ڪجهه مزاحيه رنگ

گل حسن لاکو

سينيئر رڪن
انڊو ۽ ڏنڊو…
استاد شاگرد کان پڇيو: انڊي ۽ ڏنڊي ۾ ڪهڙو فرق آهي؟
شاگرد: سائين! انڊو جسم جو اندريون پاسو گرم ڪندو آهي ۽ ڏنڊو ٻاهريون…!

نصيحت…
پيءُ پٽُ کي نصيحت ڪندي چيو: پٽ ڪڏهن به شادي نه ڪجانءِ.
پٽ: ها بابا! اوهان دلجاءِ ڪريو، مان پنهنجي اولاد کي به اها ئي نصيحت ڪندس…!

ٽي موالي دوست…
هڪ هنڌ ٽي موالي دوست اچي گڏ ٿيا. هڪ چيو: يار! جيڪڏهن ڪراچي جي سمنڊ ۾ باهه لڳي وڃي ته هيتريون مڇيون ڪيڏانهن وينديون؟ ٻئي چيو: اُهي هڪدم وڻن تي چڙهي وينديون! تنهن تي ٽئي چيو: يار! توهان ٻئي ته ڪي صفا چريا آهيو! مڇيون ڪي مينهون آهن جو وڃن تي چڙهي وينديون…!

انگريزي ترجمو…
استاد شاگرد کي؛ ڇوڪرا هن جملي جو انگريزيءَ ۾ ترجمو ڪر، ”ويهه ته ويهه، نه ته وڃ“.
شاگرد ڏڪندي جواب ڏنو: ”سِٽ ته سٽ، نه ته گو“…!
 
Back
Top