ڪربلا جي شھيدن جي ياد ملھائڻ دوران جيڪب آباد ۾ قيامت صغرا جا منظر ٽي وي جي اسڪرين تي جئين ڏٺم اکيون ڀرجي آيو. تمام گھڻو صدمو محسوس ڪيم، ھن سانحي جي جيتري مذمت ڪجي گھٽ آ سانحي جيڪب آباد جي شھيدن جي گھرن ۾ يقنن ڪربلا جا منظر ئي ھوندا، جن جا پيارا ھن سانحي ۾ شھيد يا زخمي ٿيا، يزيدن جون ڪاروايون ملڪ جي مختلف علائقن ۾ مسلسل جاري آھن. سيڪيورٽي ادارا به الرٽ آھن، تنھن باوجود به “يزيدن جي ٽولي“ ڪامياب ٿيندي پئي وڃي. ڪٿي ته اسان جا ادارا لاپرواھي کان ڪم وٺن پيا. جنھن جي نتيجي ۾ دھشتگرد ڪامياب ٿي ٿا وڃن، ٻڌڻ ۾ آيو آھي ته جيب آباد سانحي کان اڳ ۾ سيڪيورٽي ايجنسين پوليس ۽ رينجرز کي آگاھ ڪيو ھو ته ٻه خودڪش بمبار جيڪب آباد ۾ داخل ٿي چڪا آھن، تنھن باوجود به نه ئي پوليس ڪجھ ڪري سگھي نه ئي رينجرز ھاڻي سوال اھو ٿو پيدا ٿئي ته آخر اسان جا ھي ٻه ادارا جن کي عوام جو محافظ سمنجھيو ويندو آھي ته اُھي محافظ ڇا ڪندا رھيا ، آخر ھو آھن ڪھڙي مرض جي دوا……… جو اڳواٽ اطلاع ڏيڻ باوجوجود جيڪب آباد جھڙي ننڍڙي شھر ۾ دھشتگرد ڳولي نه سگھيا، افسوس افسوس…………… اسان جا حڪمران اُنھن جي ڪھڙي ڳالھ ڪجي . جيڪي صرف نجي ٽي وي چينلن تي اشتھار ھلائڻ کي ئي پنھنجي ذميوراي سمنجھن ٿا. جيڪي ٽي وي تي اچي چون ٿا ته جيڪب آباد سانحي جي ذميواري طالبانن قبول ڪئي آھي ، ۽ ھڪ شھيد جي قيمت 2 لک رپيا لڳائي ان جي ڏيڻ جو نه نڀائڻ نڀائڻ وارو واعدو ڪري خاموشي سان کسڪي ويندا آھن افسوس افسوس ھاء افسوس سواء افسوس جي ٻيو ڪري به ڇا ٿو سگھجي.