محترم حضور بخش پنهور جن کي سنڌ سلامت تي ڀليڪار ڪجي ٿو... خوشي ٿي ته سنگت ۾ هڪ وڌيڪ قابل سنڌي ساٿي جو اضافو ٿيو...
سائين منهنجا توهان جي ڊيولپمينٽ سائيٽ جو ڦيرو ڀريو ته ڪمال حيرت منتظر ملي .. توهان ڪيترو نه خوبصورتي سان ڏکين شين کي سولائي سان ڪرڻ جا ليک موڪلي رهيا آهيو.. ساڳيا ليک عام سنڌين لاءِ جي پنهنجي مادري سنڌي ٻوليءَ ۾ به هجن ها ته سرهائي وڌي وڃي ها... پر يقينن بي انتها مصروفيت ڪري توهان ان طرف لاڙو نه ڪري سگهيا هوندو.. پر توهان کي اهو ٻڌائيندي خوشي پئي ٿئي ته ان ڪم جي کوٽ ئي سنڌ سلامت کي وجود ۾ آندو.. توهان کي پنهنجا اهي جاندار موضوع سنڌ سلامت تي سنڌيءَ ۾ ساٿين سان ونڊ ڪرڻ جي ان اميد سان دعوت ڏجي ٿي ته مايوس نه ڪندو...
گڏ توهان بطورِ ڊيولپر سنڌ سلامت کي ڪيئن ڏٺو ..؟ توهان جي ڪاٽو واڌو مشورن ۽ صلاحن جو انتظار رهندو...