    i. سيڪريٽري تعليم جي هدايتن تي AG سنڌ پاران سنڌ جي هزارين استادن ۽ ملازمن جون پگهارون گذريل 6 مهينن کان بند آهن ۽ اهو سلسلو روز بروز وڌندو وڃي ٿو.
    ii. موجوده سيڪريٽري تعليم گذريل 2 سالن کان غير مصدقه، ڪوڙين ۽ خفيه رپورٽن تي سنڌ جي هزارين استادن ۽ ملازمن کي معطل ڪري سيڪريٽريٽ رپورٽ ڪرايو ويو آهي۽ کين زباني حڪم تي وري واپس ساڳين اسڪولن ۾ موڪليو ويو آهي جتي کانئن نه حاضري ٿي ورتي وڃي ۽ نه وري کين ريزڪي موڪل Casual Leave ڏني وڃي ٿي. مقامي تعليمي آفيسر چون ٿا ته اوهان کي سرڪاري طور سنڌ سيڪريٽريٽ رپورٽ ڪرايو ويو آهي انهيءَ ڪري اوهان اسان سان ڪابه لکپڙهه نه ٿا ڪري سگهو.
    iii. ساڳي طرح گذريل ٻن سالن دوران سوين استادن ۽ ملازمن کي بغير ڪنهن (Serious Charges) جي نوڪرين تان برطرف ڪيو ويو آهي ۽ جڏهن انهن قانون موجب سنڌ جي چيف سيڪريٽري کي اپيلون ڪيون آهن ۽ جناب چيف سيڪريٽري سنڌ کانئس انهن جي برطرفي متقلق (Comments) گهريا آهن ته سال کان وڌيڪ عرصو گذرڻ کانپوءِ به انهن جي اپيلن تي ڪمينٽيس ڏيڻ لاءِ تيار نه آهي ۽ وري جيڪڏهن جناب چيف سيڪريٽري انصاف جي تقاضائن جي آڌار تي ڪنهن به استاد کي بحال ڪري ٿو ته سيڪريٽري تعليم انهن کي نه فقط پوسٽنگ نه ٿو ڏئي پر چيف سيڪريٽري خلاف ميڊيا ۾ پڻ تنقيد ڪري ٿو. اهڙي طرح هو خود سرڪار جي رٽ کي چئلنج ڪيو ويٺو آهي.
    iv. سال 2013 ۾ سنڌ اسيمبلي پاران سنڌ يونيورسٽي جي سفارش تي ڀرتي ٿيل استادن کي 3 سالن جو ڪانٽريڪٽي پيرڊ پوري ٿيڻ کانپوءِ ريگيولر ڪيو ويو آهي پر ٻن سالن کان وڌيڪ عرصو گذرڻ کانپوءِ به سيڪريٽري تعليم جي هٺ ڌرمي سبب سندن Regularization جو نوٽيفڪيشن جاري نه ٿو ڪيو وڃي.
    v. سال 2014 ۾ سنڌ جي پرائمري استادن کي ٽائيم اسڪيل B-16 ڏنو ويو ۽ هينئر انهن تي عمل درآمد نه ڪرڻ لاءِ ڊائريڪٽرن کي پابند ڪيو ويو آهي جنهن سبب سکر، حيدرآباد ۽ شهيد بينظير آباد ڊويزن جي هزارين استادن کي سندن جائز حق کان محروم رکيو ويو آهي.
    vi. سنڌ جي B.Ed پاس پرائمري استادن کي هر سال سينارٽي تي HST طور پروموشن ڏنا ويندا آهن ۽ انهن جا سڀ ورڪنگ پيپرس واسطيدار ڊائريڪٽرن جي آفيس ۾ پهتل آهن ڪن ڊائريڪٽرن ته DPC جون تاريخون به مقرر ڪيون هيون پر سيڪريٽري تعليم جي مداخلت تي DPC جون ميٽنگون ڪينسل ڪرايون ويون آهن ۽ استادن کي سندن جائز حق کان محروم ڪيو آهي.
    vii. موجوده سيڪريٽري تعليم جي هٺ ڌرمي سبب سموري تعليم کاتي جو انتظامي عمل ۽ ڊانچو بري طرح متاثر ٿيو آهي جنهن جو مثال انهيءَ مان لڳائي سگهجي ٿو ته TEO جي 884 پوسٽن تي فقط 150 جي لڳ ڀڳ آفيسرن کي تعنيات ڪيو آهي ۽ هڪ هڪ TEO کي 4 کان 8 ايڊشنل چارجون ڏئي انتظامي بحران پيدا ڪيو ويو آهي.
    viii. موجوده سيڪريٽري تعليم جڏهن کان کاتي جي چارج سنڀاري آهي تڏهن کان کاتي ۾ انارڪي ۽ اضطراب جي ڪيفيت جنم ورتو آهي. سڀ اختيار سندس ذات تائين محدود آهن، استادن توڙي پنهنجي ما تحت عملي جي تذليل، توهين ۽ ذهني توڙي جسماني ٽارچر سندس پسنديده شغل آهي. جنهن تازو مثال قاضي احمد جي ٻن استادن کي پنهنجي آفيس ۾ ذاتي ٻڌڻي تي گهرائي پنهنجي ذاتي هٿيار بند محافظن هٿان تشدد ڪرڻ ۽ چار ڪلاڪ کين يرغمال بڻائي رکڻ آهي. جنهن جون رپورٽون اليڪٽرانڪ، پرنٽ توڙي سوشل ميڊيا ته موجود آهن.
    جناب اعليٰ!
    سندس اهڙي روش ڪري تعليم کاتو “پيچوها اسسٽنٽ” ۽ سندس آفيس “ڪميٽي فضل الله” جو روپ اختيار ڪري چڪي آهي.
    اهڙي صورتحال ۾ تعليم کاتي جو هر ملازم عدم تحفظ جو شڪار ۽ پنهنجي جائز حق کان محروم آهي.
    انهيءَ ڪري آل سنڌ پرائمري ٽيچرس ايسوسيئيشن سنڌ جي مڪاني چونڊن ۾ ڊيوٽيون موجوده سيڪريٽري تعليم مسٽر فضل الله پيچوهو جي بدلي سان مشروط رکي ٿي ۽ اليڪشن ڊيوٽين جي بائيڪاٽ جو اعلان ڪري ٿي ۽ اهڙو باضابطا اطلاع سائين جن جي خدمت ۾ عرضي رکجي ٿو.
    واڌو احترام

    (لياقت علي ديدڙ)
    چئرمين ايڪشن ڪاميٽي
    پ ٽ الف سنڌ
    0333-7579260 (حاجي شفيع محمد سٺيو)
    سيڪريٽري ايڪشن ڪاميٽي
    پ ٽ الف سنڌ
    0333-2801550 (انتظار ڇلگري)
    ڪنوينر ايڪشن ڪاميٽي
    پ ٽ الف سنڌ
    0300-3171385

    ڪاپي اطلاع لاءِ:
    1. جناب وزير اعليٰ سنڌ ڪراچي.
    2. جناب چيف سيڪريٽري سنڌ ڪراچي.
    3. جناب وزير تعليم حڪومت سن ڌ ڪراچي.
    4. جناب سيڪريٽري تعليم حڪومت سنڌ ڪراچي.
    5. جناب صدر پ ٽ الف ڊويزن/ ضلعو/ تعلقو/ سٽي .................................. (سڀ).
    6. ڪاروائي فائيل..

    (انتظار ڇلگري)
    ڪنوينر ايڪشن ڪاميٽي
    پ ٽ الف سنڌ
    Email: inte zarchhalgri@yahoo.com
     
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  2. عرس پريو

    عرس پريو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏9 سيپٽمبر 2009
    تحريرون:
    2,765
    ورتل پسنديدگيون:
    2,737
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ماڳ:
    ڪراچي ( داد و )
    تمام ڀلو ڪم ڪيو اٿن ان کي خوار ڪريو بيعزتو ڪريو متان پوء استيفا ڏئي ه هي جان ڪون ڇڏيندو
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو