اليڪشن جي موسم

'مختلف موضوع' فورم ۾ صاحبڏنو شيخ طرفان آندل موضوعَ ‏27 آڪٽوبر 2015۔

  1. صاحبڏنو شيخ

    صاحبڏنو شيخ
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏25 آڪٽوبر 2015
    تحريرون:
    41
    ورتل پسنديدگيون:
    84
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    بلدياتي اليڪشن جي موسم
    هن وقت اسان سڀني تي ڏکيو وقت آهي
    سڄي ماحول تي اليڪشن جا ڪارا بادل ڇانيل آهن ڪٿي ماٺار ته ڪٿي گجگوڙ آهي 19 نومبر 2015 تي اسان جي ضلع بدين ۾ برسات متوقع آهي ڪهڙي گپَ ڃِڪَ ٿي ٿئي ان تي تبصرو بعد ۾ ڪنداسين پر لڳي ائين ٿو ته هن برسات ۾ به اڳوڻي جيان سڀ لُڙهي ويندا
    رهندو نالو الله جو
    ۽ سنڌ ۾ پيپلز پارٽي جو!
    اسين هيترين سارين اليڪشنس جي رزلٽ ڏسڻ کانپوءِ به حقيقت کي تسليم نٿا ڪريون ! ڇو ته اسان تسليم ڪرڻ سکيا ئي ناهيون .........................!
    بهرحال ذڪر پئي ڪيوسين حاليه بلدياتي اليڪشن جو .......... سو اُميد جو دامن ته ڪنهن به نه ڇڏيو آهي باقي اسان جي اُميدوارن حسبِ دستور پنهنجون روايتون برقرار رکندي ماڻهن جون ننڊون حرام ڪرڻ شروع ڪري ڇڏيون آهن روايتي انداز سان اهي ڪنهن کي به گَس تان لنگهڻ نٿا ڏين انداز انهن جا ساڳيا آهن جيڪي انهن جي وڏڙن جا آهن هٿ ٻڌي نوڙت ۽ رحم جوڳي انداز سان هرڪنهن کي چون ٿا ”بابلا توکي ڪونه ڇڏينداسين ڇا به ٿي پوي ڪنهن به صورت ۾ توکي ڪونه ڇڏينداسين گهر اينداسين چانهه به تنهنجي پيئنداسين سڄي محلي ۽ وارڊ ۾ تون ئي ته اسان جو آهين” جيستائين همراه ها نٿو ڪري ان جي قميص مان هٿ ڪڍڻ لاءِ تيار ناهن.
    اهي ئي ساڳيا اسانجا اُميدواراليڪشن کٽڻ کانپوءِ مُڇيون وَٽي اسان ووٽرن کي چوندا آهن ” توکي ڪنهن به صُورت ۾ ڪونه ڇڏيندس کڻي ڇا به ٿي پوي توکي اُتي ڇڏيندس جتي اڇا ڪانگ لَنون “
    سو اُميدوارن ۽ عوام جو هي رِشتو پُراڻو آهي زماننن کان هلندڙ آهي هلندو رهندو باقي عوام هن وقت آهي سُورن ۾ .................... !
    ڏسون ته اڳتي ڇا ٿو ٿئي؟
     
    6 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  2. صاحبڏنو شيخ

    صاحبڏنو شيخ
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏25 آڪٽوبر 2015
    تحريرون:
    41
    ورتل پسنديدگيون:
    84
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    مهرباني ڊيئر
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو