چڳو مڙس

'ڪهاڻيون' فورم ۾ منير حيدر لغاري طرفان آندل موضوعَ ‏25 آڪٽوبر 2015۔

  1. منير حيدر لغاري

    منير حيدر لغاري
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏10 جون 2013
    تحريرون:
    5
    ورتل پسنديدگيون:
    7
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    353
    ڌنڌو:
    شاگرد
    ماڳ:
    شھدادپور ڀٽ شاھ
    چڳو مڙس
    ادا قربان جو ڳالهائڻ جو پنهنجو انداز آ، ڳالهـ بيان ڪرڻ ۽ مڃرائڻ سندس لاءِ کاٻي هٿ جو کيل آ ، پوءِ ڀلي صحيح هجي يا غلط !
    مٺا جي قربان جون ڳالهيون حقيقتن سان سان ملندڙ جلندڙ هونديون آهن تـ ٻيلي پوءِ قبول ڪرڻ ۾ ڪو هرج ناهي.
    “پپو جي هوٽل شام جو جڏهن گيراڪن کان خالي ٿيندي آهي تـ شعيب، قربان، راڻو ۽ جانو انهي کوٽ کي پورو ڪرڻ جو سبب بڻجندا هئا ۽ شايد انهن نوجوانن لاءِ پپو جي هوٽل جي انهي ڪنڊ کان علاوه ٻئي ڪا جڳهـ مناسب نـ لڌي هئي“قربان جي غير موجودگي ۾ ان متعلق شعيب ۽ راڻي جو بحث هلي رهيو هو، تـ مٿان قربان ۽ جانو بـ اچي پهتا.
    ڪنهنجون ٿا ويٺا گلائون ڪيو (جانو هوٽل ۾ داخل ٿيندي ئي پنهنجي مخصوص اسٽائل ۾ رڙ ڪندي پڇيو)
    نـ ادا گلائون وري ڇا جون مڙئي پَئَي ماني هضم ڪئي سين خبر تـ اٿئي ائين اسانجي ماني بـ هضم ڪانـ ٿئي، ”راڻي وراڻيو”
    بابا ڀلي ڳالهه آ ڊاڪٽرن جي محتاجي تـ ناهي ”قربان وراڻيو”
    “ ان تي سڀني هڪ ئي وقت ٽهڪ ڏنا ۽ پوءِ خاموشي ٿي وئي“
    جانو ويهڻ سان ئي جست جي ڪٽ چڙهيل گلاس کي گھوريندي ۽ پاڻي جي خالي جڳ کي اونڌو ڪري هوٽل جي مالڪ وڏي پيار مان جوڻنس کي هڪ عدد سخن سان نوازيندي هڪل ڪيس.
    پپو ........او پپو ! يار تو جھڙي ڪا پپو چانهن جا ڪي چار ڪوپ موڪل ۽ ها چانهن مهرباني ڪري ڦڪي هجي کنڊ ۽ چڳو مڙس ساڻ کڻي اچ. “جانو وراڻيو“
    چڳو مڙس! “شعيب حيرت منجهان پڇا ڪئي“
    ادا چڳو مڙس معنٰي چمچو (جانو مسڪرائيندي جواب ڏنو)
    “ پپو جي ڪمزور هوٽل جي زبون ڀتين سان جڏهن انهن جا زوردار ٽهڪ ٽڪرايا تـ پپو حيرت مان ڪڏهن چئو يارن جي چوڪڙي کي تـ ڪڏهن پنهنجي هوٽل جي ٿوڻين کي ڏسڻ لڳو هوٽل سان گڏ سندس ٽنگون بـ ائين ٿڙڪڻ لڳيون ڄڻ تـ ڪو سيئي بخار جو مريض هجي“
    چوين تـ سچ ٿو سڌي ماڻهو جي ڪا حيثيت ناهي رهي اڄڪلهـ چمچاگري جو بازار گرم لڳو پيو آهي، “قربان وراڻيو“
    اهو وري ڪئين ؟ “شعيب وراڻيو“
    قربان: جتي ڏس چمچي ماڻهو جي اصل ڳولا پئي هلي، ۽ ڏسو نــ چمچو ماڻهو، سوري “sorry “ چڳو مڙس ڪئين نـ پنهنجن سمورين صلاحيتن کي آزمائيندي مداري واري طرز سان ماڻهو لاءِ معتبر ۽ ڀروسي جوڳي دوست توڙي سڄڻ واري حيثيت حاصل ڪيو وڃي، چڳي ڀلو ماڻهو بـ کڻي ڏسو تـ سندس خوشامندي ۾ رڌل نظر ايندو، پوءِ ڀلي اهو چڳو مڙس سندس پٽڪي جا وَرَ ڪٽيندو رهي.
    باقي شريف ۽ سڌي ڳالهـ ڪرڻ واري شخص جي حيثيت ڪنهن کان لڪل ناهي. اهو اسان لاءِ ڀاڙيو مڙس يا ناڪارا يا وري ڪنهن نـ ڪم جو ٿيو وڃي، ڇاڪاڻ تــــــ ان وٽ نيڪ نيتن ۽ دلي احترام ۽ حقيقي ڏيکاءُ توڙي خلوص کانسواءِ ڪجهـ بـ ناهي هوندو، ۽ ٻئي پاسي وري هرو ڀرو واري واه واه، خلوصن ۽ نيڪ نيتي وارن روين کان وانجھيل اجائي واکاڻ، وڻائڻ ۽ پڏائڻ واري مرلي چڳي ڀلي ماڻهو جو بـ ڌيان ڇڪايو وجھي ۽ ان جي منگھڙت طلسماتي ڳالهين جي اثر هيٺ اچي ان جو مداح ٿيو وڃي ۽ پوءِ ان جي اعتماد جي حد اها هوندي آهي جو سندن پيرن هيٺيان زمين کسڪائڻ ۽ پوءِ سنڀالڻ وارا ارادا محسوسيات کان پري هوندا آهن.
    مان اوهانجي ڳالهـ سان مطئمن آهيا مٺا قربان! پر ائين بـ ناهي جئين اوهان سوچيو ٿا اسان جي معاشري جو مهانڊو اهڙو بـ ناهي جهڙو اوهان پيش پيا ڪريو اوهان ضرور جذبات جي اونهائين جي اثر هيٺ اچي اها ڳالهـ ڪئي آهي. سچو ۽ سڌو ماڻهو اڄ بـــ اسان جي معاشري ۾ حيثيت رکي ٿـو پنجئي آڳريون برابر بـ ناهن ڪي ڪي ماڻهو مڙس ماڻهو واري اک بـ رکن ٿا ۽ چڳي ڀلي لوسي لپاٽي، جي پرک بـ رکن ٿا. “شعيب وراڻيو“
    سهڻا اوهان بيشڪ پنهنجي جاءِ تي صحيح آهيو پـــر ڀـــــاءُ قربان جو مطلب اهو هرگز ناهي تـ سفا اونداه ٿي وئي آهي پر انجي چوڻ جو مطلب جيتري حد تائين مونکي سمجھـ ۾ پيو اچي تــــــ اڪثر ماڻهن ۾ وري خاص طور تي اهي ماڻهو انهن جي وَر چڙهيل هوندا آهن جن منجهان اها اميد بـــ ناهي هوندي. “جانو وراڻيو“
    ادا ڳالهـ اميد جي ناهي بلڪ ڳالهـ آهي تـ وقت جي ضرورت جي ۽ اڄ جي وقت جي اها ضرورت آهي جو انکانسواءِ هتي سروائيو survive مطلب گاڏو هلائڻ ڏکيو ٿيو وڃي هر شئ جا معيار مٽجي ويا آهن ڏوهاري مڙس ماڻهو ٿي پيو آهي شريف بزدل تـ سچو ۽ سڌو ماڻهو بيوقوف ٺڳ وري چالاڪ ۽ قابل اعتبار سمجھيو پيو وڃي............. سو هاڻي ڪير چوندو تـ آئون بزدل، بيوقوف......................
    سو ادا هر ڪو آهي چالاڪ سڏرائڻ، عقل مند ۽ مڙس ماڻهو ٿيڻ واري ڊوڙ ۾، باقي رهي خدا اٻوجھ مسڪين مخلوق جيڪا آهي سدائين ڌڪن ۽ ٿاٻن ۾.
    راڻا صحيح ٿو چوين، ڏس نـ جي آئون پنهنجو ئي مثال کڻي وٺان تـ سـچ پـــــچ ڪڏهن ڪڏهن منهن سڄائڻ، هرو ڀرو واري آڪڙ، ڪوڙي انا، ٺڳين جي ٺاه، مصنوئي معتبري واري نمائش، جي ضرورت محسوس ڪرڻ لڳندو آهيان ۽ جڏهن ائين ڪندو آهيان تـ ڪجھ گھڙين لاءِ ئي سهي مونکي منهنجو ضمير ملامت ضرور ڪندو آهي پر اتي ماڻهن جي ميڙ ۾ آئون پنهنجي حيثيت ضرور ٺاهي وٺندو آهيان، ۽ ان کانسوءِ جائز عزت ملڻ ناممڪن آ.
    تھوڑا مومن، تھوڑا منافق ہوں،
    میں بھی ماحول کہ مطابق ہوں۔
    واه جانو واه ڳالهـ تـ لک جي ڪئي اٿئي پر.............. قربان پنهنجي چانهـ اچي پوري ڪئي اٿس ۽ اوهان بـ بحث کي ڇڏيو ۽ پنهنجن پنهنجن ڪوپن ۾ چڳي مڙس جي مدد سان حسب ضرورت مٺاڻ وجھي پيو نـ شربت ڪري پئڻي پوندَوَ هاڻ پپو بـ انهن لڇڻن کان تنگ اچي وري چانهـ گرم ڪرڻ کان اصل جواب ڏيئي ڇڏيو اٿس. قربان تـ ڦڪي بـ پيو وڃي اسان جي نڙي مان سرڪ بـ ڪانـ لنگھي “شعيب وراڻيو“
    بلڪل مٺا قربان وراڻيو، جيڪڏهن اسان هڪ چانهن جو ڪوپ بـ چڳي مڙس کانسواءِ نٿا پئ سگھون تـ اسان پنهنجي جبل جيڏي حياتي چڳي مڙس کانسواءِ ڪئين گھاريندا سين سو ادا جانو اڄ کانپوءِ تون آهين اسانجو چڳو مڙس، ائين چئي قربان هڪ زودار ٽهڪ ڏنو ۽ سندس ساٿي پڻ انهن ٽهڪن ۾ ڀاڳي ڀائيوار ٿي ويا، پريان بيٺل پپو هڪ دفعو وري پنهنجو پاڻ ۽ ٿوڻين تي بيـٺل پنهنجي فائيو اسٽار هوٽل کي مليريا جي مريض وانگي مسڪين نظرن سان ڪنبندي ڏسڻ لڳو.
    منير حيدر
     
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  2. چانڊيو عبدالرحيم

    چانڊيو عبدالرحيم
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏21 سيپٽمبر 2015
    تحريرون:
    94
    ورتل پسنديدگيون:
    188
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    83
    ڌنڌو:
    زميندار
    ماڳ:
    ڪڙيو گهنور،ضلع بدين سنڌ
    ها ادا،هن وقت “BD“اليڪشن جو وقت لڳو پيو آھي، ۽ چڱن مڙسن جي لئي لڳي پئي آھي برابر
     
    منير حيدر لغاري هيء پسند ڪيو آهي.

هن صفحي کي مشهور ڪريو