• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

ايوب کوسو ضروري ته ناهي -- ايوب کوسو

سجاد علي چنا

سينيئر رڪن
انتظامي رڪن
ٽيڪنيڪل اسسٽنٽ
ضروري ته ناهي ضروري ته ناهي،
جو وڇڙڻ لئه ڪو بهانو به گهرجي!
وسارڻ لئه ڪوئي فسانو به گهڙجي!
ضروري ته ناهي جو سانجهيءَ جي ويلي،
ڪنهن ڏيئي جي ويجهو اداسيءَ ۾ ويهي،
پَني جي چپن تي هِي لکجي ته جانان،
ها توکان سواءِ اڌورو مان آهيان!
۽ لکجي ته مونکي ڀنل شام ٽاڻي،
گهڻو ياد ايندي، ها ايندي تون آهين!
ضروري ته ناهي جو ساحل تي وڇڙي،
وري ڪنهنجي پيرن جي خوشبوءَ جو پُڇجي!
۽ آڌي جو تنها ٿي رستن تي رُلجي!
ضروري ته ناهي ضروري ته ناهي!
جو دل جي شهر جي سڄي هيڪلائي،
ستارن جي دل کي ٻڌائي به ڇڏجي!
ضروري ته ناهي جو پاڳل هوا کان،
کِلي ڪنهن جي زلفن جا احوال وٺجن!
ٿُڪي پنهنجي رَت کي رڳو خواب اُڻجن،
کڻي يادگيرن جا خيما اُڌارا،
ٿڌين موسمن ۾ ٿڌا ساهه کَڻجن!
ضروري ته ناهي ضروري ته ناهي!
جو وڻجاري قدمن جي ڪنولن تي سوچي،
گلابن جو پتيون هٿن ساڻ ميڙي،
ٻه ٽي لُڙڪ هاري ڪتابن ۾ رکجن،
ڊگها درد مَن جي اکين ساڻ ٻکجن!
۽ الڪن جي ڪاري ايامن جي بَرَ ۾،
رڳو نيڻ اُگهجن، رڳو لفظ گُهٽجن،
او ڍوليا او جانم! ضروري ته ناهي،
جو ماڻهو اجايو پٿر تي نسورو،
کڻي خاص موسم جي آرن ۾ وڇڙي،
۽ وڇڙڻ لئه ڪوئي بهانو به گهڙجي،
گهڻي دير تائين ٿِي سگريٽ سَڙجي،
او دلبر پيارا ضروري ته ناهي.

--
ايوب کوسو -- گلابن جو ڪفن
 
ﺿﺮﻭﺭﻱ ﺗﻪ ﻧﺎﻫﻲ
ﺿﺮﻭﺭﻱ ﺗﻪ ﻧﺎﻫﻲ،
ﺟﻮ ﻭﮀڙﮠ ﻟﺌﻪ ڪﻮ ﺑﻬﺎﻧﻮ
ﺑﻪ ﮔﻬﺮﺟﻲ!
ﻭﺳﺎﺭﮠ ﻟﺌﻪ ڪﻮﺋﻲ ﻓﺴﺎﻧﻮ
ﺑﻪ ﮔﻬڙﺟﻲ!
ﺿﺮﻭﺭﻱ ﺗﻪ ﻧﺎﻫﻲ ﺟﻮ
ﺳﺎﻧﺠﻬﻲﺀَ ﺟﻲ ﻭﻳﻠﻲ،
ڪﻨﻬﻦ ڏﻳﺌﻲ ﺟﻲ ﻭﻳﺠﻬﻮ
ﺍﺩﺍﺳﻲﺀَ ۾ ﻭﻳﻬﻲ،
ﭘَﻨﻲ ﺟﻲ ﭼﭙﻦ ﺗﻲ ﻫِﻲ
ﻟﮑﺠﻲ ﺗﻪ ﺟﺎﻧﺎﻥ،
ﻫﺎ ﺗﻮﮐﺎﻥ ﺳﻮﺍﺀِ ﺍﮄﻭﺭﻭ
ﻣﺎﻥ ﺁﻫﻴﺎﻥ!
۽ ﻟﮑﺠﻲ ﺗﻪ ﻣﻮﻧﮑﻲ ﭜﻨﻞ
ﺷﺎﻡ ٽﺎﮢﻲ،
ﮔﻬﮣﻮ ﻳﺎﺩ ﺍﻳﻨﺪﻱ، ﻫﺎ
ﺍﻳﻨﺪﻱ ﺗﻮﻥ ﺁﻫﻴﻦ!
ﺿﺮﻭﺭﻱ ﺗﻪ ﻧﺎﻫﻲ ﺟﻮ
ﺳﺎﺣﻞ ﺗﻲ ﻭﮀڙﻱ،
ﻭﺭﻱ ڪﻨﻬﻨﺠﻲ ﭘﻴﺮﻥ ﺟﻲ
ﺧﻮﺷﺒﻮﺀَ ﺟﻮ ﭘُﮁﺠﻲ!
۽ ﺁﮄﻱ ﺟﻮ ﺗﻨﻬﺎ ﭤﻲ
ﺭﺳﺘﻦ ﺗﻲ ﺭُﻟﺠﻲ!
ﺿﺮﻭﺭﻱ ﺗﻪ ﻧﺎﻫﻲ
ﺿﺮﻭﺭﻱ ﺗﻪ ﻧﺎﻫﻲ!
ﺟﻮ ﺩﻝ ﺟﻲ ﺷﻬﺮ ﺟﻲ
ﺳﭵﻲ ﻫﻴڪﻼﺋﻲ،
ﺳﺘﺎﺭﻥ ﺟﻲ ﺩﻝ ﮐﻲ
ﭔﮅﺍﺋﻲ ﺑﻪ ﮀڏﺟﻲ!
ﺿﺮﻭﺭﻱ ﺗﻪ ﻧﺎﻫﻲ ﺟﻮ
ﭘﺎﮘﻞ ﻫﻮﺍ ﮐﺎﻥ،
ﮐِﻠﻲ ڪﻨﻬﻦ ﺟﻲ ﺯﻟﻔﻦ ﺟﺎ
ﺍﺣﻮﺍﻝ ﻭﭠﺠﻦ!
ﭤُڪﻲ ﭘﻨﻬﻨﺠﻲ ﺭَﺕ ﮐﻲ
ﺭﮘﻮ ﺧﻮﺍﺏ ﺍُﮢﺠﻦ،
ﮐﮣﻲ ﻳﺎﺩﮔﻴﺮﻥ ﺟﺎ ﺧﻴﻤﺎ
ﺍُﮄﺍﺭﺍ،
ﭤﮅﻳﻦ ﻣﻮﺳﻤﻦ ۾ ﭤﮅﺍ
ﺳﺎﻫﻪ ﮐَﮣﺠﻦ!
ﺿﺮﻭﺭﻱ ﺗﻪ ﻧﺎﻫﻲ
ﺿﺮﻭﺭﻱ ﺗﻪ ﻧﺎﻫﻲ!
ﺟﻮ ﻭﮢﺠﺎﺭﻱ ﻗﺪﻣﻦ ﺟﻲ
ڪﻨﻮﻟﻦ ﺗﻲ ﺳﻮﭼﻲ،
ﮔﻼﺑﻦ ﺟﻮ ﭘﺘﻴﻮﻥ ﻫﭥﻦ
ﺳﺎﮠ ﻣﻴڙﻱ،
ﭔﻪ ٽﻲ ﻟُڙڪ ﻫﺎﺭﻱ ڪﺘﺎﺑﻦ
۾ ﺭﮐﺠﻦ،
ڊﮔﻬﺎ ﺩﺭﺩ ﻣَﻦ ﺟﻲ ﺍﮐﻴﻦ
ﺳﺎﮠ ﭔﮑﺠﻦ!
۽ ﺍﻟڪﻦ ﺟﻲ ڪﺎﺭﻱ ﺍﻳﺎﻣﻦ
ﺟﻲ ﺑَﺮَ ۾،
ﺭﮘﻮ ﻧﻴﮡ ﺍُﮔﻬﺠﻦ، ﺭﮘﻮ
ﻟﻔﻆ ﮔُﻬٽﺠﻦ،
ﺍﻭ ﮂﻭﻟﻴﺎ ﺍﻭ ﺟﺎﻧﻢ!
ﺿﺮﻭﺭﻱ ﺗﻪ ﻧﺎﻫﻲ،
ﺟﻮ ﻣﺎﮢﻬﻮ ﺍﺟﺎﻳﻮ ﭘﭥﺮ
ﺗﻲ ﻧﺴﻮﺭﻭ،
ﮐﮣﻲ ﺧﺎﺹ ﻣﻮﺳﻢ ﺟﻲ
ﺁﺭﻥ ۾ ﻭﮀڙﻱ،
۽ ﻭﮀڙﮠ ﻟﺌﻪ ڪﻮﺋﻲ ﺑﻬﺎﻧﻮ
ﺑﻪ ﮔﻬڙﺟﻲ،
ﮔﻬﮣﻲ ﺩﻳﺮ ﺗﺎﺋﻴﻦ ﭤِﻲ
ﺳﮕﺮﻳٽ ﺳَڙﺟﻲ،
ﺍﻭ ﺩﻟﺒﺮ ﭘﻴﺎﺭﺍ ﺿﺮﻭﺭﻱ
ﺗﻪ ﻧﺎﻫﻲ.
--
ﺍﻳﻮﺏ ﮐﻮﺳﻮ -- ﮔﻼﺑﻦ
ﺟﻮ ڪﻔﻦ
 
Back
Top