• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    سنڌ سلامت جي انتظامي اي ميل تي روزانو پاسورڊ ري سيٽ ڪرڻ جون ڪافي درخواستون وصول ٿي رھيون آھن. جن تي خودڪار طريقي ذريعي اي ميل موڪلي رڪنن جا پاسورڊ ري سيٽ ڪيا پيا وڃن. ان باوجود ڪافي رڪنن کي پاسورڊ ري سيٽ ڪرڻ ۾ ڏکيائون اچي رھيون آھن. جيڪڏھن توھان سان پڻ ساڳيو مسئلو آھي تہ ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

sim card not from verizon جو حل ؟

ريحان ڪيريو

سينيئر رڪن
ادا اسان وٽ سمسنگ گليڪسي ايس 4 مبائل آهي ان ۾ هڪ مسئلو ٿي رهيو آهي، اهو هي آهي ته جيڏي مهل به مبائل کي کوليان ٿو ته، هي sim card not from verizon سامون لکيل ٿو اچي، هن کي اسٽاپ پڻ ڪيو آ پر مبائل بند ڪري کوليان ٿو ته ٻيهر اچيو ٿو وڃي، مهرباني ڪري مسئلو حل ڪندا،
 
اصل ۾ ڪجهه سيٽ نيٽورڪ جي سيٽنگ سان مطابقت ناهن رکندا .. ان ڪري جڏهن انهن کي نيٽورڪ مان ڪو خاص ڪم وٺڻ لاءِ سيٽ ڪجي يا سيٽنگ ۾ ڪا غلطي ڪري وجهجي ته اهڙا ايرر سامهون ايندا آهن..
خير توهان اهو ناهي ٻڌايو ته اهو ايرر توهان جي موبائيل تي نوٽيفيڪيشن بار ۾ ٿو اچي يا ڪا به ايپليڪيشن هلائيندي ٿو اچي...
جيڪڏهن اهو مسئلو نوٽيفيڪشن بار ۾ ٿو اچي ته نوٽيفيڪشن ۾ ايندڙ ان آپشن تي گهڻي کن هولڊ ڪندي آڱر دٻائي رکو.. توهان اڳيان ايپليڪيشن انفو جو آپشن ظاهر ٿيندو جنهن تي ڪلڪل ڪندي مطلوبا ايپليڪيشن جي معلومات تي اچي ۽ Force Stop تي ڪلڪ ڪريو .. اميد ته مسئلو حل ٿي ويندو.. تفصيل لاءِ هي وڊيو ڏسو..

جي مسئلو بار بار پاپ جو آهي ته هيٺين سيٽنگ تي اچو...

Settings > Apps > Application Manager > All apps > activation agent
هن ايپليڪيشن کي Force Stop ڪريو... ۽ فون ريسٽارٽ ڪريو..

جي مسئلو اڃان نه سلجهي ته settings/applications/applications manager/running پهچي all verizon apps ۽ activation agent کي آف ڪريو... ۽ فون ريسٽارٽ ڪريو..
اميد ته مسئلو باقي نه رهندو.. :)
 
ادا سامهون اسڪرين تي اهيو آپشن ٿو اچي ڪو اهڙو طريقو ٻڌايو ته هي آپشن بلڪل ڪئين ختم ٿيندو، جو ٻيهر اسڪرين تي نه اچي،
 
هميشه جي لاءِ ختم ڪرڻ لاءِ پهريان پنهنجو موبائيل روٽ ڪرڻو پوندو.
هڪ طريقو آهي اهو تمام جلد توهان سان شيئر ڪندس
 
Back
Top