• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

تو سوا ...

تو سوا جا ڪٽي حياتي سا سڄي سوري لڳي
باھ ٻري آ ساھ ۾ ۽ دل وري کوري لڳي


موت بي معنى آ مونلاءِ ،مان مَري جيئندو رهيس
پر جي آهي ڪو اجل،سا تنهنجي ڏُوري لڳي

آسَ تنهنجيءَ سان ٻَڌل، تون نه ايندين جو ٻُڌي
ٽٽندي ٽُڪرا ٿيندي، ساھَ جي ڏوري لڳي

مِيتَ پنهنجي سان ڪَٽِي ، ڪنهن ڪيڏي به زندگي
پَل لڳي يا پَهر ڪو ، پر زندگي توري لڳي

دل پياسو جيئن پَکِي ، ٿر ٻاٻِيهو ڪو هجي
يا گهٽيءَ ۾ ڪا روئندي ننڌڻڪِي ڇوري لڳي

تنهنجي نيڻن کان وٺي، تنهنجي نيڻن تائين بس
تنهنجي خادمَ جي حياتيءَ جي ڪَٿا پوري لڳي

سيد خادم سُبحان ڏاڏاهي
بُڪيرا شريف
skhadimdadahi@yahoo.com
 
Back
Top