• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

پاڪستان جو نئون قومي ترانو

  • موضوع موڪليندڙ موضوع موڪليندڙ TAHIR SINDHI
  • شروعاتي تاريخ شروعاتي تاريخ

TAHIR SINDHI

سينيئر رڪن
پاڪستان جو نئون قومي ترانو
زرداري جي زمين شاد باد
بجلي اچي 8 گهنٽه بعد
تو نشان ڪرپشن عاليشان
ارض زرداريستان
شاد باد سنڌ رهي آباد
زرداري جي زمين جو نظام
اٽي گيس بجلي جو بحران
قوم ملڪ سڀ غرق
رحمان ملڪ راجا اشرف پائنده باد
مشرف پاڪستان کان فرار
پرچم ستاره وهلال
خون ۾ رنگيل سارو سال
وساريو پنهنجو ماضي شان حال
جان استقبال
سايو امريڪا جو سِرَ تي سوار
 
جواب: پاڪستان جو نئون قومي ترانو

سائين هن حالات موافق ترانو بالڪل ٺهڪنڊڙ آهي۔
 
جواب: پاڪستان جو نئون قومي ترانو

پر ڇا اهو ترانو ئي ڳائيندا رهنداسون ۔۔۔ جيتوڻيڪ اهو ترانو تيستائين ڳائجي جيستائين پاڪستان قائم آهي، پر الله ڪري ته جلد ڪو سهڻو ترانو سنڌ جو ڳائڻ شروع ڪجي، لطيف جي ڪا وائي ڳائجي، آزاد سنڌ جي شان ۽ شوڪت ڏسجي، سنڌ جي وفد کي بين الاقوامي اڳواڻن سان گڏ بيهي جيئي سنڌ چوندي ڏسجي ۔۔۔ وغيره وغيره ۔۔۔

دوستو! هٿ مٿي ڪيو ته سنڌ جي جان آزاد ٿئي ته ڪي حق ۽ سچ جون آذانون ڏجن ۔۔۔۔ اسين ڪنهن جا دشمن ناهيون، اسين ڪنهن کي پنهنجو مخالف نٿا ڄاڻون، بس وقت جي وهڪري ۾ ڪجهه قومون اسانجي سامهون سامراجي روپ اختيار ڪري ويٺيون آهن، اچو ته انهن کي پنهنجي اصليت ڏيکاريون ۽ سنڌ جو مان ۽ شان وڌايون ۔۔۔۔

دوستو! رب اهو ڏينهن ضرور آڻيندو ۔۔۔ ضرور آڻيندو ۔۔۔ ضرور آڻيندو۔ انشاء الله
 
جواب: پاڪستان جو نئون قومي ترانو

سائين هي ترانو منهنجي خيال ۾ ته ڪنهن ٻي ٻوليءَ ۾ ٺهيل آهي تنهن ڪري ته - - - - - - - - - - - - - - - - - - - - - -
 
جواب: پاڪستان جو نئون قومي ترانو

سائين هي ترانو منهنجي خيال ۾ ته ڪنهن ٻي ٻوليءَ ۾ ٺهيل آهي تنهن ڪري ته هن ۾ معاف ڪجو زرداري سان گڏ سنڌين جي خلاف به جذبات آهن

ادا اسد مهرباني ڪري ٻڌائيندا ته ان ۾ سنڌ خلاف ڪهڙا جذبات آهن ؟
 
جواب: پاڪستان جو نئون قومي ترانو

ادا اسد مهرباني ڪري ٻڌائيندا ته ان ۾ سنڌ خلاف ڪهڙا جذبات آهن ؟

معاف ڪجو ادا منهنجي پڙهڻ جي غلطي هئي۔۔۔۔ ڇا آهي جو جهوني فقير وانگر اسان به جهونا مست ٿيندا پيا وڃون
 
جواب: پاڪستان جو نئون قومي ترانو

معاف ڪجو ادا منهنجي پڙهڻ جي غلطي هئي۔۔۔۔ ڇا آهي جو جهوني فقير وانگر اسان به جهونا مست ٿيندا پيا وڃون

يار ٻيلي ڏاهو ٿي
ايڏو مستي ۾ نه اچ جو اسان کان ئي پري ٿي وڃين
مولا آباد ڪرَي
 
Back
Top