مذهب قديم زماني جو هڪ اهڙو سوشل ادارو آ جنهن سان پورو معاشري جو ڪار وهنوار هلائي سگهبو هو، ان ڪري مذهب ۾ قانون،سياست،سائنس،اخلاقيات، سميت ڪيترن ئي علمن جي ضرورت رهندي هئي،مذهبي اڳواڻ ڪيترائي قائدا قانون علم مختلف گمنام مفڪرن کان حاصل ڪري مذهب م شامل ڪري ڇڏيندا هيا ۽ پوءِ جڏهن مذهبي اڳواڻن جي زندگين جو انت ٿيندو ويو ته سندن عقيدتمندن مذهب کي ناقابل تبديل بڻائي ڇڏيو، وقت جي تبديلي ۽ هر نئين سج جو نئون نياپو نئون جديد علم سرجيندو رهيو مذهب کان ٽٽي جديد علم اسڪولن ڪاليجن ۽ يورنيورسٽين ۾ جمع ٿيندو ويو اهڙي ريت علم آهستا آهستا مذهب کان جدا ٿي ويو،،،،،،،، ڪجهه وقت بعد مذهب فقط فرسودا ريتن رسمن ۽ مدي خارج قانونن جو مجموعو بڻجي رهجي ويو،،،،،،،،، اڄوڪي دور ۾ فرسودا مدي خارج ۽ وحشياڻي دور جي قانونن جا حمايتي جڏهن اهڙا قانون زبردستي معاشري مٿان مڙهن ٿا ۽ پوءِ جيڪڏهن ڪو معاشرو کين اهڙي قانون کي رد ڪري ٿو ته ساڳائي مذهبي جنوني ماڻهون مذهبي نظريي کي انسانيت کان مٿانهون ڀائيندي سماجي ترقي ۽ ڪاميابي جا دشمن بڻجي مختلف طريقن سان معاشري ۾ بگاڙ پيدا ڪندا رهن ٿا،اهڙين ئي حالتن کان بيزار ٿي دنيا جي ترقي يافتا ملڪن انهن ماڻهن کي گهٽين رستن بازارون مان پڪڙي کين عبادتگاهن تائين محدود ڪري ڇڏيو اهڙي فيصلي بعد اڄ اهي قومون دنيا جي گولي تي ترقي خوشحالي ۽ ڪاميابين جون ڊگهيون منزلون طئي ڪري چنڊ تي پهچي چڪيون آهن مگر اڄ به اسين مذهب ڪتابن مٿان خوردبيني رکي سائنس ڳولهڻ ۾ پورا آهيون. سائنس الفاظ هے اظهار هے ' هندسه هے. مذهب خاموشی کا نام هے.