سنڌجي موجوده تعليمي نظام۽ ڳوسڙو ماسترن واري مهم (حفيظ ڪنڀر جا ويچار)

'حالاتِ حاضره' فورم ۾ حفيظ عباسي طرفان آندل موضوعَ ‏23 آڪٽوبر 2015۔

  1. حفيظ عباسي

    حفيظ عباسي
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏19 آڪٽوبر 2015
    تحريرون:
    6
    ورتل پسنديدگيون:
    9
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    [​IMG]
    سنڌ جي گورنمينٽ سيڪٽر جي بچيل سچيل تعليم کي تباھ و برباد ڪرڻ لاءِ،ايجوڪيشن جي بيوروڪريسي جي گناهن کي بچائڻ لاءِ اُستادن کي ذميوار قرار ڏنو پيو وڃي.پورو نظام ڪرپشن جي ور چڙهي چڪو آهي،ايجوڪيشن جي اسٽيبلشمينٽ پنهنجا پاپ گناھ سڀ جا سڀ اُستادن جي مٿي ۾ هڻي پاڻ اڃا وڌيڪ ڪرپشن ۽ مزن ۾ آهي.گهوسٽ ٽيچر کي ڀلي چوڪ تي گولي هڻو پر اُن سان گڏوگڏ اُن جي بيٽ آفيسرن)سپروائيزر(،ايس ڊي او،اِي ڊي او،ڊائريڪٽر ۽ باقي آفيسرن کي بہ گولي هڻو.سُڀاڻي سو ڪالڊ ايجوڪيشن سڌارڻ وارا اُٿيايندا ۽ چوندا تہ سنڌ ۾ صحت جو مسئلو انڪري آهي جو ڊاڪٽر گهوسٽ آهن،امن امان جو مسئلو انڪري جو سپاهي بدمعاش آهن،سنڌ جي ايجوڪيشن کي سڌارڻ لاء سرگرم ٿيندڙ ماڻهو سڀ جا سڀ اُستاد کي پادر هڻڻ لاءِ سنڀريا بيٺا هوندا.ِياد رکو سنڌ ماڻهو استادن کي تعليم جو ڪارو قرار ڏيئي انهن کي چوڪ تي پادر هڻندا.اُهي سنڌي جن پنهنجا نڪما سوٽ ماسات ڀاڻيجا ڀائيٽا تعليم کاتي ۾ ڀرتي ڪرايا تن کي تعليم جو ڏُک آهي جو اُهي اڄ استاد کي وچ بازار ۾ گهوسٽ جو ٽائيٽل ڏيئي جوتا هڻڻ جي تياري ڪري رهيا آهن.سُڀاڻي ڊاڪٽرن جو وارو ايندو پوءِ اين جي اوز وارا ٽارگيٽ ٿيندا.۽ جيڪو بہ سماجي طرح ڪمزور هوندو اُهو اُهو ھنن جاهل پيداگيرن جو شڪار ٿيندو.
    [​IMG]
    منھنجي خيال م تعليم جي ھن حالت کي ڪير ڪجھ بہ نٿو ڪري سگھي. سنڌ جي سول سوساۂٽي ڀلي پرو ايجوڪيشن اسٽبلشمنٽ ٿي استادن تي گار جي ڏرڻي لاھي انھن کي آفيسر شاھي جي اميدن تحت ٽيچرس کي چؤڪ تي جوتا ھڻي ( جنھن لاء اھا تياري مڪمل آھي) پر ھي صورتحال تبديل ناھي ٿيڻي. ھي صورت حال رڳو ٽيچرز جي ڪنھن مخصوص انگ جي غير حاضري جي ڪري پيدا ناھي ٿي. سنڌ جي ان سول سوسائٽي جي تنظيمن جا ٻار تہ پراۂيويٽ اسڪولس م پڙھڻ ٿا. سرڪاري اسڪولن جي تباھي تي چيخندڙ ميڊيا مۂنز جا ٻار بہ شھرن جي سرڪاري ادارن م نٿا پڙھن نہ ۂي ان تعليمي بيوروڪريسي ڪريسي ان لاء پابند آھي . تعليمي نظام جي ھي طبقاتي تقسيم جاري رھڻي اھي ـھاري مزدور. ريڙھي ـ رڪشا. ھٽ واري. بيري. موچي. لوھار ڪنڀار جي ٻارن لاء اھي اسڪول رھندا اھا ۂي تعليم رھندي ...
    [​IMG]

    سنڌ جي تعليم.سڌارڻ جي دعويٰ ڪندڙ سول. سياسي سوساۂٽي کي اھو معلوم اھي تہ منھنجي ڪاليج م شاگرد ڪيترا اھن؟ استاد ڪيترا اھن؟ اھو ڪاليج ڪڏھن کان اھي ان جي تاريخ ڇا آھي؟ ان جہ سالياني رزلٽ ڇاھي؟ان جي بجيٽ ڪيتري آھي؟ شاگردن جا مسۂلا ڪھڙا آھن؟ بجلي ـ پاڻي ـ واش روم بہ اٿن يا ناھي؟ ان ۂي سول سوساۂٽي کان پڇو تہ منھنجا اھي شاگرد ڪٿان ء ڪھڙن عذابن مان گذري ڪاليج پھچن ٿا؟ ان سول ء سياسي سوساۂٽي جي ويب ساۂيٽ تي اھي سڀ انگ اکر آھن يا نہ؟ يا انھن جي ويب ساۂيٽ ۂي ناھي؟
    ھي تہ فقط ھڪ سرڪاري ڪاليج بابت خيالن جي ڏي وٺ آھي ...پر سنڌ جي" تعليم سڌار پارٽين" ء شخصن وٽ تہ سنڌ جي ھر تعليمي اداري جي ڊيٽا ھجڻ گھرجي ...جنھن م.ماستر کانوٺي ان اسڪول ـ ڪاليج جي ذميوار ڊۂريڪٽر تاء جي معلومات ھجڻ گھرجي سچي ڳالھ اھا آھي جو ھنن وٽ پنھنجو ۂي رڪارڊ نہ ھوندو آھي. پندرھن ويھن سالن کان سنڌ م ڪم ڪندڙ سول سوساۂٽي جون تنظيمون سروي سميت سڀن پراجيڪٽن جا رڪارڊ ٻن ٽن سالن کان پوء ضايع ڪري ٿيون ڇڏين .سياسي تنظيمن وٽ ويھن سالن جو اھو اخباري ـ مۂڳزينن جو رڪارڊ بہ نہ ھوندو آھي جنھن قيادتن جا بيان. سنڌ جي سنجيدہ موضوعن تي مواد. جدوجھدن جو حرف بہ حرف ڇپيل رڪارڊ ھجي. ء اھو انٽرنيٽ تي بہ موجود ھجي . مطلب تہ سڀاڻي ڪير اچي تنظيم يا پارٽي بابت بہ ريسرچ ڪري تہ ڪل خير لڳل ھوندو ..
    انھن کي ڪھڙي خبر تہ ڪراچي م سنڌي ميڊيم اسڪولن جي ستياناس ڪيۂن ٿي؟ يا سنڌ م محمد خان جوڻيجي جي دور کان آڱوٺي ڇاپ ماڻھن جي تعليمي ادارن م ڀرتي جي شروعات ڪيۂن ٿي؟ ڀلا ٻيو تہ ٺھيو سنڌ جي تعليم لاء فڪرمند پارٽين وٽ ڪا ايجوڪيشن ونگ آھي ڀلا جيڪا وھي سنڌ جي تعليم تي چوويھ ڪلاڪ نظر رکي؟. حقيقت م تعليم بابت ھو خود ڪليۂر ناھن. ھنن ويچارن جو ايترو ويزن ۂي ڪونھي ...ھرڪو چوندو وتي تہ پ پ پ جي سرڪار تعليم تباھ ڪري ڇڏي ـ برابر پ پ پ جو ان تباھي م حصو پتي وڏو ٿي سگھي ٿو پر جيڪا تسلسل م سڀني حڪومتن تباھي ڪۂي اھي اھا تہ جنرل ايوب جي دور کان ھلي ٿي ...ڪڏھن ڪنھن اھو سوچيو ء چيو تہ ارباب رحيم ٿر ء تر جي وڏيرن کي ڪيترا اسڪول اوطاق طور گفٽ ڪيا؟ ​
    [​IMG]
    ". ..ھي دڦ تي بندوق ھڻڻ يا دڦ تي تعليمي لانگ ـ شارٽ مارچ ڪرڻ جو زمانو ناھي. ـ انگن اکرن ـ ڊيٽا ـ جو زمانو آھی .... ماڻھن تاء درست معلومات پھچڻ گھرجي. ڇا سنڌ جي سول يا سياسي سوساۂٽي وٽ انھن بند پيل اسڪولن جا انگ اکر آھن جيڪي قباۂلي ء ذاتي دشمنين سبب بند ٿي چڪا اھن؟ضلعي اڪاؤنٽس افيسن طرفان انھن جعلي اڪاؤنٽس جي معلومات اٿن جيڪي "ماسترن" جي نالي م کوليا ويا اھن؟ ھنن وٽ تعليمي بورڊن کان وٺي تعليمي ٽيڪسٽ بوڪ بورڊ م ٿيندڙ انڌير ننگرين جي ڪا اھڙي معلومات بہ اھي جنھن جو سڌو سنۂون واسطو تعليم.سان اھي؟ ڀلا سنڌ م انھن پراۂيويٽ اسڪولن جي ۂي خبر اٿن جيڪي سرڪاري اسڪولن ـڪاليجن جي بہ تباھي جا سبب بنجن ٿا ...؟ ھن سول سوساۂٽي کي ان لاء ڪير پابند بناۂي تہ پنھنجا ٻار سرڪاري اسڪولن م.پڙھاۂن؟ يا سنڌ جي سرڪاري ملازمن کي بہ ان ساڳي ڳالھ لاء ڪير پابند بناۂيندو؟ ھي جيڪا سول سوساۂٽي بند سرڪاري اسڪول ـ غير حاضر ماسترن وارا مسۂلا کڻيو ويٺي آھي انھن مان اڪثريت جا ٻار تہ پراۂيويٽ اسڪولن م.پڙھندا آھن ... ان ۂي سول سوساۂٽي جا ايڪٽيوسٽ سال م ھڪ ڀيرو بہ پۂرينٽس ـ ٽيچرس جي گڏجاڻي م اچڻ لاء تيار بہ ھجن ٿا يا نہ ؟ يا اھي گڏجاڻيون ڪوٺاۂڻ لاء سرگرم.رھن ٿا...؟سنڌي م چوندا آھن تہ" ڪنڊو لڳو پير م ـ کوٽجي پيو گوڏو " سو ھي ھمراہ بہ اھڙي خير جي ڪم.کي لڳا پيا آھن جھڙو خير جو ڪم انھن ٻن شاگردن ڪيو ھو جن کان استاد پڇيو تہ اوھان اڄ ڪھڙو نيڪي جو ڪم ڪيو؟ تہ شاگردن چيو تہ" ساۂين! نيڪي جي ڪم طور اسان ھڪ انڌيِء پوڙھيِء عورت کي اھو رستو بہ پار ڪرايو جيڪو رستو پوڙھيءِ پار ڪرڻ ۂي نٿي چاھيو"​
    حفيظ ڪنڀرجي ٽائيم لائين تان ورتل.
     
    3 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  2. شعيب محمد وسڻ

    شعيب محمد وسڻ
    فعال رڪن

    شموليت:
    ‏28 نومبر 2014
    تحريرون:
    35
    ورتل پسنديدگيون:
    61
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    68
    ڌنڌو:
    وفاقي اداري ۾ اسٽينو
    ماڳ:
    ماروئڙا ويجهو ڊائو يونيورسٽي
    تمام بهترين ادا
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو